ڪلهه ۽ اڄ

تحرير: امر جليل

هيءَ گھڻي پراڻي ڪهاڻي آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به گھڻي  پراڻي آهي. تڏھن هندستان ۾ انقلابين جي کوٽ نه هئي. گھٽين گھيڙن ۾ انقلابي  گھمندا ڦرندا نظر ايندا ھئا. تڏهن اسين ننڍا هئاسين، بلڪه ننڍڙا ٻار ھئاسن. حيران ٿي اسين انقلابين کي ڏسندا ھئاسين.ڏسڻ ۾ اهي عام ماڻهن وانگر ھئا.اھو ئي ماڻھن وارو نڪ نقشو. اھا ئي ماڻھن واري هلت چلت، اھو ئي عام ماڻهوءَ وارو  لب ۽ لهجو، پر جڏهن اھي انقلاب جي ڳالهه ڪندا ھئا. تڏھن اوھان انقلابين جي آواز ۾ گجگوڙ ٻڌي سگھندا ھئا.

ورهاڱي کان اڳ وارا اسين ٻار اڄ جي ٻارن وانگر سياڻا ۽ ميسڻا نھ ھوندا هئاسين. فلم ۾ ٽارزن جي پٺيان گھات لڳائيندڙ چيتي کي ڏسي ڊڄي ويندا ھئاسين.بيڪ گرائونڊ  موسيقيءَ سان اسين ٻار بھ  رڙيون ڪندا هئاسين، ٽارزن، پوئتي ڏس، سئنيما هال ۾ ويٺل ماڻهو ڦري اسان ٻارن ڏانهن ڏسندا ھئا ۽ کلي پوندا هئا. پر اڄڪلهه جي ٻارن سان اهڙو ڪجهه به نٿو ٿئي. اڄ جي ٻارن جو ڪنهن سان  ڪنھن قسم جو  جذباتي لاڳاپو ناهي ٿيندو. اهي ڄاڻن ٿا تھ فلمون اسڪرپٽ ۽ اسڪرين پلي جي مطابق ٺاهيون وڃن ٿيون. جيڪو ڪجھ اسڪرين تي نظر اچي ٿو.ائين ھوندو نھ آھي.  ٽارزن، هيرو هجڻ جي ناتي چيتي جو کاڄ نٿو بڻجي سگھي.وڏو فرق آھي اڄ ڪلهه  جي ٻارن ۾ ۽ جڏهن اسين ٻار هئاسين.تڏھن وڏيون ڳالهيون، اسان جي سمجھه کان ٻاهر ھونديون هيون. اسان جي سمجهه ۾ نه اينديون ھيون. اهي ٻڌل ٻڌايل ڳالهيون نه آهن جيڪي مان توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. تڏھن مان پاڻ ٻار ھوندو هئس، ان ڪري منھنجي سمجهه ۾ نه آيو ھو  ته  بيمار قائداعظم کي ماڙي پور ايئر بيس کان گورنر هائوس  تائين کڻي اچڻ جي لاءِ  ھڪ ڇڪڙي قسم جي ايمبولينس ڪنهن جي چوڻ  تي موڪلي وئي هئي. اسان کي ان ڳالھھ جو بھ علم نھ ھو تھ  ڪنھن جي حڪم تي ڊرائيور ڦٽيچر  ايمبولينس ماڙي پور روڊ تي عين ھڪ وڏي مھاجر ڪئمپ سامھون گاڏي ۾ خرابي جو بھانو بڻائي ايمبولينس روڪي ڇڏي ھئي ۽ سيپٽمبر جي ساڙيندڙ ڪاڙھي ۾ايمبولينس بي يارو مددگار  ڪلاڪ تائين بيٺي رهي ھئي. پر اڄ جا ٻار جيڪي تڏھن پيدا نه ٿيا هئا، ڄاڻن ٿا تھ ڪنھن جي حڪم تي قائد اعظم کي ٽٽل ڦٽل ناقص ايمبولينس ۾ سوار ڪيو ويو ھو.اڄ جا ٻار ڄاڻن ٿا تھ ڪنھن جي حڪم تي ڊرائيور انجڻ ۾ خرابي جو بھانو بڻائي ڪري مهاجر ڪيمپ جي سامهون روڪي ڇڏي ھئي. اڄ جا ٻار اھو پڻ ڄاڻن ٿا ته 1947ع ۾ نشر ٿيل قائد اعظم جي افتتاحي تقرير جڏھن  اخبارن ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪلي وئي هئي تڏھن قائداعظم جي تقرير کي ڪنھن ڪنھن ايڊٽ ڪئي ھئي ۽  تقرير ۾ ڊاھ ڊوھ ڪيو ھو. تڏهن اسين ٻار هئاسين، ڪجهه سمجهي نه سگهندا ھئاسين.ڪجهه اسان جي سمجھه نھ آيو ھو. پر اڄ جا ٻار اسان ٻارن وانگر بيوقوف نھ آهن، ستر ۽ اسي سالن جون ڳالهيون اھي اوھان کي ايتري قدر درست درست ۽ کري پڻ سان ٻڌائيندا جو  اوهان دنگ رھجي ويندا.

