شاعريءَ جو ڪئنواس ڪائنات جيترو وسيع آھي تنھن ڪري شاعريءَ کي ڪجهه روايتي اصولن ۽ ضابطن منجھه قيد نه ٿو ڪري سگھجي. خود نثري نظم شاعريءَ جي سڀني پراڻين ضابطن کي ڀڃي، ڊاھي، لتاڙي ڇڏيو آھي. نثري نظم جي سڀ کان اھم ڳالهه ئي اھا آزادي آھي جيڪا کيس نثري نظم ڏئي ٿو، پر ان باوجود اسان جا ڪيترائي اديب ۽ شاعر دوست نثري نظمن تي ڄار وجھي ان کي قيد ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اڃان تائين رڌل ھوندا آھن ۽ نثري نظم جا فني لوازمات ويٺا ڳڻائيندا رھندا آھن. ڪافي نثري نظمن کي ته نثري نظمن جي دائري مان به ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا آھن. جيڪي علم عروض جا گھڻا پابند شاعر ھوندا آھن انھن کي ته نثري نظم سان ھونئين پراڻو وير ھوندو آھي ۽ نثري نظم کي شاعري ئي تسليم ڪرڻ جا انڪاري ھوندا آھن باوجود ان جي ته افضال احمد سيد تازو ھڪ ادبي ميلي ۾ چيو ته پاڪستان ۾ نثري نظم کي سڀ کان پھريون سنڌ مان ئي قبوليت ملي ھئي.
نثري نظم جو گھاڙيٽو خيال آهي. نثري نظم لکبو ئي ان ڪري آھي ته جيئن خيال کي جيئن جو تيئن پيش ڪري سگھجي ڇاڪاڻ جو ٻين صنفن جون پابنديون ڪڏھن ڪڏھن خيال جي فطري حسن کي ڌڪ رسائينديون آھن. سو نثري نظم خيال جي شاعري آهي. اسان ماڻھو صنفن ۾ الائي ڇو ٿا ايڏو ڪنفيوز ٿيون. صنفن کي ناھي پڙھبو، صنفن اندر اوتيل مواد پڙھبو آھي. اھميت مواد جي آھي پوءِ ڀلي اھا ڪھاڻي، ناول يا ڪالم ھجي. سٺي شاعريءَ جي بلڪل سادي وصف آھي جي پڙھي اوھان کي سٺي لڳي، دل کي ڇھي، متاثر ڪري مطلب سٺي شاعري آهي. نثري نظم جي ڪيترين ئي خوبين منجھان ھڪ اھا به آھي ته جيڪڏھن اھا صنف نه ھجي ھان ته سنڌ کي فيض پيرزادي جھڙا ڪيترائي تخليق ڪار نصيب نه ٿي سگھن ھان جن فقط نثري نظم جي گھاڙيٽي کي اظھار جو ذريعو بڻايو.
اصل شاعري آھي ئي اھا جيڪا ذھن کي سوچڻ تي مجبور ڪري، انساني مسئلن ڏانھن ڌيان ڇڪائي، موجودھ حالتن جي عڪاسي ڪري، اھڙي نه جيڪا پڙھي لڳي ته الائي ڪھڙي دنيا جي ڳالهه پئي ھلي. فيض پيرزادي جي شاعري انھن ماڻھن کي به جواب آھي جيڪي چوندا آھن ته گھسيل پٽيل شاعري پئي ٿئي. مون کي لڳي ٿو اھي ماڻھو سٺي شاعري ڳولڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، نه ئي اھڙا ڪتاب پڙھن ٿا. ظاھر آھي معيار ٿوري تعداد ۾ ئي ھوندو آھي جنھن کي تلاش ڪرڻو پوندو آهي. فيض پيرزادي جي شاعري معياري جديد سنڌي شاعري جي ھڪ خوبصورت مثال طور رکي ٿي سگھجي.
