سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جا منجهائيندڙ پاسا آخر ڪهڙي رخ ڏانهن وڃن ٿا. ماضيءَ ۾ لساني فسادن، مذهبي انتهاپسندي، فرقه پرستي، ڌاڙيلن جون سنڌ ۾ هنياءُ ڏاڙيندڙ وارداتون، اغوائون ۽ غير يقيني واري صوتحال ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن جا عذاب ته شهرن ۾ لساني جهڳڙن ۽ انساني تحفظ بجاءِ غير انساني حملن کي اسان سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي داغدار بڻائڻ جي سازش سمجهون ٿا.
90، جي ڏهاڪي ۾ ته ڪنهن پاڇي جي اوٽ ۾ پاڻ لڪائي ساهه کڻبو هو. شام جو سج لهندي ئي راڪاس جو خوف ڇانئجي ويندو هو. انتهائي خطرناڪ دور هو، تهذيب ۽ ثقافت ته ڄڻ هزارين سال اڳ جي غارن ۾ گم ٿي وئي هئي. بس رات جي اونداهه ۾ آسمان تي ٻرندڙ گولين جي آواز سان خبر پوندي هئي ته هن ڳوٺ مان ڌاڙيل رنگين گولين جا فائر ڪندي جشن ملهائيندي وڃي گهاٽي ٻيلي ۾ هٿيڪو ٿيندا.
انسانيت سان حوانيت جو مقابلو ڪيترن سوالن کي ذهن ۾ آڻيندي سواءِ بي وسي جي ڪجهه نه هو. ڌاڙيلن جي ظلم واري اوڙاهه ۾ جيئرو بي قصور انسان، ڀنگ ڀري آزاد ٿي ايندو يا ڪڏهن لاش جي صورت ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي ويران جڳهه تي اڇلايل ملندو هو. ڇا هي اها ئي سنڌ آهي. جنهن جي آزادي، ميٺاس محبت جا قومي گيت ڳايا وڃن ٿا.
هاڻي ڪجهه وقت جي خاموشي کانپوءِ وري واڳن ڪنارن تي اچڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت دنيا جديد ٽيڪنالوجي طرف اڳڀري ٿي چڪي آهي. انهيءَ ڪري اندازو ٿئي ٿو ته امن پسند ڌرتيءَ تي ڪهڙن نامعلوم هٿن جا انسانيت سوز رويا ٻيهر قتل غارن اغوا جي وارداتن جي شڪل ۾ ڪر کنيو بيٺا آهن.
عوام جا ڏکن ۾ ٻرندڙ ڪيسن کي ڪير انصاف ڏياريندو. پريا ڪماري جو آخر ڪهڙو ڏوهه هو. ڇا پريا ڪماري امامن جي سبيل ورهائي ڏوهه ڪري رهي هئي. يا مذهب جي مت ڀيد جي انتهاپسندي کي ختم ڪري انساني رشتن جي يڪجهتي جو پيغام ڏئي رهي هئي اڄ سندس امڙ ۽ بابا جي اکين جا لڙڪ سنڌوءَ جي سوڪهڙي کي به سيراب ڪري رهيا آهن. سندن فرياد کي به ڏوهه سمجهندي انتهائي رجعت پسند غير اخلاقي پروپگنڊه ڪري اصل حقيقتن تي پردو ڏئي ڪيس جو رخ ٻئي پاسي ڦيرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل آهن.
قانون ۽ آئين جنهن تحت شهرين کي مڪمل جان ۽ مال جي حفاظت ڏني ويندي آهي. پر هتي قانوني ادارا هئڻ باوجود انتهائي حساس ڪيسن کي تحفظ جي نگاهه سان ڏسڻ بجاءِ سڀ کان پهرين ته مائٽن کي هراسان ڪيو ويندو آهي. پوءِ ظالم ڌر طرفان پئسن جي ڏي وٺ شروع ٿيندي آهي. ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جهڙا حربا به استعمال ڪيا ويندا آهن. آخر استحصال ظلم، جبر جو شڪار ڌر گهڻي دٻاءَ ۾ اچڻ کانپوءِ خاموشيءَ جي ور چڙهي ويندي آهي. مائٽ هڪ ته پنهنجي نياڻيءَ جي وڇڙي وڃڻ جي ڪا به واضح صورتحال نظر نه اچڻ تي سخت دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن. ڪير به پيءُ ماءُ ستن سالن جي ٻارڙيءَ جي غير موجودگي جي پلصراط تي بيٺل ڏسي زماني جي نظر ۾ بي سمجهي يا جهڪي وڃڻ جهڙي لفظن سان منهن ڏيڻ واري صورتحال جو شڪار هوندا پر اصل ۾ سندن اندر ۾ جدائيءَ جي تڙپ ڪنهن به فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪندي.
