چونڊيل نمائندن جي عوام سان وڌندڙ لاتعلقي !

اسان هميشه ان خيال جا رهيا آهيون ته چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جو عوام سان ويجهو ۽ لاڳيتو رابطو هئڻ گهرجي پر هتي اسان وٽ رڳو ووٽن جي وقت عوام ڏانهن لڙي وڃڻ جي روايت وڃي بچي آهي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جو عوام سان ويجهو تعلق هوندو هو، عام کليل ڪچهرين جو رواج هوندو هو.

ماضي ۾ اسان اهو به ڏٺو ته جڏهن ڪو وزيراعظم ڪنهن علائقي جو دورو ڪندو هو ته ان شهر کي صاف سٿرو ڪري سينگاريو ويندو هو. اسان ماضي ۾ اهو به ڏٺو ته جڏهن ڪو وزيراعظم ڪنهن علائقي يا شهر ويندو هو ته عام جلسن ۾ ان شهر لاءِ سرعام ترقياتي رٿائن جو اعلان لازمي طور ڪندو هو، ڪٿي اسپتال، ڪٿي بجلي، ڪٿي گيس، ڪٿي يونيورسٽي ڪاليج ته ڪٿي ڪارخانا کولڻ ۽ روزگار ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويندا هيا. هاڻي اهي روايتون ختم ٿي ويون آهن. ۽ وقت گذرڻ سان چونڊيل نمائندن جو تيزي سان عوام سان رابطو ڪٽجندو آهي.

ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي نئون ديرو ۾ ٽيون ڏينهن افطار پارٽي کي خطاب ڪندي جتي ڀٽو جي عدالتي ٽرائل ۽ صدارتي ريفرنس تي آيل سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت ۽ عدالتي سڌارن لاءِ ميثاق بابت گهڻو ڪجهه ڳالهايو اتي اهو به چيو جنهن جي ضرورت اسان مٿي بيان ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته ته اڄ پي ايس 10 جي عوام سان افطاري ذريعي پهريون رابطو ٿيو آهي ان کانپوءِ قمبر شهدادڪوٽ جي عوام سان رابطو ڪري ملاقاتون ڪنداسين. هن اهو به چيو ته پارٽي اڳواڻن کي ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا پر اهو پيسو سمورن اڳواڻن جي صلاح مشورن سان اهميت وارين رٿائن تي خرچ ڪرڻا پوندا جيئن بهتر رٿائون عوام کي فائدو ڏئي سگهن بلاول ڀٽو زرداريءَ ٻي اهم ڳالهه اها ڪئي ته مان سنڌ جي وڏي وزير کي به چيو آهي ته صوبائي وزير هر ضلعي ۽ علائقي ۾ وڃي کليل ڪچهريون ڪري اتان جي نمائندن ۽ عوام سان ملاقاتون ڪن ته کين ڪهڙين رٿائن ۽ ڪمن جي ضرورت آهي.

جيڪڏهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي به چونڊيل نمائندن جو عوام سان تعلق بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ واقعي به وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيرن کان هر ضلعي ۾ کليل ڪچهريون ڪرائي ٿو ته اسان ان عمل کي پ پ جي عوامي پارٽي واري نعري جي حقيقي ترجماني سمجهنداسين. ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي جماعت جي بحالي سمجهنداسين. ڇاڪاڻ ته ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو پهريون چونڊيل حڪمران هو جنهن عوام سان رابطو ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي ۽ پاڻ کي عوامي حڪمران بڻائي ڏيکاريو. پ پ ان ذوالفقار علي ڀٽو جي سرجيل جماعت آهي جنهن جي ورثي کي پروقار نموني سندس ڌيءَ بي نظير ڀٽو سنڀالي ڏيکاريو. جيستائين بي نظير ڀٽو صاحبه زنده هئي تيستائين پ پ عوامي پارٽي طور سڃاتي ويندي هئي پر هاڻي ٻي راءِ پختي ٿيڻ لڳي آهي. عام تاثر اهو جڙڻ لڳو آهي ته هاڻي پ پ عوامي جماعت ناهي رهي. ڇاڪاڻ ته ان عام ماڻهن سان ملڻ جلڻ وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي جڏهن بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ان پاسي ڌيان ويو آهي يا ان پاسي سوچڻ شروع ڪيو آهي ته اسان سندس ان سوچ کي درست رخ ۾ ويندي ڏسون ٿا پر ان عمل جي آجيان تڏهن ڪنداسين جڏهن اهو واقعي به پنهنجن وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن جو عوام سان رابطو بحال ڪري ڏيکاريندو في الحال ته ڳالهيون ئي آهن جيڪي پنهنجي جوهر ۾ يقينن ڀليون ۽ اتساهيندڙ آهن.

اسان جي ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري کي اها به تجويز هوندي ته هو جيڪڏهن وڏي وزير سميت سڀني وزيرن کي پنهنجن پنهنجن تڪن ڏانهن موڪليندو ته مقامي انتظاميا کي ان موقعي تي شهرن کي هر قيمت تي صاف سٿرو ڪري سينگارڻ جو به حڪم ڏي. پوءِ جيڪڏهن هڪ ئي وقت سڀ وزير پنهنجن پنهنجن تڪن ڏانهن ويندا ته مقامي انتظاميا انهن شهرن ڳوٺن کي صاف سٿرو به بڻائيندي ۽ سينگاريندي به، ان سان جلد ئي سڄي سنڌ اوهان کي صاف سٿري ۽ سينگاريل ڏسڻ ۾ ايندي. اهو بظاهر ناممڪن لڳي ٿو پر جيئن تجويز رکي وئي آهي تيئن ان تي عمل ٿيندو ته اهو ناممڪن ڪم ممڪن ٿي سگهي ٿو.

ايئن بلاول ڀٽو زرداري کي اها به تجويز ڏجي ٿي ته سنڌ جو وڏو وزير يا وزير جن به شهرن ۾ عام جلسا ڪن يا کليل ڪچهريون ڪن ته اتي ماضي وانگر ترقياتي رٿائن جو به اعلان ڪن، هر علائقي کي ضرورت پٽاندڙ سهولتون به ڏين. اهو سڀ کليل ڪچهرين ۾ عوام سان رابطو ڪري سندن گهرجون ٻڌڻ سان ئي ممڪن آهي.

عوام سان رابطي ۾ رهڻ جو خود پ پ حڪومت کي فائدو ٿيندو. حڪمرانن کي زميني حقيقتن جي پروڙ پوندي، ڪيترين غلط فهمين ۽ خوش فهمين مان نڪرڻ جو موقعو ملندو پوءِ ان روشني ۾ پ پ کي حڪومت ڪرڻ جو درست رستو ۽ طريقو سمجهه ۾ اچي ويندي. ۽ ان روشني ۾ اها بهتر حڪومتي پاليسي جوڙي سگهندي جنهن جو ان کي ايندڙ چونڊن ۾ به فائدو رسندو.

جيستائين ايئن ٿئي تيستائين اسان چونڊيل نمائندن جي عوام سان وڌندڙ لاتعلقي کي الميو ڄاڻيندي ان تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪريون ٿا. ڇاڪاڻ ته ان لاتعلقي جو گهڻي ۾ گهڻو نقصان پ پ جو ئي ٿيو آهي جنهن کي جيڪڏهن بلاول ڀٽي زرداريءَ واقعي به محسوس ڪيو آهي ته اسان ان کي ”دير آيد درست آيد“ وارو عمل سمجهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.