ماٿيلو ويجهو ناري پسند جي شادي لاءِ گهران نڪري وئي، پلاند ۾ عورت ٻن ڌيئرن سوڌو اغوا

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ عرض محمد مھر جي رهواسڻ نوجوان ناري صغران مهر ڳوٺ ڪوري کوهه جي رهواسي جمشيد شيخ سان پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي، پلاند ۾ مهر برادري پاران شيخ برادري جي مسمات نظيران شيخ کي ٻن ڌيئرن سميت اغوا ڪري ورتو، ڇڪتاڻ تيز، ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ عرض محمد مھر جي رهواسڻ نوجوان ناري صغران مهر پنهنجي چاهيندڙ ڳوٺ ڪوري کوه جي رهواسي جمشيد شيخ سان پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي آهي، جنهن بعد پلاند ۾ مهر برادري جي ماڻهن پاران ڪوري کوھ پهچي شيخ برادري جي مسمات نظيران شيخ کي ٻن ڌيئرن سميت اغوا ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مهر برادري پاران اغوا ڪيل شيخ برادري جي عورت مسمات نظيران شيخ ۽ سندس ڌيئرن کي سام طور مهر برادري جي چڱي مڙس مير خان مهر وٽ پهچايو آهي هوڏانهن ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ٻي پاسي اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس پهچي ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، جنهن بعد معلوم ٿيو آهي ته پوليس ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.