غزا رتوڇاڻ آمريڪا اسرائيل لاڳاپن کي امتحان ۾ وجھي ڇڏيو

اسرائيل  آمريڪا جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ھڪ ڏکيو اتحادي رهيو آهي. غزا جي پٽي جي فلسطيني علائقي ۾ اسرائيلي فوجي مهم هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان موجود مسئلن کي وائکو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي.

آمريڪا ۽ اسرائيلي لاڳاپن جي اهميت ڊگهي عرصي کان واشنگٽن ۾ ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن سياستدانن لاءِ هڪ اهم پاليسي نقطو رهيو آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي آمريڪا جي انهن ٻنهي سياسي جماعتن  وچ ۾ اقتدار جو پاسو بدلجندو رھيو آهي، پر  هڪ ڳالهه اٽل ھئي. جيڪا اڃا به برقرار آهي اھا ھي آهي تھ "اسرائيل سان آمريڪي لڳ لاڳاپو.”

ٻنهي سياسي  جماعتن جا اڳواڻ ان ڳالهه تي پختو يقين رکن ٿا ته اسرائيل جو آمريڪا کان وڌيڪ ڪو به ويجهو اتحادي ناهي ۽ اسرائيل جي سلامتي تي ڪو بھ سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي.

ڪائونسل آن فارن رليشنز جي مطابق اسرائيل  1948ع کان وٺي آمريڪا کان اٽڪل 300 بلين ڊالر (280 بلين يورو) جي امداد ڏني وئي آهي، جنھن مان گھڻي فوجي مقصدن لاءِ ھئي.آمريڪا جي سڀ کان وڌيڪ امداد حاصل ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ مصر آهي، پر اسرائيل کي مليل آمريڪي امداد مصر جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻي آهي.

اسرائيل جي قومي سلامتي جي اڳوڻي نائب مشيرچڪ فريليش جيڪو ھن وقت ڪولمبيا،تل ابيب ۽ نيويارڪ جي يونيورسٽين ۾ پڙهائي ٿو. ان ڊوئچي ويلي سان ڳالھائيندي چيو تھ ھي ھڪ يقين نھ ڪرڻ جوڳو رشتو آھي.جنھن جو ڪو مثال نٿو ملي.ھن جوچوڻ ھو تھ گڏيل قدر،اسٽرٽيجڪ مفاد ۽ ھڪ سگھاري لابي جيڪا اسرائيل کي واشنگٽن جي مهرباني ۾ رکي ٿي ۽ اھو ئي ھنن جي لاڳاپن جو بنياد آهي.

مثال طور آمريڪي اسرائيلي پبلڪ افيئرس ڪميٽي (AIPAC) آمريڪي راڄڌاني ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي لابنگ گروپن مان هڪ آهي.جيڪا سياسي ماحول کان ھٽي ڪري مضبوط ٻه طرفي لاڳاپن جي وڪالت ڪندي  آھي.

يورپ ۾ يهودين کي هولوڪاسٽ کان بچائڻ لاءِ جوڳا قدم نھ کڻڻ تي آمريڪا کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن بعد مئي 1948ع صھيوني تحريڪ جي اڳواڻن  آزاديءَ جو اعلان ڪيو ته اسرائيل جي رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا ويا.

ان وقت کان وٺي اسرائيل پاڻ کي آمريڪا جهڙي لبرل جمهوري سوچ جي قوت جي حيثيت ۾ پيش ڪيو، اھو بھ  هڪ اهڙي خطي ۾ جيڪو هميشه ان جي لاءِ  دوستاڻو نٿو  رهي ۽ ھنن اتي آمريڪي مفادن کي اڳتي وڌائڻ شروع ڪيو.

ماضي ۾ اسرائيل کي هڪ ذميوار طور ڏٺو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سرد جنگ دوران اسرائيل جي علائقائي تڪرار ان جي سوويت يونين ڏانھن جهڪاءُ رکندڙ عرب پاڙيسرين سان  علائقائي ڇڪتاڻ ايٽمي سپر پاور  وچ ۾ تڪرار جو خطرو پئدا ڪري ڇڏيو.  1990ع  جي ڏهاڪي کان وٺي اسرائيل کي، پينٽاگون هڪ اسٽريٽجڪ اثاثي طور ڏٺو آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اسرائيل آمريڪا لاءِ ايران جھڙن مخالفن ۽ ان جي غيررياستي پراڪسيز  کي روڪڻ جو ھڪ ذريعو بڻجي ويو.اھڙو عمل آمريڪا ۽ اسرائيل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجهي تعلق جو سبب بڻيو. 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي حملي جي جواب ۾ آمريڪا اسرائيل کي هٿيار موڪليا.  خطي ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪليا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگبندي واري قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو. ايتري تائين جو آمريڪي صدر جو بائيڊن به اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان اختلافن کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ چيو ته هو غزا جنگ بابت اسرائيلي نقطه نظر کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو.

غزا ۾ جاري اسرائيلي فوجي مهم دوران 33 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن. ان تي عالمي سطح تي مذمت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هاڻي بائيڊن انتظاميه جي مطابق اسرائيل جي حڪومت ۽ اسرائيل جي عوام کي نھ ملائڻ گھرجي.  آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس تازو بيان ڏنو آھي چيو ته جيڪڏهن نيتن ياهو پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ۽ جيڪڏهن نئين اسرائيلي حڪومت جلد نه ٺهي ته ان جا ڊگها اثر پوندا.

آمريڪي لهجي ۾ اھڙي تبديليءَ ڳڻتي جوڳي آھي. آمريڪا ۽ اسرائيلي لاڳاپن جي ڪجهه مبصرن جو چوڻ آھي تھ اسرائيل جي لاءِ نئين حڪومت جي قيام جو لفظ ڪافي نه آهي.ھن تعلق ۾ ڏار پئجي رھيا آھن.

ڏهاڪن کان اسرائيل وڌيڪ ساڄي طرف جھڪي رهيو آهي.رياست ۾ مذهبي انتها پسندن اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياسي طاقت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ اهو گهڻو ڪري نيتن ياهو جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتي دورن دوران ٿيو آهي. فلسطيني علائقن تي قبضي ۽ غزه مٿان مڪمل ڪنٽرول کي معمول جي ڳالھه بڻائڻ لاءِ اسرائيل جي ڪوششن آمريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي انتظاميه سان اختلاف  کي هٿي ڏني آھي. واشنگٽن ۽ تل ابيب جي وچ ۾ايران ۽ والاريل اولھه ڪنارن ۾ اسرائيلي وسندين ۽ فلسطين جي رياست جھڙن معاملن ۾  ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي آهي.

غزا ۾ هزارين شهرين جو مارجڻ تي آمريڪي انتظاميه طرفان تنقيد وڌي آھي. آمريڪي موقف هاڻي واضح آهي. هو اسرائيلين ۽ فلسطينين ٻنهي لاءِ وڌيڪ آزادي ۽ جمهوريت جو خواهشمند آهي.پر اسرائيل ھاڻي آمريڪا جي سامھون ٿي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.