قومي اسيمبلي اجلاس دوران بجلي هلي وئي،پ پ ميمبرن جو لياري ۾ لوڊشيڊنگ تي احتجاج

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي ۾ اجلاس دوران بجلي هلي وئي جنهن سبب ايوان اونداهه ۾ ٻڏي ويو، پر ڪجهه ئي لمحن ۾ بجلي بحال ٿي وئي.قومي اسيمبلي جي ميمبرن ”لوڊ شيڊنگ نامنظور“ جا نعرا پڻ هنيا.اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير دوران ايوان جي بجلي اوچتو بند ٿي وئي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته سسٽم کي ري بوٽ ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو آهي، قومي اسيمبلي جو پنهنجو سولر سسٽم آهي ۽ بجلي اتان ايندي آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وياج جي خاتمي جو آواز گونجي ويو، مخالف ڌر وياج جي خاتمي لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،متحده جي مصطفيٰ ڪمال چيو ته معيشت کي وياج کان پاڪ ڪيو وڃي،پي ٽي آءِ جي علي محمد خان چيو ته وياج بابت مصطفيٰ ڪمال جيڪو ڪجهه چيو ان جي تائيد ڪريون ٿا، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اورنگزيب کي ناڻي وارو وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، پرڏيهي سيڙپڪار جڏهن ڏسن ٿا ته هن ملڪ ۾ آئين جي پاسداري ناهي ته اهي سيڙپڪاري نٿا ڪن، پنجاب ۾ ڪٿي به ماني 16 رپين ۾ نه ملندي، وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جواب ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايوان ۾ ايتريون جذباتي تقريرون ڪيون پيون وڃن، وياج بابت شريعت ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو وقت پنج سال آهي،جڏهن ته ڪراچي خاص ڪري لياري ۾ 16 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو معاملو پيپلز پارٽي جي ميمبرن پاران ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي توانائي واري وزير اويس لغاري اهو معاملو ڪي اليڪٽرڪ سان اٿارڻ جو يقين ڏياريو.شير افضل مروت چيو ته ايراني صدر جو دورو خوش آئند آهي، حڪومتي ترجمان جواب ڏئي ته گيس پائيپ لائين بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا لڳاتار گهٽجي رهيا آهن، ان ڪري پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي پابندين کي نظر ۾ نه رکيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.