سنڌ حڪومت پاران 2 سئو ايڪڙ زمين پوڻن ٽن ڪروڙن ۾ڊي ايڇ اي حوالي

ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) وچ ۾ ملير جي 200 ايڪڙ زمين جي تڪرار جو نبيرو ٿي ويو ۽ ڊي ايڇ اي سپريم ڪورٽ ۾ زمين بابت داخل اپيل واپس وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس فائز عيسيٰ،  جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ڪئي. جتي ڊي ايڇ اي جي وڪيل لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ زمين بابت اپيل واپس وٺڻ بابت ٻڌايو. جنهن تي عدالت چيو ته هي پبلڪ پراپرٽي جو معاملو ڪيئن واپس وٺي سگهو ٿا، جنهن تي ڊي ايڇ اي جي وڪيل چيو ته ڪيس واپس وٺڻ جون هدايتون مليون آهن، مسئلو حل ٿي ويو آهي، جسٽس جمال مندوخل پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي رقم آهي، معاملو ڪيئن طئي ٿيو؟ ڇا ڊي ايڇ اي سنڌ حڪومت کي پئسا ڏنا؟ جڏهن ته روينيو بورڊ جي دعويٰ ڪروڙين رپين جي هئي ته سيٽلمينٽ ڪيئن ٿيو اهو ٻڌايو؟ ڊي ايڇ اي جي وڪيل جو موقف هو ته سنڌ حڪومت کي ملير جي مختلف ديهن ۾ 200 ايڪڙ زمين جي ٻه ڪروڙ 72 لکن جي ادائيگي ڪئي وئي هئي پر ملير ريور پروٽيڪشن آرڊيننس جي نالي تي زمين تي قبضو ڊي ايڇ اي کان واپس ورتو ويو هو ۽ سنڌ حڪومت 282 ايڪڙ متبادل زمين ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي. سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي اختيار جو حق استعمال ڪيو آهي، ڇو ته گهٽ قيمتي تي زمين الاٽ ٿي هئي. ڊي ايڇ اي وڪيل وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت نئين ريٽ موجب رقم جي گهر ڪئي. ڊي ايڇ اي سنڌ حڪومت جي لينڊ آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي ايڇ اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. ڊي ايڇ اي اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو پر هاڻ عدالت ڊي ايڇ اي طرفان درخواست واپس وٺڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.