اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سميت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي به شڪي خط مليا آهن.لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي چئن ججن کي موھد فاضل ولد منظور علي شاهه اھي خط موڪليا آھن.
عدالتي عملي موجب عدالت جي ڊي ايس پي سڪيورٽي ججن جي سامهون اهي لفافا کوليا ته ان مان پائوڊر بھ ڪريو.سپريم ڪورٽ جي چئن ججن کي به اهڙا خط مليا آهن جن ۾ ڌمڪي واري لکت آھي. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي به ايئن خط مليا هئا،انھن لفافن ۾ مبينا طور تي اينٿراڪس پائوڊر هو.اسلام آباد جي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي شهزاد بخاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي ٻڌايو ته موڪليل خطن تي لڳل مهر ڊھي وئي آھي. پر لڳي ٿو ته اهي خط راولپنڊي مان موڪليا ويا آهن.
سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان بڻيل اهي خط ججن تائين ڪيئن پهتا،تجزيه نگار حيرانگي جو اظهار ڪري رهيا آهن ته اهي خط سپريم ڪورٽ جي ججن تائين پهچي ويا آهن.
قانوني ماهر عبدالمعز جعفري موجب منظم طريقي سان اھي خط اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ ان بعد سپريم ڪورٽ پهچڻ پراسرار معاملو آهي. ان جي تھھ تائين پھچڻ لازمي آهي.ٻي صورت ۾ ان بابت قياس آرائيون جاري رهنديون. ان سان اڳي کان ئي دٻاءُ جو شڪار عدليه تي وڌيڪ دٻاءُ پئجي رھيو آهي.
خطن جو معاملو ان وقت سامھون آيو آھي جڏھن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط ذريعي عدالتي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت جي شڪايت ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان حڪومت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان مشاورت کانپوءِ انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پر جسٽس تصدق حسين جيلاني ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.جنھن بعد سپريم ڪورٽ ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ ھاڻي ان جي ٻڌڻي جاري آھي.
سينيئر صحافي عاصمه شيرازي موجب ھي معاملو ڪنھن ڌر جي فائدي ۾ ناھي. ان جو مقصد افراتفري پکيڙڻ ٿي سگھي ٿو.باقي خط نه ايجنسين جي حق ۾ آهن، نه عدليه ۽ نه ئي سياسي پارٽين جي حق ۾ آھن. سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي به سواليه نشان آهي ته اهي خط ججن تائين ڪيئن پهتا.
ججن کي موڪليل خطن تي مختلف ماڻهن جا نالا لکيل آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي موڪليل خطن جي لفافن تي ريشم، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن ڏانھن آيل خطن تي موھد فاضل ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي مليل خط موڪليندڙن جو نالو گلشاد خاتون آهي، سڀني خطن ۾ هڪڙي ھڪجھڙائي آهي ته انهن تي هڪ غير مشھور تنظيم ”تحريڪ ناموس پاڪستان“ جو نالو لکيل هو.خطن ۾ ججن، فوجي آفيسرن ۽ سياستدانن کي ملڪ لاءِ ”بيماري“ قرار ڏنو ويو آهي. پهريون ڀيرو ان تنظيم جو نالو پاڪستاني ميڊيا ۾ گذريل سال سيپٽمبر ۾ ان وقت ٻڌڻ ۾ آيو. جڏهن اسلام آباد ۾ ٽريل فائيو تي ججز ڪالوني جي ويجهو هڪ بيگ مان 3 دستي بم، هڪ پستول ۽ 50 گوليون مليون ھيون.ان بيگ ۾ اسلام آباد جي اهم عمارتن جي معلومات تي مشتمل هڪ نقشو پڻ هو. ان سان گڏ پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي هڪ خط به مليو ھو. جنهن ۾ ”تحريڪ ناموس پاڪستان“ جو نالو لکيل ھو ۽ ان طرفان سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ پاڪستاني فوج جي آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ھيون.
ان تنظيم ڪڏهن به پاڪستان ۾ ڪنهن به حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. پاڪستان پاران پابندي مڙهيل تنظيمن ۾ پڻ ان تنظيم جو نالو شامل ناهي ۽ نه ئي ملڪ ۾ انتهاپسند تنظيمن جي نگراني ڪندڙ تنظيمن ۽ فردن کي ان بابت ڪا ڄاڻ آهي. اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي عملي جي ھڪ ماڻھو موجب ،خط جو لفافو کوليو ويو ته ان جي اندران پاؤڊر (سفوف) ۽ هڪ ڌمڪي وارو خط موجود هو. خط ۾ هڪ خطري جو نشان ۽ لفظ اينٿراڪس پڻ لکيل ھو.لفافي کولڻ کان پوءِ منهنجيون اکيون سڙڻ لڳيون، تنهنڪري مون سينيٽائيزر استعمال ڪيو ۽ پنهنجا هٿ منھن ڌوتا.دير تائين سڙڻ جو احساس ٿيندو رھيو.
نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ھن بي بي سي جي نمائندي کي ٻڌايو تھ، 8 ججن کي مليل شڪي ۽ ڌمڪي وارن خطن مان ھڪ ئي کوليو ويو ھو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪلرڪ قدير احمد، فريادي طور اسلام آباد جي، سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. ايف آءِ آر موجب خط پهرين اپريل تي مليا ۽ سمورا خط ريشم عورت زال وقار حسين جي نالي سان موڪليا ويا آهن پر موڪليندڙ عورت جو پورو پتو لکيل ناھي.مليل خط 2 اپريل تي لاڳاپيل ججن جي پرسنل سيڪريٽريز ۾ ورهايا ويا. ٿوري دير کانپوءِ هڪ سيڪريٽري فون ذريعي ٻڌايو ته سندس آفيس ۾ آيل خط کي کوليو ويو. ان مان ڪيميڪل جهڙو پائوڊر نڪتو، جنهن کانپوءِ سمورن ججن جي آفيسن کي خط نه کولڻ جو اطلاع ڏنو ويو ۽ پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو.
اطلاع ملڻ تي سي ٽي ڊي اسلام آباد جي پوليس اسٽيشن جا اهلڪار 2 وڳي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتا ته کين چار بند ۽ چار کليل لفافا ڏنا ويا، جن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن جي نالي لکيل خطن تي اڇو پاؤڊر لڳل ھو. ايف آءِ آر موجب، کليل لفافن ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل خطن جي جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته پاڪستان جي انصاف واري نظام تي تحريڪ ناموس پاڪستان جي حوالي سان تنقيد ڪئي وئي ۽ ڌمڪي ڏين لاءِ هڪ مخصوص شڪل نڪتل ۽ انگريزي ۾ لفظ بيسلس اينٿراڪس لکيل هو.
چيف جسٽس عامر فاروق سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي شڪي خط ملڻ تي پوليس ٿاڻي سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جون شقون شامل ڪيون ويون آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاچ ڪن پيا تھ مليل خطن ۾ سفيد پائوڊر اصل ۾ اينٿراڪس آهي يا ٻيو ڪجهه آھي. ان سلسلي ۾ اختيارين طرفان اڃا تائين ڪا وضاحت نه ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان وانگر سڄي دنيا ۾ ماضيءَ ۾ اهڙا واقعا پيش آيا آهن، جڏهن خطن ذريعي موڪليل اينٿراڪس سبب نه رڳو ماڻهو ماريا ويا پر ڪيترن ئي موقعن تي اٽي يا ان قسم جي ٻين شين کي اينٿراڪس سڏي ڪري مخالفن کي ڊيڄاريو ويو آھي. اينٿراڪس کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ، ان جي سيلن کي پائوڊر ڪري سگهجي ٿو يا ليبارٽري ۾ اسپري ڪري هڪ خاص طريقو استعمال ڪري ان کي کاڌي يا پاڻي ۾ ملائي پکيڙي سگھجي ٿو.آمريڪا ۾ 2001ع سياستدانن ۽ ميڊيا ھائوسز آفيسن ۾ اھڙن ڌمڪي وارن خطن ۾ اينٿراڪس مڪس ڪري گھٽ ۾ گھٽ پنجن ڄڻن کي ماريو ويو ھو.
اينٿراڪس ڇا آهي ۽ اهو دهشتگرديءَ جي مقصدن لاءِ ڇو استعمال ٿئي ٿو؟ آمريڪي سينٽر فار ڊيزز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن موجب اينٿراڪس هڪ بيماري آهي جيڪا ’بيسيلس اينٿراڪس‘ نالي بيڪٽيريا جي ڪري پکڙجي ٿي. جيڪو قدرتي طور مٽيءَ ۾ ھوندو آھي.ان سان پالتو جانورن ۽ جھنگلي جانور متاثر ٿين ٿا.بھرحال ان سان انسان بھ متاثر ٿئي ٿو.ان کي مصنوعي طريقي سان بھ تيار ڪيو وڃي ٿو.اھا بيماري وبائي نھ ھوندي آھي.
سي ڊي سي موجب اينٿراڪس جو اثر ان جي قسم تي ھوندو آھي.اھا جلد ۽ دير سان انسان کي نقصان ڏئي ايتري تائين جو ماري بھ سگھي ٿي.اينٿراڪس جي علامتن ۾ بخار، سيني ۾ سور، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، کنگهه، پيٽ ۾ سور، الٽي، مٿي ۾سور ۽ گھڻو پگھر اچڻ شامل آهن. مريض کي ٿڪاوٽ ۽ جسم ۾ سور بھ ٿئي ٿو. ٻي مھاڀاري جنگ ۾ پڻ اينٿراڪس کي ھٿيار طور استعمال ڪيو ويو ھو.جنھن بعد ان جا ڪافي تجربا ٿيا آھن.
پاڪستان ۾2001ع ۾ ٽپال ذريعي اينٿراڪس پائوڊر جي استعمال جو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن هڪ سافٽ ويئر ڪمپني کي شڪي خط مليو. ان کانپوءِ وڏي پيماني تي دهشتگردي جي مقصدن لاءِ اينٿراڪس جي استعمال بابت خدشات پيدا ٿيا.
2004ع جي ھڪ تحقيق موجب نومبر 2001ع کان مارچ 2002ع تائين اسلام آباد جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ کي 230 شڪي اينٿراڪس جا نمونا حاصل ڪيا ويا ۽ سڀني کي بيسلس اينٿراڪس کان آجو قرار ڏنو ويو.
(بي بي سي جي ٿورن سان)