لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بيٽر جميما روڊريگز همسٽرنگ انجري سبب ”دي هنڊريڊ“ جي جاري ايڊيشن مان ٻاهر ٿي وئي آهي، جڏهن ته سائوٿرن بريو سندس جاءِ تي آسٽريلوي آل رائونڊر چارلي ناٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جميما روڊريگز جو سائوٿرن بريو سان 60 هزار پائونڊ ۾ سڌيءَ ريت معادو ٿيو هو ۽ هن ٽورنامينٽ ۾ ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پليئر رهي، هن 6 اننگز ۾ 143 رنسون ٺاهيون ۽ کيس ٻه ڀيرا ”پليئر آف دي ميچ“ قرار ڏنو ويو.
جميما جي انجري سائوٿرن بريو لاءِ وڏو نقصان قرار ڏني پئي وڃي، جيڪا 20 پوائنٽن سان ٽرينٽ راڪيٽس سان گڏ پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ آهي، ٽيم جون اڃا ٻه ميچون باقي آهن، جن ۾ مانچسٽر سپر جائنٽس ۽ ٽرينٽ راڪيٽس خلاف مقابلا شامل آهن.
سائوٿرن بريو جميما روڊريگز جي جاءِ تي آسٽريلوي آل رائونڊر چارلي ناٽ کي شامل ڪيو آهي، جيڪا 2024ع واري ايڊيشن ۾ پڻ ٽيم جو حصو رهي چڪي آهي.
جميما جي انجري ڀارتي ٽيم لاءِ به ڳڻتي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته وومينز ايشيا ڪپ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿي رهيو آهي.
انجري جي شدت بابت اڃا حتمي ڄاڻ سامهون ناهي آئي، تنهنڪري امڪان آهي ته کيس احتياط طور ”دي هنڊريڊ“ مان آرام ڏنو ويو هجي.
واضح رهي ته ڀارتي وومينز ايشيا ڪپ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات 30 آگسٽ تي دبئي ۾ ٿائيلينڊ خلاف ميچ سان ڪندو.
سائوٿرن بريو کي وڏو ڌڪ، جميما روڊريگز ”دي هنڊريڊ“ مان ٻاهر، چارلي ناٽ متبادل طور شامل
You might also like