ممبئي(ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪار نصيرالدين شاهه جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ ۾ هر ڀيري مذهب تي ٺٺول ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب نصيرالدين شاهه تازو هڪ تقريب ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن بالي ووڊ ۾ ٺٺول ڪرڻ لاءِ هر ڀيري مذهب ۽ سڃاڻپ جي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان موقعي تي هن سواليا انداز ۾ پڇيو ته بالي ووڊ ۾ ڪهڙي مذهب تي ٺٺول ناهي ڪئي وئي؟
اداڪار بالي ووڊ جي فلمن کي ”دقيانوسي تصورات جو ماسٽر“ قرار ڏيندي چيو ته بالي ووڊ سکن، پارسين ۽ عيسائين تي ٺٺول ڪئي جڏهن ته مسلمان کي فلم جي شروعات ۾ هيري جو ڀاءُ ڏيکاريو ويو آهي جيڪو آخر ۾ هيري کي بچائيندي مري ويندو آهي.
هن چيو ته ٻين جي ڏکن تي ٺٺول ڪرڻ ڀارتين جي قومي صفت آهي، پنهنجي مٿان ٺٺول ڪرڻ ناهي ايندو، جيئن ڪير به اسان تي ٺٺول ڪري ته اسان ناراض ٿي ويندا آهيون، پر ڪنهن تي ٺٺول ڪرڻ کان اڳ ٻه ڀيرا ناهيون سوچيندا ۽ اسان جي فلمن ان ڳالهه تي ڄاڻي واڻي زور ڏنو آهي.
نصيرالدين شاهه ڀارتي سينيما کي 100 سال پورا ٿيڻ تي به سوال اٿاريو. هن چيو ته اسان کي فلمون ٺاهيندي ذري گهٽ 100 سال ٿي ويا آهن، اسان ان ڳالهه تي ڏاڍي واويلا ڪندا آهيون جڏهن ته اسان فلمن ۾ هر ڀيري هڪ جهڙيون ڪهاڻيون ڏيکاريندا آهيون.
رپورٽ موجب اداڪار چيو ته اهو نئون مسئلو ناهي، پر ٻين جي مذهبن تي ٺٺول ڪرڻ اسان جي 100 سال پراڻي روايت بڻجي چڪي آهي.