چنائي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2026ع دوران چنائي سپر ڪنگز جي هوم گرائونڊ ”چيپوڪ“ تي عظيم ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه (ايم ايس) ڌوني کي کيڏندو نه ڏسڻ تي مداح مايوس ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ پي ايل 2026ع دوران پهريون ڀيرو ايم ايس ڌوني پنهنجي ٽيم سان گڏ ميچ واري ڏينهن گرائونڊ پهتو، جنهن کانپوءِ مداحن ۾ اميد اِها اميد جاڳي ته شايد هو اڄ ميدان ۾ لهندو.
پر سن رائزرز حيدرآباد خلاف آخري هوم ميچ جي ٽاس جي موقعي تي جاري ڪيل ٽيم شيٽ ۾ ايم ايس ڌونيءَ جو نالو شامل نه هئڻ سبب مداحن جون اميدون ٽٽي ويون.
ياد رهي ته ان کان اڳ چنائي سپر ڪنگز جي ڪپتان رتوراج گائيڪواڙ هڪ بيان ۾ اشارو ڏنو هو ته ڌوني فٽنيس مسئلن جو شڪار آهي، پر جيڪڏهن ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي رهي ته شايد هو آخري ميچ لاءِ ٻيهر ميدان ۾ نظر اچي.
ان باوجود به آخري هوم ميچ ۾ به کيس نه کيڏائڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته مستقبل ۾ چيپوڪ جي تماشائين لاءِ ڌوني جي راند هاڻي رڳو هڪ يادگيري بڻجي ويندي.