ٺٽي مان گرفتار نوجوان پوليس تشدد ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو ڌرڻو، 4 اهلڪار معطل

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) پوليس پوسٽ جنگشاھي جي انچارج فيصل اعجاز پاران پنھنجي پوليس عملي سان گڏ گذريل رات جنگشاھي ويجھو ھاليچي لنڪ روڊ تي ڳوٺ غفور خاصخيلي ڀرسان ھڪ جوا جي اڏي  تي ڇاپو ھڻي 4 جوارين کي گرفتار ڪري پوليس پوسٽ جنگشاھي تي پھچايو، جتي شھباز سمون جيڪو دل جو مريض ھو، جنھن جي طبيعت خراب ٿي وئي ته کيس جنگشاھي جي سرڪاري اسپتال ۾ پھچايو ويو، جيڪو فوت ٿي ويو، ٻئي طرف فوتي شھباز سمون جي وارثن جنگشاھي پوليس تي الزام ھڻندي چيو اھي ته شھباز سمون کي ھاليجي ڳوٺ وٽان پوليس کڻي مٿس سخت تشدد ڪري کيس قتل ڪري لاش جنگشاھي اسپتال ۾ ڇڏي ڏنو آھي، جنھن جي موت جي ذميوار جنگشاھي پوليس آھي، جنھن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان شھباز سمون جي مبينا پوليس حراست ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس پوسٽ جنگشاھي جي انچارج فيصل اعجاز سميت ملوث پوليس عملي کي فورن سسپينڊ ڪري DSP سٽي ٺٽو وقار ميمڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري کيس جلد انڪواري ڪري رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ٻئي طرف جنگشاهي پوليس جي مبينا حراست ۾ فوت ٿيل ڳوٺاڻي شھباز سمون جي وارثن پاران سندس لاش ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھه مڪلي تي رکي سخت احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو، جتي مظاھرين وٽ احتجاج ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھه شيرازي ۽ ڊي ايس پي سٽي وقار ميمڻ جن پهچي ساڻن ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري توڙي ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. جنھن بعد فوتي شھباز سمون جي لاش جو پوسٽ مارٽم سول اسپتال مڪلي مان ڪرائڻ بعد لاش اندس وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جتي کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن پوليس اسٽيشن مڪلي تي فوتي شھباز سمون جي ڀاءُ ممتاز علي سمون جي فرياد تي گناهھ نمبر 77/2024 قلم V/S 302.147.149 ppc تحت جنگشاهي پوليس پوسٽ جي انچارج سب انسپيڪٽر فيصل اعجاز سميت 4 سپاهين منطور، پيرداد، الھرکيو ۽ ظفر پليجو خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، پر اڃان تائين پوليس ڪا به گرفتاري عمل ۾ آڻي ناھي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.