پريا ڪماري معاملي تي ايف آءِ آر جڙتو ۽ ڏيکاءُ آهي: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي غفار ميرجتم پنهل جمالي،  ذوالفقار بليدي،  اياز سولنگي، جاويد عمراڻي، ڪمال مهر گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي ماڻھن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ حڪومت مجبور ٿي پريا ڪماري جي جي  ايف آءِ آر به ڪٽي آھي جي آءِ ٽي به ٺاهي آھي. پر هي سنڌ جي ماڻھن جي گهر آھي ته معصوم نياڻي سان انصاف ناهي، انصاف جي تقاضا اها آھي ته ڏوهاري قانون جي ڪٽھڙي ۾ هجي ها ۽ معصوم پريا ڪماري ماءُ. پيءُ جي حوالي هجي ها، تنهن ڪري   ايف آءِ آر جڙتو ۽ ڏکاءُ جو طريقو آھي جي آءِ ٽي ۽ جي آءِ ٽي  جو سربراھ، ڊي آءِ جي ۽ ايس پي  سکر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪن ٿا ته وقت ٿورو آھي گٽرن ۽ نالن جي صفائي ڪرائينداسين ان جو مطلب اهو آھي ته اڳ ۾ ئي اوهان چئو ٿا ته شاخن جا ڪنارا ڪپر چيڪ ڪرائيندئو ته ان جو مطلب ته معصوم نياڻي کي زنده آزاد ڪرائڻ بدران لاش ڏئي سنڌ جي ماڻھن کي خوفزده ڪرڻ ٿا چاهيو، هو مري چُڪي آھي يا مارجي ويندي .اها ڪميٽي پوليس جي ڪميٽي يا حڪومت جيڪي ڪميٽيون جوڙيون آھن. انهن جاچ کان اڳ ئي ماڻھن کي خوف ۽ حراس ۾ وڌو آھي. اسان جو واضع مطالبو آھي ته حڪومت وقت ۽ رياست جي زميواري آھي ته سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻھو چون ٿا ته پريا ڪماري باعزت طريقي سان والدين حوالي ٿئي سنڌ جي ماڻھن کي ان لاءِ يقين ڏياريو وڃي ته هو زنده آھي ۽ بازياب ٿي آھي. ان سان گڏوگڏ حڪومت جي اها زميواري آھي ته پريا ڪماري جي خاندان کي تحفظ ڏين پر مجموعي طور سنڌ جي هر هڪ شهري کي تحفظ ڏين پر سنڌي هندن لاءِ اها صورتحال پيدا ڪئي وئي آھي ته سرڪاري ڌاڙيل انهن کي چون ٿا ته سنڌ ڇڏي وڃون.

  1. ڪراچي پوليس جي ڌار ڌار مقابلن ۾ 3 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس الڳ الڳ پوليس مقابلن ۾ 3 زخمي ڦورن سميت چئن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان  ھٿ ڪري ورتو. گلبرگ ٿاڻي جي پوليس موجب عائشا منزل پل بلاڪ 6 ايف بي ايريا جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ھڪ زخمي ڦورو حسن احمد ولد محمود احمد کي ساٿي جوابدار عبدالرفيع ولد حبيب الرحمن کي پوليس گرفتار ڪري پستول ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. اتحاد ٽائون ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عابد آباد زيتون قبرستان جي ڀرسان پوليس مقابلي جي دوران پوليس زخمي جوابدار ضياء الحق کي گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو. محمود آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ٽي پي 2. ڪمپائونڊ جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ جوابدار مطيع الله کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.