هن وقت سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي. سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلين ۾ پهتل نمائندن جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي علائقن جي واهر ڪن جيڪو انهن جو قانوني حق آهي. هڪ ننڍڙي ابهم معصوم ٻار کي اغوا ڪري الائي ڪهڙي پاتال ۾ گم ڪيو ويو آهي جو ملڪ جا دفاعي ادارا ۽ خاص طور پوليس کان به اوجهل آهي. عوام جي چونڊيل نمائندن جي حفاظت لاءِ ته مڪمل پوليس موبائل تقريباً 20 کان 25 اهلڪارن تي ٻڌل هوندي آهي پر هڪ نياڻيءَ جي گم ٿي وڃڻ تي پوليس جي ڪارڪردگي به مشڪوڪ نظر ايندي جيڪا ڪيترا سوال ذهن ۾ اڀاري ٿي.
شهرن جي بدامني جي انتها اها آهي ته علم جو وسيع سمنڊ سماج جي سڌرڻ ۽ ترقيءَ جا نوان رستا تلاش ڪندي گمراهيءَ جي اوڙاهه مان ڪڍي روشني ڏيڻ واري استاد کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو وڃي ٿو. استاد جو قتل معنيٰ سماج کي اڌ صدي پوئتي ڌڪي ڇڏڻ، ڇا سنڌ حڪومت کي خبر ناهي ته اجمل ساوند کان وٺي ڪيترن استادن کي بي ڏوهي ماريو ويو آهي. استاد هدايت لوهار جي ڌيئرن ڪلهن تي لاش کڻي پوري دنيا آڏو فرسوده ريتن رسمن، ڌنڌلي قانون ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙن لاءِ ظالم کي للڪاريو آهي. جڏهن نياڻين ڪلهن تي لاش کنيا ته ۽ ان جو ڪو نوٽيس نه ورتو وڃي ته ڇا ائين ته ناهي ته ايوان ۾ ويٺل حڪمران ڏوهارين سان ٻانهن ٻيلي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟ سو تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي ته 44 سالن کانپوءِ ڀٽي صاحب جي قتل کي عدالتي قتل قرار ڏنو ويو. هميشه ٿيندو ايئن آهي ته غلطي ناانصافين جي ڇنڊڇاڻ ڪري اصلاح جو رستو هموار ڪندي پر هتي تاريخ جي جائزي ۾ ڪيترن بي گناهن جا قتل، اغوا نياڻين جون بي حرمتيون ڄڻ وحشي جبلتن جي تسلسل ۾ نظر اچن ٿيون. جڏهن ته جديد دور جي ٽيڪنالوجي ڪڏهن سڄي صورتحال جي ويب سائيٽ ٺاهي ته ڪيترن جا گريبان چاڪ ٿي سگهن ٿا.
هتي هر نئين سال جي شروعات انتهائي شاندار نموني ڪئي ويندي آهي. خوشين ڦٽاڪن، هوائي فائرنگ ڪري نئين سال جي آمد جي آجيان ڪئي ويندي آهي. پوءِ سڄو سال اهي ڦٽاڪا ڌماڪن جي صورت ۾ جان ليوا ثابت ٿي ڪيترن کلندڙن کي روئاري ڇڏيندا آهن. ڪنهن وقت ۾ لغڙ بازي لاءِ ڌاڳي کي اهڙي طرح ٺاهيو ويندو هو جو اهو ڌاڳو ڪنهن جي ڳلي ۾ اٽڪيو ته ڇري وانگر ڪٽي ڇڏيندو هو. اهڙي موتمار راندلاءِ انتظاميه سخت قانون لاڳو ڪري ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪيو آهي. پر هتي هٿيارن ۽ بي حسي جي لاقانونيت کي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ مصلحت جي پاليسي اختيار ڪري قاتلن، ظالمن جي رسي مضبوط ڪري غريبن ۽ مظلومن جا آواز بند ڪيا ٿا وڃن. جيستائين انصاف جا دروازا کولي انڌي ۽ ٻوڙي نظام جي ڪاري قانون کي ٻنجو نه ڏنو ويندو ته پوءِ روزانو ڪيترن لاشن جون ڏوليون کڄندي نظر اينديون. اهڙن ڇرڪائيندڙ واقعن کانپوءِ بدامني جو ماحول ڪنهن به طرح ملڪ ۾ امن ۽ ترقي جي راهه نٿو هموار ڪري سگهي.
هوڏانهن هن وقت بلاول ڀٽو زرداري نوجوان قيادت سان گڏ نانا ۽ ماءُ، جي بي گناهه شهادتن جا بار کڻندي به همٿ نه هاري آهي. قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ويهندي هاڻي جڏهن هو ٻئي پاسي پنهنجي ڀيڻ آصفه کي پڻ قومي اسيمبلي ۾ ڏسندو ته شايد کيس سنڌ جي ڪيترين بي گناهه نياڻين جا عڪس به نظر اچن. معصوم پريا ڪماري جي ابهم چهري جي معصوميت دل جُهوريندڙ اهڃاڻ ضرور انصاف لاءِ آواز بڻجندي نظر ايندس. جيئن پريا ڪماريءَ مذهبن جي دائرن کان هٽي ڪري سبيل پياري رهي هئي تيئن هاڻي انصاف جي تقاضا به انسانيت جو مان مٿانهون ڪندڙ فيصلي جي اوسيئڙي ۾ آهي.