سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا ۽ زرعي سڌارن جي گُهرج

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي اهتمام هيٺ صدر تاج مري جي صدارت هيٺ قومپرست سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ ۾ امن امان جي قيام،ڌاڙيلن جي سرگرمين ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ معاشي بدحالي بابت شرڪاءُ پنهنجيون پنهنجيون تجويزون ڏنيون جنهن ۾ سنڌ اندر زرعي سڌارن ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو سرفهرست رهيو.اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 27 اپريل تي حيدرآباد ۾ ڌاڙيلن جي راڄ وڌندڙ بدامني خلاف امن ريلي ڪڍي وڃي جنهن لاءِ ڪجهه ساڃاه وندن ۽ قومپرستن اڳواڻن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي به جوڙي وئي.

هن گڏجاڻي ۾ تمام تفصيلي ۽ مثبت انداز ۾ تعميري بحث مباحثو ٿيو جنهن ۾ مون سميت روشن ٻرڙو،بخشل ٿلهو،فهيم نوناري ۽ ٻين سنڌ ۾ پورهيت هارين سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي بيٺا ته سنڌ ۾ جيڪي به سرڪاري زمينون آهن سي طاقتور ڌرين حوالي ڪرڻ بدران زرعي سڌارا آڻي سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.اهو به مطالبو بلڪه تجويز ڏني وئي ته پنجاب جي طرز تي سنڌ جي ماڻهن کي مفت رهائشي گهر ۽ گذاري لاءِ ڪجهه زمين ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن.

سنڌ ۾ زرعي سڌارا هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا آندا ويا آهن پر اهي بي اثر رهيا آهن.وقت جي آمر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان به آندا هئا پر انهن سڌارن جو سنڌي هارين ۽ ماڻهن تي ڪنهن به قسم جو ڪو اثر نه پيو ۽ سنڌ جون بئراجي زمينون وقت جي فوجي آفيسرن کي الاٽ ڪري ڏنيون ويون جنهن سان سانگهڙ نوابشاهه،ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي پنجابي خاندان آباد ٿيا ۽ چڪ ٺهيا جيڪي هن وقت به سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرسبز آهن جو اتي گڊو سکر ۽ غلام محمد بئراجن جو پاڻي آساني ۽ وافي مقدار ۾ پهچي ٿو.

ايوب راڄ بعد جڏهن پ پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽو وفاق ۽ صوبن جون حڪومتون سنڀاليون ته هن ٻه ڪم ڪيا جن ۾ هڪ ته سنڌ جا ڪارخانا سرڪاري تحويل ۾ ورتا ۽ انهن جو ڪنٽرول غير تجربيڪار سرڪاري آفيسرن حوالي ڪيو جن انهن ڪارخانن کي تباهه حال بڻايو ۽ ڪارخانن جي پيداوار وڌڻ بدران گهٽجي وئي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي ڪارخانا ٻيهر نيلام ٿيا اصل مالڪن کي مليا يا انهن ٻيهر خريد ڪيا.انهيءَ وچ ۾ ڀٽو صاحب جاگيرداري ختم ڪرڻ جي بهاني سان نوان سڌارا آندا جنهن ۾ جاگيردارن کان واڌو زمينون وٺي بي زمين هارين کي مالڪ بنائڻ جو فيصلو ڪيو پر انجو نتيجو اهو نڪتو ته جاگيردارن پنهنجيون زمين سرڪار کي واپس ڪرڻ بدران پنهنجي اولاد ۽ ڪٽنب جي ماڻهن ۾ ورهائي جاگيرداري وارو تسلط جاري رکيو ۽ غربت بدران غريب خود ختم ٿيڻ لڳو.سرڪاري نوڪريون به پارٽي ڪارڪنن کي مليون.ساڳيا جاگيردار سردار ۽ وڏيرا  ڀٽو جي هنج ۾ ويٺل رهيا ۽ انهن ئي ضياءُ الحق دور حڪومت ۾ ضياءُالحق سان وفاداري ڪئي جو ڀٽو عوامي اڳواڻ هوندي به ڦاهي چڙهيو.

