ڪراچي (م ڊ) سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ايراني صدر جي آمد جي موقعي تي شهر جي ڪجهه علائقن ۾ موبائل سروس معطل ڪئي وئي. ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي خاص جهاز ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ پهتو، جتي سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر سندس آجيان ڪئي، بعد ۾ هن مزار قائد تي حاضري پڻ ڏني. ايراني صدر جي ڪراچي آمد کانپوءِ شهر جي ڪجهه علائقن خاص ڪري پراڻن علائقن ۾ 3 وڳي موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي جيڪا اڄ صبح 8 وڳي تائين معطل رهندي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي موجب ايراني صدر جي ڪراچي دوري دوران ڪجهه رستن تي موبائل فون سروس 3 وڳي معطل ڪئي وئي جيڪا اڄي صبح 8 وڳي تائين معطل رهندي. اهو قدم سڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ورتو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي ٻين علائقن ۾ موبائل سروس معمول موجب کليل رهي.