ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ حادثن ۽ واقعن ۾ 2 عورت سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لياري جي علائقي موسي لين جي گھٽي نمبر 2 ۾ واقع بلڊنگ جي ڇھين منزل جي ڇت تان پر اسرار نموني ھيٺ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 60 سالن جي عورت خالو ماسي ڌي حاجي نور خان فوت ٿي وئي، ايڌي ايمبولينس جي ذريعي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. مين يونيورسٽي روڊ سماما مال جي ڀرسان واٽر بورڊ جي ٽينڪ مان 19 سالن جي نوجوان حارث ولد محسن جو لاش ھٿ آيو آهي. لاش کي ايڌي ھوم سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي. سي ويو تي چنڪي منڪي جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 20 سالن جي اجالا ڌي اقبال فوت ٿي وئي. مائي ڪلاچي روڊ تي ڪچرا ڪنڊي مان ڪيترائي ڏينهن نامعلوم شخص جو پراڻو لاش مليو. پاڪ ڪالوني جي علائقي جھان آباد قبرستان جي ڀرسان نامعلوم شخص جو لاش ھٿ. جيل چورنگي پل جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 51 سالن جو محمد شريف ولد محمد صديق فوت ٿي ويو. ڪياماڙي جي علائقي گلشن سڪندر آباد اشفاق ڪالوني جي ڀرسان پاڻ ۾ جھيڙي ۾ فائرنگ دوران 2 ماڻھو رمضان ولد حضرت عمر ۽ نواب ولد رستم زخمي ٿي پيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.