دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي رسالي موجب نار ملڪن جا شاهوڪار خاندان وراثتي معاملن ۾ شريعت تحت پٽن ۽ ڌيئرن جي حصن ۾ موجود فرق کي گهٽائڻ لاءِ برطانوي قانون تحت وصيت ناما تيار ڪرائي رهيا آهن.
رپورٽ موجب، ڪجهه ماهرن ان لاڙي کي”شريعت لائيٽ‘“جو نالو ڏنو آهي، جنهن تحت خاندان برطانوي قانون ۾ موجود وصيت ٺاهڻ جي آزادي کي استعمال ڪندي پنهنجا اثاثا اولاد ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهائڻ چاهين ٿا.
برطانوي وڪيلن موجب، اهڙا خاندان به انهن قانوني رستن مان لاڀ ماڻي رهيا آهن، جن ۾ رڳو ڌيئرون آهن يا پٽن جي ڀيٽ ۾ ڌيئرن جو انگ وڌيڪ آهي ته جيئن سندن مستقبل ۽ خانداني دولت جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته نئين نسل ۾ وڌندڙ اولهه وارن لاڙن، منجهيل ازدواجي معاملن ۽ خطي ۾ سياسي ڇڪتاڻ پڻ خاندانن کي اثاثن ۽ جانشيني بابت بهتر منصوبابندي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، نار ملڪ به پرڏيهي شهرين لاءِ اولهه جي طرز جا قانوني نظام متعارف ڪرائي رهيا آهن، جن ۾ ابوظهبي ۾ طلاق لاءِ شريعت کان ڌار متوازي قانوني رستو پڻ شامل آهي.
نار ملڪن جا شاهوڪار ڪٽنب ملڪيت جي ورڇ بابت شرعي قانون کي پٺي ڏيڻ لڳا، عالمي ميڊيا جو انڪشاف
You might also like