زرعي سڌارن جو ٽيون ۽ چوٿون دور محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ميان محمد نوازشريف جي دور حڪومتن ۾ آڏو آيو جنهن ۾ ڪچي ۽ پڪي جون سرڪاري زمين بي زمين هارين جي نالي ۾ وقت جي وڏيرن وزيرن اسيمبلي ميمبرن ۽ روينيو ڪامورن ۽ سندن اولاد کي مليون جن جو به حقيقي لاڀ اصل هارين کي نه مليو،جن به هارين کي اهي زمينون مليون تن اڳتي هلي طاقتورن وزيرن اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن کي ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪيون جڏهن ته بي زمين هاري مليه زمين آباد ته ڪري سگهي ٿو پر وڪرو ڪري نٿو سگهي.اهي سڌارا به اکين ۾ ڌوڙ جيان رهيا.

اهڙي طرح جڏهن محترمه شهادت ماڻي تڏهن هٿرادو باهيون ڏياري روينيو جو سرڪاري رڪارڊ ۾ سڙي ويل ڏيکاريون جڏهن ته اصل ۾ رڪارڊ سڙيو ئي ڪونه هو هن وقت به جيڪي ڏيتي ليتي ڪن ٿا تن کي اهو رڪارڊ مليو وڃي ۽ سندن ڪم ٿيو وڃي باقي بيوسن لاءِ رڪارڊ سڙيل آهي.رڪارڊ سڙي وڃڻ جو بهانو بڻائي باقي بچيل سرڪاري زمينون طاقتورن کي مليون يا وري روينيو کاتي جي سرڪاري ملازمن ۽ سندن سرڪاري نوڪري ڪندڙ اولاد کي بي زمين هاري قرار ڏياري انهن کي ليز ڪيون ويون جنهن ڪري سنڌ سرڪار کي اربين کربين رپين جو نقصان پهتو ۽ سنڌ صوبو معاشي بدحالي طرف ڌڪجي ويو.صوبي کي وڌيڪ معاشي بدحالي طرف ڌڪڻ لاءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بدامني پئدا ڪرائي قوم کي قبائلي جهيڙن ۽ زميني تڪرارن طرف ڌڪيو ويو جنهن ڪري خونريزي ٿئي ٿي ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ٿي چڪا آهن جتان جي زمينن تي وري سردار ۽ وڏيرا هٿرادو قبضا ڪرائي رهيا آهن جن جا سهولت ڪار روينيو ۽ پوليس جا ڪامورا آهن.سردارن ۽ وڏيرن جا ٽارچر سيل آهن جتي دانهن ڪنڊرن ۽ حق گهرندڙن تي تشدد ٿئي ٿو.اهو سڀ ڪجهه پوليس جي سامهون ٿئي ٿو.

جيڪڏهن سنڌ کي بدامني ۽ تشدد کان ٻاهر ڪڍڻو ۽ معاشي طور مضبوط ڪرڻو آهي ته بقول بخشل ٿلهو جي ته سنڌ کي امن جو گهوارو بڻائڻو پوندو ۽ جاگيردارن جي زمينن کي ضبط ڪري اهي زرعي سڌارن وسيلي حقيقي بي زمين هارين کي ڏيڻيون پونديون.ٻيو اهي زمينون جن تي طاقتور ڌرين سردارن ۽ وڏيرن جا قبضا ٿيل آهن ۽ ٽيون اهي زمينون جيڪي زرعي سڌارن جي آڙ ۾ جاگيدردارن سردارن ۽ وڏيرن کي سندن ئي رکوالن کي بي زمين هاري قرار ڏئي ورتل آهن.بهرحال نيشنل پارٽي سنڌ وحدت زرعي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن کي جوڙيل ڪاميٽي ۾ سامهون آڻي آئنده جو لائحه عمل جوڙڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.