ھر شاعر جو پنھنجو رنگ، لھجو، خوشبو ۽ انداز ٿيندو آھي. سو اھو انداز ڪجهه ماڻھن کي تمام گھڻو وڻندو ته ڪجهه ماڻھن کي متان گھڻو متاثر نه ڪري تنھنڪري ھر شاعر کي پنھنجو ھڪ حلقو ٿيندو آھي. جيئن شاعر مختلف قسمن جا ٿيندا آھن تيئن پڙھندڙ به مختلف قسمن جا ھوندا آھن. سو اھو پڙھندڙ تي دارومدار رکندو آھي ته ان کي ڪھڙي قسم جي شاعري پسند آھي. مونکي جھڙي قسم جي شاعريءَ جي تلاش ھوندي آھي سا مونکي فيض پيرزادي وٽ ملي ٿي جيڪا تخليقيت سان ڀرپور ھجي ڇو ته شاعري جي بنيادي گھرج ئي تخليقيت آھي. شاعر جو نج ذاتي مشاھدو ۽ اھڙو جديد اظھار جھڙو اڳ ڪنھن نه لکيو ھجي
ھو جو وڃڻو ھڻندي ھئينءَ
سو وڇوڙي جو پرچم لڳي ٿو
ڪار ھارن ھڻندي آھي
ھن جيان ٽھڪ ته ڏيندي ناھي
ھٿ ۾ پئسن ڀريل پرس کڻي گھمڻ زندگي ناھي،
ڪنھن ھٿ ۾ ھٿ ڏئي گھمڻ زندگي آھي
(نظم ماڊرنزم – رومانس ۽ انقلاب)
ڳلن جي ڊبل بيڊ تي،
لڙڪن کي ننڊ اچي وئي آھي
اکيون آليون ڪري
منھنجا فوٽو مون ڏي گھوري رھيا آھن
ھن جو چھرو
خوبصورتي جون خبرون ٻڌائي رھيو آھي
(نظم دوست منجھان)
اھڙي شاعري جنھن ۾ احساس جي شدت لفظ لفظ مان بکي رھي ھجي
اندر تنھنجي بُڪي جو
آپريشن ٿي رھيو آھي
ٻاھر درد منھنجي دل جو
آپريشن ڪري رھيو آھي
(نظم پيءُ جي آپريشن تي)
لڙڪ ته رڳو نيڻن جو پاڻي آھن،
تنھنجي ڏک جي ترجماني ته نه ٿا ڪن،
ھاڻ جڏھن به مان،
ڪنھن جي تڏي تي ويندس،
مون لاءِ اھو تنھنجو تڏو ھوندو.
(نانيءَ جي وڇوڙي تي لکيل نظم)
رومانس ۽ انقلاب ھن ڪتاب جو عنوان به آھي ته فيض پيرزادي جي سڄي شاعريءَ جو تت به. فيض احمد فيض، پئبلو نرودا ۽ انور پيرزادي وانگر فيض پيرزادي جي به سڄي شاعري انقلاب واري واٽ تي محبوب جو ھٿ وٺي سفر ڪري ٿي. ھن نظم وانگر ھي ڪتاب به فيض پيرزادي جي انقلابي ۽ رومانٽڪ شاعريءَ جو ميوزم لڳي ٿو
ھي دور ھيو
جڏھن پمفليٽ،
منھنجي کيسي جي،
خرچي ھوندا ھيا.
اڄ ھي شھر مون کي
پنھنجي انقلابي يادن جو
ميوزم لڳي ٿو!
(نظم انقلابي يادن جو ميوزم)
فيض پيرزادي جي شاعري ان لاءِ مصنوعي نه آھي جو ھن جي شاعري ھن جي زندگيءَ جو عڪس آھي. ڪيترائي شاعر اھڙا ھوندا آھن جن کي ڏسي لڳندو ئي ناھي ته ھي انھن جي پنھنجن جذبن جو سچائيءَ سان اظھار آھي. پر فيض جي شاعريءَ ۾ سندس سياسي جدوجھد توڙي ذاتي وارتائون آئيني وانگر صاف نظر اچن ٿيون.
نيکيٽيءَ رات جو،
ڀيڻ کي،
ھٿ وٺاڻي،
لڙڪ ئي ڏئي سگھجن ٿا!
فيض پيرزادي وٽ رومانس جو رنگ به بنھه نرالو آھي جيڪو اڌارو ورتل، چورايل يا ڏيکاءَ وارو نه آھي.
