رفيق احمد جوڻيجي جون سماجي خدمتون

تحرير: ساجد مسڻ

رفيق احمد جوڻيجو هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان ۾ پيدا ٿيو، سندس طبيعت، مزاج ۽ تربيت انهيءَ ڪري به سلڇڻو، سنجيده، سريلو ۽ مستقل مزاجي وارو آهي، جو سندس والد پنهنجي دور جو هڪ اعلي آدرشي انسان، مثالي ڪردار جو مالڪ، اصول پرست،حق پسند، عادل ۽ انصاف پسند بيروڪريٽ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سهڻي تربيت، مثبت سوچ، وسيع ويچار ۽ اعلي’ نظريي جو مٿس ڀرپور اثر پڻ ٿيو آهي.

مشهور چوڻي آهي ته ٻار جي تربيت جو پهريون اسڪول سندس ماءُ جي هنج آهي، اها سندس خوشنصيبي چئبي جو رفيق احمد جوڻيجو کي پيدائشي اهڙو ماحول مليو جو پاڻ پنهنجي زندگيءَ کي ننڍپڻ ۾ ئي صحيح رخ ۽ معني خيز روپ ۾ سينگاري، سنواري ۽ بامقصد ٺاهيو آهي.

رفيق احمد جوڻيجي جو جنم 5 اپريل 1972ع ۾ ڳوٺ شير محمد جوڻيجو، تعلقه  ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾  پير بخش خان جوڻيجو جي گهر ۾  ٿيو.

سندس تعليمي سفر هن ريت آهي:

کيس ننڍپڻ کان ئي سماجي ڪمن سان بي انتها دلچسپي ۽  لڳاءُ هوندو هيو، جڏهن پاڻ ڪاليج واري زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا هئا ته انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائي ۽ بهبودي واسطي سچل سوشل  ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائون، پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ همعصر دوستن کي شعور، سجاڳي، بيداري جو پيغام ڏيندا رهيا، مختلف وقتن تي پنهنجي ڳوٺ ۾ اسٽڊي سرڪل جا پروگرام پڻ ڪرائيندا رهيا ۽ هر طرح سان پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ همعصرن کي شعور ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش اڄ تائين ڪندو رهيو آهي.

انهيءَ ئي جذبي کيس يونيورسٽي ۾ به خاموش رهڻ نه ڏنو، پاڻ جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليم پرائي رهيا هئا ته انهن ڏينهن ۾ پڻ سماجي تنظيمن   ڪلچُرل ايسوسيئيشن ۽ لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسيئيشن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا. پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪمپيوٽر  ٽيڪنالوجي ۾ بيچلر ۽ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائون ۽ اِن کان سواءِ اڪنامڪس ۾ پڻ ايم اي به ڪيائون.

جئين ئي پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي سند ورتائون ته کين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سرڪاري نوڪري ملي وئي.  انهيءَ نوڪري دوران پاڻ مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آهن، جن ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ، هوم ڊپارٽمينٽ، انڊسٽريز ۽ اوقاف ڊپارٽمينٽ شامل آهن،جڏهن ته هن وقت پاڻ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سيڪشن آفيسر خدمتون سرانجام  ڏئي رهيا آهن.

سندس والد پير بخش جوڻيجو به پنهنجي دور جو عادل ۽ ميرٽ پسند ڪامورو رهيو آهي،جنهن پنهنجن دورن دوران غريبن کي وڏي انگ ۾ مفت ۾ نوڪريون ڏنيون ۽ فلاحي ڪم ڪري ڏيکاريا، پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي پاڻ به انسانيت واري خدمت واري جذبي کي جاري و ساري رکندا پيا اچن.

هن وقت به پاڻ سماجي ڪمن ۾ اڳ کان اڳرا آهن، پاڻ پنهنجي ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ واقع پرائمري اسڪول شير محمد جوڻيجو کي ترقي وٺرائي مڊل اسڪول تائين اپ گريڊ ڪرايو اٿن، پنهنجي ڳوٺ ۾ ڊسپنسيري جو بنياد پڻ وجهرايو اٿن،جيڪا هن وقت پي پي ايڇ آءِ جي زير نگراني هلي پئي، جتي وڏي تعداد ۾ مختلف ڳوٺن کان مريض اچن ٿا ۽ مفت ۾ دوائون ۽ چيڪ اپ ڪرائين ٿا، انهيءَ کان سواءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ سي سي بلاڪ، ڊرينج سسٽم، پلون،  روڊ رستا جوڙايا اٿائون.

کيس انسانيت جي خدمت ۽ سماجي ڪمن سان ته شروع کان ئي دلچسپي رهي آهي، انهيءَ کي وڌيڪ عملي جامعو پارائڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ مٽن مائٽن کي سرڪاري توڙي پرائيوٽ نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اٿائون، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، ايف آئي اي ۾ نوڪرين کان سواءِ پرائيويٽ فيڪٽرين ۾ به مختلف ڳوٺن  جي ماڻهن کي روزگار سان لڳائي چڪا آهن، جيڪو به غريب ماڻهو ڀلي کڻي ڪهڙي به ذات رنگ ۽ نسل جو هجي اُن جي  ڀرپور مدد ڪندا آھن. انهي لاءِ اڄ به ساڳي جوش وِ جذبي سان عوامي ڀلائي واري منشور سان نڀائيندا پيا اچن. هن وقت تائين وڏي تعداد ۾ فلاحي ڪم ڪيا اٿن، جھڙوڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپس لڳائڻ،اکين جون آپريشن ڪرائڻ،غريب ماڻهن کي اکين ۾ لينس لڳرائڻ، غريب ماڻهن جو ڪراچيءَ ۾ علاج ڪرائڻ، جنهن عمل سان ڪيترين ئي بي پهچ ۽ غريب عوام کي وڏو فائدو پيو آهي،اڄ به غريبن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪافي تعداد ۾ پروجيڪٽس شروع ڪيا اٿن، جنهن عمل کي اسان مثبت تبديلي ۽ بھترين عمل سمجهون ٿا.

سندس والد محترم پير بخش جوڻيجو به پنهنجي دور ۾ غريبن کي وڏي انگ ۾ نوڪريون ڏنيون ۽ فلاحي ڪم ڪري ڏيکاريا، والد جي نقش قدم تي هلندي پاڻ به انسانيت واري خدمت واري جذبي کي جاري و ساري رکندا پيا اچن.

انهن خدمت جي عيوض سنڌ سيڪريٽريٽ آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن(SSOWA) جي آفيسرز جيڪي گريڊ BS-17 کان BS-20 تائين هن تنظيم جا ممبرز آهن جن جي طرفان رفيق احمد جوڻيجو تي مُڪمل اعتماد ڪندي کيس بنا مقابلي صدر پڻ چونڊيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.