جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، 10 شڪي گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو+ مهتاب ملڪ) جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن جي سرحدي علائقن ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد  سيد سليم شاهه جي نگراني ۾ جيڪب آباد ۽ ڪشمور پوليس جي وڏي نفري ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو، پوليس آپريشن دوران 10 کان مٿي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي  پوليس ڳوٺ محمد بنگلاڻي ۾ ڪارروائي دوران ڌاڙيلن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ساڙي ڇڏيا، آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون جديد مشنري سان پوليس شرڪت ڪئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاهه جو چوڻ آهي ته  جيڪب آباد پوليس سڄي ضلعي ۾ ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ  آپريشن ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.