بدين ۾ اوباشن يتيم نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو

بدين (ڊ ر) بدين ۽ ڀرپاسي معصوم ٻارن کي ورغلائي ۽ نشي جي حالت ۾ ڏاڍائي ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. ان ڏس ۾ بدين  شهر جيوارڊ 8 انڙ پاڙي جي رهواسي يتيم نينگر مهتاب پٽ سڪندر انڙ کي پاڙي جي ئي اوباش نوجوانن حنيف عرف ڪِل خاصخيلي ۽ يونس عرف يوني ڳنڀير مبينا طور نشي جي حالت ۾ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي نينگر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي علاج بعد کيس گهر روانو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نينگر پاران هنيل الزامن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.