ڪمال جا ٻار آھن  اڄ ڪلهه جا ! اسان جي سامهون تاريخ جا صفحا لکيا پئي ويا، پر تڏھن جا اسين ٻار بي خبر هئاسين. پر اڄ جا افلاطون ٻار سڀ ڄاڻن ٿا ته اخبارن ۾ ڪاٽ ڪوٽ بعد ايڊٽ ڪيل تقرير پڙهي ڪري قائداعظم کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ھو ان کان پوءِ چپ ٿي ويو ھو.ڪنھن جي بدلي نھ ٿي. ڪنهن کي مستعفي ٿيڻو نه پيو ھو. ڪو سسپينڊ نھ ٿيو ھو.ڪنهن کان وضاحت نه گهري وئي. قائداعظم ان کان پوءِ گهڻو وقت هن دنيا ۾ نه رهيو.موڪلائي ويو.اھا ڳالھيون اڄ جو ھر ھڪ ٻار ڄاڻي ٿو. اسين جيڪي هاڻي ٻار نه رهيا آهيون، ۽ هاڻي تھ پڪا پوڙها ٿي ويا آهيون،  اهي ڳالهيون نٿا ڄاڻون.وسري ويون آهن. اڄ ڪلھه جا ٻار تھ  اوهان کي  اھو بھ ٻڌائيندا ته لياقت علي خان کي قتل ڪرڻ جي  رٿ ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪنھن ڪنهن رٿي ھئي.ھڪ اجنبي کي حاضرين جي صف ۾ عين  وزيراعظم جي سامهون ڪنھن ويھاريو ھو،جنھن تقرير شروع ٿيڻ جي فورن بعد وزيراعظم جي سيني ۾  ريوالر سان  گولي هنيون ھيون. اڄ ڪلهه جا  ٻار اھو بھ ڄاڻن ٿا تھ بينظير ڀٽو جي قتل جو ماسٽر مائينڊ ڪير آهي، ڪٿي آهي ۽ اڄ ڪلهه ڪھڙا ڪم انجام ڏئي رھيو آھي. مون کي حيرت آھي ته تاريخ جي لڪيل صفحن جي باري ۾ اسان ايترو ڪجهھ ڇو نٿا ڄاڻون.جيترو اڄ  ڪلهه جا ٻار ڄاڻن ٿا.

ورهاڱي کان اڳ واري دور جو هڪ وساريل انقلابي خير سان ڪراچي پهتو .ڪنگلو هو، تنھنڪري اسان ڪنگلن  جي وسنديءَ ۾ اچي رهڻ لڳو.انقلاب جي ڏس ۾ ھن ڪھڙا ڪھڙا ڪارناما اسرانجام ڏنا ھئا.انھن ڪارنامن جي باري ۾ مان بي خبر ھئس. پر اڄ جا ٻار بي خبر نھ ھئا.اهي انقلابي جي باري ۾ باخبر ھئا، ٻارن مون کان پڇيو ته ”چاچا،هي ڪنگلو ورهاڱي کان اڳ واري دور جو انقلابي آهي. يعني اوھان جي دور جو انقلابي آھي .تھ  پوءِ توھان ان انقلابي کي ڇو نٿا سڃاڻو ؟“

مون چيو، ”تڏھن مان  توهان وانگر ننڍڙو ٻار هئس. ۽ مان توهان ماڻهن وانگر ميسڻو بھ  نه هوس.“

ڪجهه ديرجي  خاموشيءَ کان پوءِ مون ٻارن کان پڇيو ”توھان کي ڪيئن خبر پئي ته هي سنھڙو سيپڪڙو ماڻهو انقلابي آهي؟ ”ٻارن چيو.“ ورهاڱي کان اڳ انگريز جي پوليس ۽ ڳجهن ادارن سندس زندگي حرام ڪري  ڇڏي هئي. اڄ ڪلهه پاڪستاني پوليس ۽ انٽيليجنس ادارا ان کوکلي انقلابي جي پٺيان لڳل آهن.“ ڪلهه ختم.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.