حڪومت کان سوشل ميڊيا خلاف قانونسازي ۽ اهم شخصيت جو مدو وڌرايو ويندو

اسلام آباد ( م ڊ ) ھاڻوڪي حڪومت کان ٻھ اھم ڪم ورتا ويندا. ان بعد ان جي موڪل ٿي سگھي ٿي.ٻھ  ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏياري بھ انھن اھم  ڪمن لاءِ ڏياري وئي آھي.انھن ۾ھڪ سوشل ميڊيا(فيڪ نيوز) خلاف قانون جوڙڻ آھي.ٻيو ھڪ اھم شخصيت جي مدي ۾ واڌ ڏيارڻ آھي. اھا ڳالھ اسد طور پنھنجي وي لاگ ۾ ڄاڻائي آھي.تجزيو ڪندي ھن جو چوڻ آھي تھ ھاڻوڪي آيل حڪومت وارو پروجيڪٽ شروع ٿيندي ئي ناڪام ٿي ويو آھي.جئين جئين وقت گذرندو ويندو .تئين تئين ان پروجڪيٽ تي لاڳت وڌي ويندي. ان ڪري اھو ڪو گھڻو نھ ھلي سگھندو.ھن وقت مخصوص سيٽون ڏياري حڪومت کي ايوان ۾ اڪثريت ڏيارڻ جو مٿي ذڪر ڪيل مقصد ئي آھي جيڪي اھو قانون جوڙڻ جي پروگرام جو حصو آھن.ڇاڪاڻ جو مسلم ليگ ن جي حڪومت کي گھڻو وقت نھ ھلايو ويندو.پر سوشل ميڊيا جي فيڪ نيوز جي آڙ ۾ ٿيندڙ قانون سازي جو اڳتي ھلي ڪري انھن کي نتيجو ڀوڳڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.