سلهٽ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالن ڪوچ عمر گل چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ٻه ڏينهن مسلسل بيٽنگ ڪيون ته اسان وٽ ميچ کٽڻ جو موقعو موجود آهي.
سلهٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر گل چيو ته اسان وٽ اڃا ٻه ڏينهن آهن، ميچ ۾ گهڻو وقت آهي ۽ برسات جو به امڪان آهي.
هن چيو ته ايڏو گهٽ وقت ناهي جو ميچ ڊرا ٿي وڃي، ٻنهي ٽيمن وٽ ميچ کٽڻ جو موقعو آهي.
اسان ذهني طور تي 437 رنز جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ان لاءِ اسان کي ٻن کان ٽن سٺين پارٽنرشپس جي ضرورت پوندي.
بالنگ ڪوچ وڌيڪ چيو ته پهرين ڏينهن پچ بالرن لاءِ سازگار هئي، پر ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن بيٽرز کي گهڻي مدد ملي.
هن چيو ته بنگلاديشي بيٽرسٺو کيڏيا، جڏهن ته اسان جا بالر اڀاڳا رهيا ۽ اسان ريويو (ڊي آر ايس ) جو صحيح استعمال نه ڪري سگهياسين.
پنهنجي بالرن جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ريڊ بال (ٽيسٽ) ۾ بالرن جي رفتار گهٽجي ويندي آهي، جڏهن ته بدقسمتي سان اسان گهڻي انگ ۾ ٽيسٽ ميچون نه کيڏندا آهيون، جنهنڪري بالرن جو رڌم نٿو ٺهي. اسان 6 مهينن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون ۽ سخت گرمي توڙي گهم سبب به بالرن کي ڏکيائي ٿي رهي آهي.
عمر گل سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته شاهين آفريدي بابت خبرون بي بنياد آهن.
هن چيو ته حسن علي جي مٿي تي بال لڳڻ سبب هو ميدان مان ٻاهر ويو هو، جنهن تي شاهين سان صلاح مشورو ڪري کيس فيلڊنگ لاءِ موڪليو ويو، ان واقعي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي.