سيد مراد علي شاهه، سنڌ لاءِ جيڪر سبواراج يا ڪيجروال ٿي پوي

تحرير: سڪندر چنو

سبواراج بومائي، ڀارت جي صوبي ڪرناٽڪ رياست جو وزيراعليٰ آهي. ڪجهه مهينا اڳ ان فيصلو ڪيو ته صوبي کي ڀارت جو ماڊل بڻائي ساهه پٽيندو. يعني صوبي کي خوشحال ڪرڻ ۾ مشڪل کان مشڪل حد پار ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو. وزيراعليٰ ڪرناٽڪ سبواراج بومائي صوبي جي سڀني سينيئر ترين ۽ تجربيڪار سرڪاري آفيسرن، صنعت ڪارن ۽ معاشي ماهرن سان هڪ اهم گڏجاڻي ڪندي صوبي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ان کان وڌيڪ صوبي مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم گڏجاڻي ڪئي. ۽ سرڪاري آفيسرن، معاشي ماهرن توڙي صنعت ڪارن وزيراعليٰ آڏو هڪ تفيصلي منصوبو پيش ڪيو. ڌرين پاڻ ۾ وچن ڪيو ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ صرف ۽ صرف پنهنجي صوبي جي معيشت کي هڪ مثالي بڻائيندي هڪ سئو ارب ڊالرن تائين پهچائڻ ۾ سڀني کي گڏيل طور پنهنجو ڪيليدي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منصوبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي انڊسٽري کان ويندي زراعت ۽ بيروزگار نوجوانن کي شارٽ اپ پروگرامن کان ويندي عوام جي لاءِ بهتر صحت ۽ پيئڻ جي پاڻي توڙي زراعت لاءِ پاڻي جي بهترين درجو بنديءَ جي نظام کي بهتر ۽ اثرائتو بڻايو ويندو. يعني صوبي کي هڪ مثالي معاشي ۽ ترقي يافته بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.

سبواراج بومائي ڀارت جي حڪمران ڌر جي پي جي پارٽي جو وزيراعليٰ آهي. ۽ پنهنجي صوبي کي ترقي ڏيارڻ ۾ ايمانداري سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪندي وزيراعظم نريندر مودي کان حق ڇني وٺي رهيو آهي. يعني پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو آهي ته صوبي جي بهتري لاءِ ڀلائيءَ لاءِ هر قدم کنيا ويندا ان لاءِ سندس جي مدد ڪئي وڃي. سبواراج جو خيال آهي ته حڪومتون اچڻيون وڃڻيون هجن ٿيون. ان ڪري اسين پنهنجي گهر يعني صوبي جي بهتري لاءِ قدم کڻنداسين ته اتان جو عوام بنا ڪنهن رنڊڪ جي ٻيهر چونڊيندو سبواراج صوبي جي ترقي لاءِ دنيا مان به فنڊ گڏ ڪري ٿو. تازو ڊيوس ۾ ورلڊ اڪنامڪس فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي وڏو ڪمال ڪري ڏيکاريو. لولو گروپ ۽ رنيو پاور ڪمپني سان 500 ارب روپين جو معاهدو ڪيو آهي جنهن سان صوبي جي عوام کي ڀلي پوءِ شهري هجن يا ڳوٺاڻا انهن کي چوويهه ڪلاڪ بجلي ملي سگهندي. ۽ صوبي ۾ هلندڙ ڪارخنن کي پڻ چوويهه ڪلاڪ بجلي ملڻ سان بيروزگاري پڻ ڪافي حد تائين ختم ٿي ويندي. پر سنڌ جا اڄ به ڳوٺ بجلي کان محروم آهن. ۽ عوام اونڌاهيءَ ۾ زندگي گذاري پيو.

جيڪڏهن وزيراعليٰ سنڌ ٿورو به اسٽينڊ وٺي ته عوام بهتر بجلي ملي سگهي. وزيراعليٰ ڪرناٽڪ جي ذهن ۾ صرف هڪ ئي سوال آهي ته ڪهڙي به طرح صوبي کي خوشحال بڻائڻو آهي. ۽ ڪرناٽڪ کي نه صرف ڀارت بلڪه دنيا جو امير ترين صوبو بڻائي دم پٽيندو. سبواراج جو خيال آهي ته ڪجهه سالن ۾ پنهنجي صوبي جي سيڙپڪاري هڪ سئو ارب ڊالرن تائين پهچائي ويندي. پر هتي سنڌ جي حڪمرانن جي هڪ ئي سوچ هوندي آهي ته هڪ سال اندر صوبي کي مفلوج بڻائي پوءِ ساهه پٽيندو پٽبو. گذارش ڪرڻ جو صرف هڪ ئي مقصد آهي ته جنهن به قوم کي ترقي ڪرڻي هوندي آهي ۽ جن سياستدانن کي پنهنجي قوم جي خوشحالي جي مقصد کي اڳتي وڌائڻو هوندو آهي. اهڙا عام ماڻهو نظر ايندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو هميشه تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي لکرائي ڇڏيندا آهن. ۽ امر ٿي ويندا آهن. ڀارت جي وزيراعظم کي ڏسو يا وزيراعليٰ کي اهي صرف ترقي جون ڳالهيون ڪن ٿا. تازو ڀارت جي وزيراعليٰ نيريندر مودي هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي پاڪستان جي حڪمرانن کي دعوت ڏني آهي ته اچو ته گڏجي ملڪ مان غربت ختم ڪريون ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي للڪاريندي نيريندر مودي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجن چئن صوبن کي سنڀالي ڪونه ٿو سگهي ته پوءِ ڪشمير کي ڪيئن سنڀاليندو؟ اسان وٽ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي.

سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه ادارو بچيل ناهي جنهن کي ڪرپشن ڪري لٽي ڦريو نه ويو هجي. هاڻي ته سنڌ سموري سورن ۾ آ. پاڪستان ۾ ڪوبه عوام جي ڀلائيءَ لاءِ منصوبابندي ناهي. ڀارت ۽ بنگلاديش هر معاملي ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري رهيا آهن. پاڪستاني حڪمرانن جو پنڻ بند ٿئي ڪونه ٿو. آخرڪار ڪيترو ڪير پاڪستان جي مدد ڪندو رهندو؟ پاڪستان جي حڪمرانن کي پنڻ مان سندن ڪستي به جيڪو پئسو پوي ٿو اهو به ملڪ جي عوام تي خرچ ڪرڻ بدران ڪرپشڻ جي نظر چڙهي وڃي ٿو.

پاڪستان هن وقت وڏي انتشار ۽ خلفشار جي ورچڙهيل آهي. ۽ پوءِ به ملڪ ترقي ڪندا رهن ٿا. سنڌ ۾ طرز حڪمراني سٺي به ناهي ته ڪا بهتر ناهي. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪڻڪ جي سرڪاري گودام تان واپارين کي يعني فلور ملن کي جيڪا ڪڻڪ ڏني ويئي آهي اها کائڻ جي لائق به ناهي. جيڪا هڪ انتهائي شرم ناڪ ڳالهه آهي. ڇا اها ڪڻڪ فلور مل وارا اٽو ڪري ماڻهن کي کارائيندا؟ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ صاحب! سنڌ بلڪل تباهه آهي. عوام بک بدحالي ۾ وٺجي ويو آهي. برساتن کان پوءِ سنڌ ويهجي ويئي آهي. فصلن سميت ماڻهن جا گهر به تباهه ٿي ويا آهن. اتي في گهر جي اڏاوت لاءِ 70000 هزار روپيه ڏيڻ ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. ڪاش توهان به جيڪڏهن ڪرناٽڪ جي وزيراعليٰ جيان سنڌ جي بهتري لاءِ ڪو اهم منصوبو دنيا کان وٺي وجهو. سنڌ جو سمورو اسٽيڪچر تباهه آهي. هاڻي سنڌ واسين کي آهسته آهسته يقين ٿي ويو آهي ته توهان سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو ٺوس ڪم نٿا ڪرڻ چاهيو. يا جيڪڏهن ارادو ڪيو ٿا ته توهان جي قلم کي زنجير لڳايا وڃن ٿا.

سنڌ جي ترقيءَ ۾ مسلسل گهٽتائي ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ترقي جي ڪابه اميد پري پري تائين نظر ڪونه ٿي اچي. وزيراعليٰ سنڌ سنڌ کي ته خوشحال بڻائي ڪونه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جون معاشي حالتون به خراب آهن. پر وزيراعليٰ جيڪڏهن هڪ ڪم ڪري ته سنڌ واسي صدين تائين ان کي ڏاڍي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندا. هن وقت حيسڪو ۽ سيپڪو جون بجلي رهتون سنڌ جي ڳوٺن ڏانهن بقايا جات جي صورت ۾ رهيل آهن ۽ ان ڪري ئي سنڌ جي ڳوٺن ۾ بجلي ناياب ٿيندي پئي وڃي. ۽ عام ماڻهو بجلي جي نعمتن کان محروم آهي. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن جي بجلي ڪافي وقتن کان وٺي بقاياجات جي ڪري ڪٽيل ۽ بند آهي. جنهن جي ڪري عوام ٻٽي عذاب ۾ آهن جيڪڏهن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه حيسڪو ۽ سيپڪو جون بقاياجات ايم پي ايز جي فنڊن مان ادا ڪري ته سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين مان ٻري اٿندي. وزيراعليٰ سنڌ. ڀارت جي رياست ڪرناٽڪ جي وزيراعليٰ جيان دنيا مان فنڊ گڏ ڪري صوبي کي خوشحال ته نه ٿو ڪري سگهي پر گهٽ ته گهٽ سنڌ واسين کي بجلي جهڙي نعمتن سان نوازي سگهي ٿو. ان لاءِ ٿورو غور ۽ فڪر ڪري ڏسو. هي سودو توهان لاءِ سستو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس صلاح الدين پهنور پنهنجي رٽائرمينٽ جي آخري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سڌارن بابت جيڪي قدم کنيا يقينن اهي ساراهه جوڳا آهن. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار جسٽس صلاح الدين پهنور صاحب کي سنڌ بابت آخري ڏهاڪن ۾ ڇو ياد آئي؟ ڇا ان کان ڪجهه سال اڳ اهڙا فيصلا پئي ڪري سگهيو؟ جيڪڏهن سنڌ جي سڌاري لاءِ ڪجهه سال پهريان جسٽس صلاح الدين پهنور اهڙا تڪڙا فيصلا ڪري ها ته مورڳو اڄ سنڌ بدحالي بدران خوشحال هجي ها. بحرالحال اڄ به سنڌ واسي پر اميد آهن ته سنڌ جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ لاءِ وري سنڌ امڙ جي ڪک مان ڪو ٻيو جسٽس صلاح الدين پهنور پيدا ٿي پوندو. جيڪڏهن سنڌ جا سڀ جج صاحبان سنڌ جي ادارن کي سڌارڻ لاءِ لٺ کڻن ته سنڌ اڄ به سنگاپور جيان سونهن راڻي ٿي پوندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ صرف جسٽس صلاح الدين پهنور جي اڪيلي سر ذميواري نه آهي. اهيا ذميواري سنڌ جي اپت کائيندڙ هر فرد جي آهي.

سنڌ واسي پر اميد آهن ته جلد هڪ ٻيو جسٽس صلاح الدين پهنور سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ مان پيدا ٿي پوندو. وزيراعليٰ سنڌ جي خدمت ۾ اسين سنڌ واسي گذارش ڪنداسين ته ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلو پنجاب ڏانهن وڃي ٿو ڇا ان ڪوئلي سان سنڌ جو بند پيل بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانو لاکڙا پاور هائوس نه ٿو هلي سگهي؟ جيڪڏهن بند پيل لاکڙا پاور هائوس کي ڪوئلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هلايو وڃي ته سنڌ صوبي جي عوام کي بهتر ۽ 24 ڪلاڪ بجلي ملي سگهي ٿي. هونءَ به ڪوئلي مان وافر مقدار ۾ بجلي پيدا ٿيندي مٽياري ۾ ٺهيل نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ وڃي ٿي ۽ اڃان به بجلي ضايع ٿئي ٿي. وزيراعليٰ سنڌ هن ڀيري جڏهن ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ منتخب ٿيو آهي ته هڪ نواڻ ۽ جديديت سان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ جذبو پيدا ڪيو آهي. پر سنڌ جي عوام کي جيڪا تڪليف آهي اها بجلي جي اڻ هوند جي آهي. سنڌ جي هزارين ڳوٺن کي بجلي ناهي يا 24 ڪلاڪن مان 5 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي. ڪير مالڪي ڪرڻ وارو ڪونهي. ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن بجلي جو بل اسلام آباد نه ڏنو ته انهن جي بجلي بند ڪري ڇڏينداسين. بحرالحال وزيراعليٰ ان اهم اشوز تي ڌيان ضرور ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.