احمد علي بٽ هانيا عامر کي جنريشن زي جي بابرا شريف چئي ڇڏيو!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار، گلوڪار ۽ ميزبان احمد علي بٽ اداڪارا هانيا عامر کي ماضيءَ جي ليجنڊري فلم اسٽار بابرا شريف جو جديد عڪس قرار ڏنو آهي.

تازو هڪ پوڊڪاسٽ ۾ احمد علي بٽ سينيئر اداڪار غلام محي الدين سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙو دلچسپ تبصرو ڪيو. ان موقعي تي علام محي الدين ڳالهائيندي چيو ته سندس فلم ”ميرا نام هي محبت“ جو ريميڪ ضرور ٺاهجي پر ان لاءِ سٺو ڳائڻو، سندس جهڙو اداڪار ۽ بابرا شريف جهڙي هيروئن ملي وڃي. ان تي احمد علي بٽ فوري طور تي جواب ڏيندي چيو ته ”هن وٽ بابرا شريف ته موجود آهي، ڏسڻ ۾ پياري، هن جو جنريشن زي وارو چهرو آهي ۽ ڪافي حد تائين بابرا شريف جهڙي به آهي، هانيا عامر“

رپورٽ موجب احمد علي بٽ جي ان ڳالهه تي غلام محي الدين اتفاق ڪندي چيو ته هانيا عامر جي باڊي لينگويج ۽ انداز واقعي بابرا شريف سان ملندڙ آهي،

سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي به ان موضوع تي دلچسپ تبصرا جاري آه جتي ڪيترين ئي واهپيدارن هانيا عامر کي بابرا شريف جهڙو قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.