رپورٽن موجب سنڌ ايمپلائز ايسوسيئشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مختلف سرڪاري کاتن جي ملازمن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ سرڪاري آفيسن جي تالابندي ڪندي بائيڪاٽ ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ڪمشنر آفيس، ڊي سي آفيس، مختياري ڪار، اي سي، سب رجسٽرار سميت سڀ آفيسون بند رهيون. ٽنڊو محمد خان ۾ تعليم کاتي، روينيو کاتي، پاپوليشن، ايريگيشن سميت مختلف کاتن جي سرڪاري آفيسن کي بند ڪري ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لمس جي استادن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو. ايئن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن جو به وهنوار بند رهيو.
اها رپورٽ ڪالهه عوامي آواز اخبار جي ليڊ اسٽوري هئي ۽ ان ليڊ هيٺيان ان اشوءَ تي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضيءَ جو بيان پڻ شايع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هن جيڪو ڪجهه به چيو آهي تنهن سان اسان متفق آهيون. ڪامريڊ امداد قاضيءَ ان بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ايمپلائيز الائنس ۾ شامل سڀني ادارن جي ملازمن جا سڀ مطالبا حق بجانب ۽ جائز آهن تنهن ڪري سنڌ سرڪار احتجاج ڪندڙ سڀني ادارن جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪري هن چيو ته حڪومت پاڻ غلط پاليسيون ٺاهي نه صرف ملازمن جي حق تلفي ڪري انهن جي لاءِ مسئلا پيدا رهي آهي پر سنڌ جي سڀني ادارن کي تباهه ڪري رهي آهي. ڪيترن ئي مهينن کان سنڌ جي صوبائي ادارن، تعليم ۽ صحت کاتي جي ادارن سميت ٻين ادارن جا ملازم پنهنجن جائز حقن ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن جدوجهد ڪري رهيا آهن پر واعدا ڪرڻ ۽ يقين ڏيارڻ باوجود حڪومت عملي طور تي نٽائي رهي آهي. ان ڪري ملازمن، انهن جي خاندانن ۽ شهرين ۾ سخت ناراضگي ۽ تشويش پيدا ٿي چڪي آهي. سو حڪومت ان سلسلي ۾ الائنس جي قيادت سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبن کي تسليم ڪري باقاعدي نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته زيادتي ۽ ضد ڪرڻ، طاقت جي استعمال ۽ گرفتارين سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي ٿي سگهن ٿيون.
اسان به ان خيال جا آهيون ته جن ادارن ذريعي هي ملڪ ۽ حڪومتون هلن ٿيون سي ۽ انهن ادارن ۾ڪم ڪندڙ ملازم ئي مسئلن جو شڪار هوندا ۽ ذهني طور پرسڪون نه هوندا ته اهي ڪم ڪيئن ڪندا. ٻيو ته ان ڳالهه تي به حيرت آهي ته سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ادارا بند هجن سرڪاري ملازم احتجاج طور ڪم نه ڪن ۽ حڪومت تي ان جو اثر ئي نه پئي ته پوءِ اها ڪهڙي حڪومت چئبي! جيڪڏهن سرڪاري ادارن جي تالابندي سان حڪومت جي صحت تي ڪو اثر ئي نه پوي ۽ ان جو نوٽيس ئي نه ورتو وڃي ته ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي لاءِ ڪيترو سنجيده آهي.
پهرين ڳالهه ته سڄي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ان نوعيت جي احتجاج ۽ بائيڪاٽ جي نوبت ئي نه اچڻ گهرجي ها ۽ حڪومت کي ان جو شديد احساس هئڻ گهرجي ها ته سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جو بند ٿيڻ حڪومت جي ڪارڪردگي جو بند ٿيڻ آهي يعني ٽيون ڏينهن سرڪاري ادارن ڪو ڪم نه ڪيو. اها صورتحال ڪا معمولي نه هئي پر حڪومت مٿان تمام وڏي چارج شيٽ هئي پر حڪمران کي ان جي ڪا پرواهه ئي نظر نه ٿي اچي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهن کي پنهنجي بري ڀلي جي به پروڙ ناهي، حڪمرانن کي بس حڪومت کپي. حڪومت جي جيڪا بنيادي ذميواري آهي تنهن سان کين ڪو سروڪار ئي ناهي. جيڪڏهن کين ان نوعيت جي ذميواري جو احساس هجي ها، ادارن جي تالابندي سان ٿيل نقصان جو ارمان هجي ها ته حڪمران فوري طور تي ان جو نوٽيس وٺي ايمپلائيز الائنسس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري کين اعتماد ۾ وٺي هنگامي بنياد تي سندن مسئلا حل ڪري ها يا حل ڪرڻ جو انهن کي ٽائيم فريم ڏي ها.
اسان جو اهو به خيال آهي ته اها حڪومت جي اولين ذميواري آهي ته اها سرڪاري ادارن ۽ ملازمن کي ڪم ڪرڻ جو بهترين ماحول مُهيا ڪري، کين گهربل سهولتون ڏئي ۽ سندن ضرورتن جو خيال ڪري ته جيئن ڪم ۽ ان ڪم جو معيار متاثر نه ٿئي پر هتي مسئلا ئي مسئلا، پريشانيون ئي پريشانيون ۽ تڪليفون ئي آهن. اهي سڀ ناڪام حڪومت ۽ بيڊ گورننس جون ئي نشانيون آهن جن کي حڪومت جون مخالف جماعتون ڪيش به ڪري سگهن ٿيون ۽ ان بنياد تي حڪومتن کي ڪمزور ڪري پنهنجي پنهنجي اڳتي اچڻ جي راهه هموار ڪري سگهن ٿيون پر ڳالهه اها ئي آهي ته حڪمرانن کي ڄڻ ته ان جي پرواهه ئي ناهي جنهن کي اسان غير ذميواري سمجهون ٿا. جنهن جا خراب کان خراب ئي نتيجا نڪري رهيا آهن. هاڻي به سنڌ ايمپلائيز الائنس اعلان ڪيو آهي ته 27 سيپٽمبر تائين سمورن ادارن جي تالابندي رهندي ۽ سنڌ حڪومت اڃان به نوٽيس نه ورتو ته 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس آڏو لکين ملازمن سان گڏ ڌرڻو هڻنداسين. شل اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ حڪومت کي هوش اچي وڃي.