پاڪستان، سعودي ۽ ترڪيه اتحاد تي ڀارت کي ڳڻتي ورائي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي ڀارت جو ردعمل سامهون اچي آيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جئسوال هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته ڀارت پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل مڪي گڏيل دفاعي ٺاهه تي نظر آهي.
هن چيو ته ڀارت ٽنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي جي اڳڀرائي جو گهري نظر سان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان معاملي تي ميڊيا کي وقت به وقت آگاهه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، جنهن تحت ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي هٿياربند حملو سڀني ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.

You might also like