اسان پيار جي اڪائونٽ ۾
چميون به جمع ناھن ڪرايون
ھيل وري تنھنجي گھر ۾
بھار رئندو ايندو
ڳوٺ جي ڏنگين ڦڏين گھٽين کي،
پنھنجي انگڙائي ھوندي آھي
شاعر لاءِ بي باڪ ھجڻ تمام ضروري ٿيندو آھي. جيستائين ھو بي ڊپو ٿي نه لکندو ھن جي شاعري نواڻ آڇي نه سگھندي. فيض جي شاعريءَ ۾ اھا دليري ۽ نواڻ به نظر اچي ٿي. فيض پيرزادو ھڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر آھي تنھن ڪري ھو سماج پاران عورت تي وڌل پابندين جو سخت مخالف آھي. مزاحمتي شاعر سماج جي فرسودھ ريتن رسمن جا ڪوٽ لفظن جي توپن سان ڊاھي ڇڏيندا آھن. ستر بابت فيض پيرزادو لکي ٿو
ستر
ھاڻي تون
پلي پٽڻ نه ويندينءَ
ڦريون، ڦوٽا به نه
رات توڙي جھڪ لڳي آهي
پر تون سڀن کان سوير اٿي
ٻير ميڙڻ به نه وينديئن
روز جيئن
ھا! ھاڻي تون
پڙيءَ وارو چولو پائي
ٻارڙن سان گڏ
لال ڦيري به نه ڏينديئن
ڇو جو تون
اڄ کان ستر ۾ ويٺي آھين
عمر قيد ڪئي وئي آھين!
ھڪ حساس شاعر جي اک جڏھن سماج ۾ بک ڏسي ٿي ته اھا ان احساس کي ڪيئن بيان ڪري ٿي جيئن سندس احساس سڀني کي تڙپائي سگھي
ٽاڪ منجھند جو،
ويٺل ھو ڏور،
پٿر جي ڍڳ تي،
ھٿوڙي ھٿ ۾،
وڄائي ويٺو بک جي ميوزڪ،
ٺڪ…ٺڪ…ٺڪ…
فيض پيرزادي جو سمورو ڪتاب اڻ ڇھيل تشبيھن ۽ استعارن سان ٽمٽار آھي.
تنھنجي اکين جي
اي ٽي ايم مان
پيار جي ڪيش ڪڍي رهيو آهيان
ٻانھن ۾ گھڙي وقت جي ھٿڪڙي آھي
ميٺاج جون
سڀ تشبيھون
تنھنجي چپن تي اچي
ختم ٿي ويون
جڏھن کان
خودڪشيءَ تي سوچيو اٿم
پاڻ کان
ڏاڍو ڊڄ ٿيندو اٿم
منھنجي چھري جو ھر گھنج
تجربن جي ريکا آھي
فيض پيرزادو نثري نظم جو بناوٽي نه پر فطري شاعر آھي. ھن جي شاعري لفاظي ناھي، لفظن جو ڀراءُ ناھي. ھن جي شاعري مشڪل ناھي پر بنھ هسادي ۽ سڌي آھي. سنڌ ۾ نثري نظمن تي جڏھن به ڪا تحقيق ڪئي ويندي ته اھا فيض پيرزادي جي طاقتور نثري نظمن کانسواءِ اڻپوري تصور ڪئي ويندي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو نثري نظمن کي شاعري مڃڻ لاءِ تيار نه ھجي ته کيس فيض پيرزادي جي نثري نظمن سان آسانيءَ سان قائل ڪري ٿو سگھجي. ايم آر ڊي تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل نظم جھڙ ڦڙ رت – رت ڦڙ رت ته ماسٽر پيس نظم آھي. فيض پيرزادي جا ڪجهه ٻيا شاھڪار نظم آھن مثال طور منھنجو ڳوٺ، مڪلي، ڀيڻ کي ھٿ وٺاڻي ۾ نظم، ڪراچي، مقدس ماضي، تنھنجو تڏو، حويلي. ھن قسم جا انيڪ حسين نظم فيض پيرزادي جي نثري نظمن جي ھن ڪتاب رومانس ۽ انقلاب منجھان ڦٽي نڪرن ٿا.
منھنجي نيڻن مان
لڙڪ ھر روز
جلوس ڪڍندا آھن
تنھنجي ملڻ جو
مطالبو ڪندا آھن