ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾

تحرير: ابراهيم لاشاري

سنڌ جو مهان اديب، ٻولي جو ماهر، لطيف جو پارکو، لوڪ ادب جو ڄاڻو ۽ ڏاهو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت، آثار قديمه، سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، لطيف شناس سنڌي، عربي، فارسي، اردو ٻولين جو ڄاڻو ناميارو اسڪالر تاريخ ساز شخصيت هو جنهن جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ جي حيثيت نالي ماتر آهي. سنڌ جو هي ادب روشن ڏيئو علي محمد خان لغاري جي گهر ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع آچر ڏينهن تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو.

پاڻ اڃا ابهم ڇهن مهينن جو مس هو ته سندس والد جو شفقت کان محروم ٿي ويو سندس والد علي محمد لغاري ڦوهه جواني ۾ ئي رب سائين کي پيارو ٿئي ويو هو، سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو، جنهن شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي واڻئي ڀائي وسومل وٽ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جنهن وٽ هندڪا اکر سکيو. تنهن بعد ڳوٺ پليوخان لغاري ۾ پرائمري تعليم وٺي، وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ ۱۹۲۹ع ڌاري نوشهروفيروز مدرسي ۾ داخلا ورتي.

۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءُ الدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۴۱ع ڌاري بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۱۹۴۳ع منجهان ايم اي   تنهن بعد  ايل ايل بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ڊاڪٽر صاحب  محنت ڪرڻ تان هٿ نه کنيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۱۶ آگسٽ ۱۹۴۶ع تي ولايت ايڊيو ڪيشن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو، جتان پي ايڇ ڊي ڊاڪٽري جي اعلي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۹ع ۾ پنهنجي وطن واپس وريو تعليم پوري ٿيڻ تي گڏيل قومن جي اداري اقوام متحده ۾ نوڪري جي آڇ ٿيس پر ڊاڪٽر صاحب اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي، پر پاڻ پنهنجي وطن سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ ۱۹۴۹ع کان آگسٽ ۱۹۵۰ع تائين سنڌ جي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جا علمي ڪارناما سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل وانگر آهن، سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو، هونئن ته سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جون تحريون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن.

ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پهريان ڪجهه وقت لاءِ حڪومت پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي  تي ڪم ڪيو جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو، جنهن کان پوءِ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن صاحب تعليم ۽ تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعلي منصب تان استعيفي ڏئي ڇڏي، تنهن بعد جلد پاڻ ۱۹۵۱ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جو پهريون استاد ۽ سربراهه به جو به اعزاز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي مليو  ان زماني ۾ ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو انهي کان پوءِ هر سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو، پاڻ پهرين جولاءِ ۱۹۷۹ع تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو جتان ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هن عهدي تي آگسٽ ۱۹۸۲ع  تائين رهيو ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۰ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو  جنهن کان پوءِ سال ۱۹۹۰ع کان ۶ مارچ ۱۹۹۴ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري (سنڌي لينگوئيج اٿارٽي) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو پاڻ ڪافي وقت کان علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين رهيو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا علمي ڪارناما سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي حاصلات آهن، تصنيفات ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم، ادب، لغت، شاعري، تاريخ، ثقافت، موسيقي، لطيفيات ۽ قديم آثارن تي لاجواب ڪتاب، مقالا انگريزي ،عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا اٿس، جن کي علمي ادبي دنيا ۾ تحسين نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌي شاعري ۾ ڪليات جي تاليف کي نوان موڙ ڏيندڙ ڊاڪٽر صاحب جڏهن ڪليات سانگي، ڪليات حمل، ڪلام نواب ولي محمد لغاري، ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام ترتيب ڏئي انهن منجهه سندن زندگي جو عڪس نمايان سامهون اچي وڃي ٿو پر ڪلام ۾ آيل محاورا ۽ استعارا به پنهنجي دور جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ماضي حال بڻجي اسان سامهون اچي بيهي ٿو. جنهن ۾ ان دور جون سماجي، ريتون رسمون ۽ ثقافتي رنگ کي به قدر چڱي نموني سان پرکي سگهجي ٿو ڊاڪٽر صاحب ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ جي ثقافت جي پرچار ڪئي.

اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ سينگارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ جيتري جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي، ايتري ان کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي آهي ۽ شايد  ئي ڪو لوڪ ادب جو ڏاهو ڪري سگهي. ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي اٽڪل ۸۰ کن ڪتاب لکي چڪو آهي، سندس لوڪ ادب جا سڀئي ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن ۽ زينت ۾ پڻ هڪ سمنڊ جيتري جهجي حيثيت رکن ٿا .جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا ڪيترن ئي اخبارن، رسالن، ميگزينن، ادبي پرچن ۾ سوين موضوعن تي ڇپيل سندس مقالن جو ڪو اندازو ئي ڪونهي. سندس ادبي لياقتون سمنڊ کان به وڌيڪ اونهيون محسوس ٿين ٿيون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر ۽ شاعرن جي سرتاج لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ (شاهه جو رسالو) به ترتيب ڏنو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۳۳ سالن جي ادبي پورهي جي نگراني ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال ۲۰۰۰ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪرايا اٿس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه شاعري به ڪئي پاڻ  سر ۽ سنگيت راڳ جو به وڏو  شوقين هو.

هن فن جي دنيا ۾ سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو ملهه جي فن کي به مقبول ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ هيو، پاڻ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي ڪرڪيٽ جيان ملاکڙي جي ڪمينٽري ڪرڻ جو انتظام ڪيائين ۽ ملهه ايسوسيئيشن به ٺهرايائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب، عالم، اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان ٻاهرين ملڪن يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ شامل ٿي پياري پاڪستان جي نمائندگي ڪيترا ئي ڀيرا ڪندو رهيو، جنهن منجهه آمريڪا، ڪئنڊا، انگلينڊ، ايران، شام مراڪش، فرانس، سعودي، عرب، لبنان، ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق، ڪويت، الجزائر وغيره جو سفر ڪري چڪو هو. ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي، پاڪستان خاص طور تي سنڌ جا ادبي دنيا سان واسطو رکندڙ ماڻهو، صدين تائين ساراهيندا رهندا. پاڻ وڏو محقق، اديب، تاريخدان، دانشور، ماهر لسانيات، مبصر ۽ امين هو. کيس بين الاقوامي شهرت پڻ حاصل هئي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪافي انعام ايوارڊ وغيره ملي چڪا آهن جن منجهه تمغه پاڪستان ستاره قائداعظم ۽ ۱۹۷۹ع ۾ صدارتي ايوارڊ (تمغه حسن ڪارڪردگي) شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جو علمي مرتبو ۽ ڪم سمورن ايوارڊن کان گهڻو مٿي آهي.

پاڻ دل جي تڪليف سبب ۶ اپريل ۲۰۱۱ع اربع ڏينهن تي زندگي جو سفر پوري ڪري ۹۳ سال ۳ مهينا ۲۱ ڏينهن زندگي جا گذاري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو، ادبي دنيا ۾ سندس ادبي پورهيي ۽ ڪيل سموري ڪم تي سدائين فخر رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.