مارشل لائن نظام تباهه ڪيو،ملڪ کي تجربي گاهه نه بڻايو

ڪراچي(رپورٽر) سڄاڻ ڌرين ۽ آئيني ماهرن چيو آهي ته ملڪ کي بار بار نون تجربن تباهه ڪيو آهي، نون صوبن بدران وفاقي وحدتن کي اختيار ڏيو ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو ته نظام ڪامياب ٿي ويندو. اڳوڻي سينيٽر شهيد اڳواڻ عثمان خان ڪاڪڙ جي پنجين ورسي جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پشتونخوا نيش عوامي پارٽي جي چيئرمين ۽ ايم اين اي خوشحال خان ڪاڪڙ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ گلزار سومرو، صديق آغا، سينيئر وڪيل حميد الله، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي صوبائي صدر صديق آغا، نظام خان ڪاڪڙ ۽ ٻين سياسي اڳواڻن، دانشورن، اديبن، وڪيلن ۽ صحافين خطاب ڪيو .اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته چون ٿا ته نظام فيل ٿيو آهي نوان صوبا ٺاهيو، نظام فيل انڪري ٿيو جو توهان بار بار مارشل لائون هنيون، توهان هن ملڪ ۾ 10 کان وڌيڪ حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جا تجربا ڪيا. صوبن جو ان سان ڪو به تعلق نه آهي.  پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي اها پراڻي خواهش آهي ته يونٽس ٺاهجن. ايڊمنسٽريٽر يونٽس کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿا ڪيون نه ئي ڪنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته شهيد عثمان خان ڪاڪڙ هڪ اصول پسند، بهادر ۽ جمهوريت پسند سياسي اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سموري حياتي آئين، جمهوريت، سويلين بالادستي، قومي حقن ۽ مظلوم طبقن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. هن چيو ته عثمان خان ڪاڪڙ جو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل نه هو پر اهو ملڪ ۾ جمهوريت ۽ مظلوم قومن جي آواز تي حملو هو. شهيد عثمان خان ڪاڪڙ پنهنجي آخري دم تائين مظلوم ماڻهن جي حقن، قومي برابري ۽ جمهوري قدرن لاءِ آواز اٿاريو. وسند ٿري چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل نون صوبن جي مهم ۾ نه پر آئين جي بالادستي، صوبن جي خودمختياري ۽ قومن کي پنهنجا بنيادي حق ڏيڻ ۾ آهي. ملڪ جي وحدت لاءِ ضروري آهي ته قومن جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي. هن چيو سنڌ هزارين سالن کان سنڌي عوام جو وطن آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ وطن جو تحفظ ڪندو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جا مهرا ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد، محسن نقوي، خواجه آصف، عامر محمود، محمود شام، پي ٽي آئي اڳواڻ بئريسٽر گوهر، فواد چوڌري، عمران اسماعيل، محمد علي دراني ملڪ دشمن مهم پيا ھلائن، هن چيو ته سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو آهي، اها دهشتگردي آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي تجربيگاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جنرل ايوب ون يونٽ مڙهي ملڪ جي سمورين قومن جي وجود کان انڪار ڪيو. قومن جي حقن تي ڌاڙو هنيو نتيجي ۾ 1971ع ۾ ملڪ ٽٽي ويو، هن چيو ته ملڪ جي ايڪائين ملڪ کي ٺاهيو ۽ حڪمرانن ٻه اڌ ڪيو. هن چيو ته ادارن جا ترجمان پنهنجو سرحدون سنڀالڻ وارو ڪم ڪن، صوبائي سرحدن ۾ ڦير ڦار واري ملڪ دشمن عمل کان پري رهن، ادارا پنهنجون آئيني حدون نه اورانگھين. ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ملڪ تي قابض قوتون سياسي اختلاف کي برداشت ڪرڻ بدران طاقت جو استعمال ڪن ٿيون، انهن ملڪ جي جمهوري بنيادن کي ڪمزور ڪيو آهي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن خلاف ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب جا حڪمران پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ جو پاڻي روڪي نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي رهيا آهن، پنجاب سرڪار رنجيت سنگهه ۽ انگريزن جي تربيت يافته هٿياربند جٿن جي زور تي سنڌ جو پاڻي بند ڪري ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي خوشحال خان ڪاڪڙ چيو ته عثمان خان ڪاڪڙ ملڪ ۾ جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ هڪ مضبوط آواز هو.  هن چيو ته شهيد عثمان خان ڪاڪڙ جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ ملڪ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like