ايران طرفان سفارت خاني تي حملي جو جواب ڏيڻ جو اعلان

ايران چيو آھي  تھ اسرائيل کي جواب ڏنو ويندو.جنھن جو وقت ۽ طريقو اھو طيھ ڪندو.اھو ردعمل دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي بعد سامھون آيو آھي.جنھن تي اسرائيل تاحال ڪو تبصرو نھ ڪيو آهي ۽ نه ئي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.

ايران جي پاسدارن  انقلابي گارڊز تصديق ڪئي آهي ته دمشق ۾ تهران جي سفارتخاني تي مبينا اسرائيلي هوائي حملي ۾ قدس فورس جو ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل محمد رضا زاهدي ۽ ڊپٽي برگيڊيئر جنرل محمد هادي حاجي رحيمي پڻ مارجي ويا آهن. حملي ۾ انقلابي گارڊ جا پنج ٻيا ڪمانڊر پڻ مارجي ويا.حملي ۾ سفارتخاني جي ڀرسان ايراني قونصليٽ جي عمارت ملبي جو ڍير بڻجي وئي.

ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان، پنهنجي شامي هم منصب سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته مبينا اسرائيلي حملو "سڀني عالمي ذميوارين ۽ ڪنوينشنز جي ڀڃڪڙي” آهي ۽ اسرائيل کي ان جي نتيجن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو.پرڏيھي وزير چيو ته تهران اسرائيل جي ان ”اڳرائي“ جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.ٻئي پاسي پاڪستان

روس، سعودي عرب ۽ سميت ڪيترن ئي ملڪن مبينه اسرائيلي حملي تي رد عمل ظاھر ڪيو آھي.  سعودي عرب حملي جي مذمت ڪندي بنا جواز سفارتي سهولتن کي نشانو بڻائڻ کي رد ڪيو ۽عالمي سفارتي قانونن ۽ اصولن جي خلاف ورزي قرار ڏنو.پاڪستان ان عمل کي غيرذميواراڻو سڏيندي گڏيل قومن کان گھر ڪئي تھ خطي ۾ مھم جوئي،پاڙيسرين تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتخانن کي نشانو بڻائڻ واري ڪندڙن کي روڪيو وڃي. اسرائيل ماضي ۾ شام ۾ سوين حملن جي ذميواري قبول ڪري چڪو آهي، سندس دعويٰ آهي ته ايران جي حمايت يافته هٿياربند گروپن کي نشانو بڻايو ويو. جن کي ايران جي انقلابي گارڊز هٿيار، سرمايو ۽ تربيت فراهم ڪندا آهن. حملي ۾ايراني انقلابي گارڊ ڪور جو برگيڊيئر جنرل ۽ قدس فورس جو سينئر ڪمانڊر 63 سالن جو محمد رضا زاھدي مارجو ويو.هن سان گڏ جنرل محمد حاجي رحيمي به ان سرپرائز حملي ۾ موت جو بک بڻيو. شام جي پرڏيهي وزارت موجب اسرائيلي جهازن گولان جي چوٽين تان اھا ڪارروائي ڪئي.

جنرل محمد رضا زاهدي شام ۽ لبنان ۾ قدس فورس جو ڪمانڊر هو، جتي هن شام ۾ بشار الاسد ۽ لبنان ۾ حزب الله کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ھو. قاسم سليماني جي موت کان پوءِ رضا زاهدي قدس فورس جو سڀ کان سينيئر ميمبر هو.

رضا زاهدي کي ايران ۽ حزب الله جي وچ ۾ رابطن کي برقرار رکڻ جو ذميوار سمجهيو ويندو هو، جنهن کي آمريڪا، يورپي يونين ۽ ڪجهه ٻين مغربي ملڪن دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. رضا زاهدي 2 نومبر 1960۾ ڄائو. 1980 ۾ انقلابي گارڊز ۾ شامل ٿيو،عراق ۽ ايران جي جنگين ۾ حصو ورتو.1983 کان 1986 تائين رضا زاهدي ”بني هاشم“ ڊويزن ۽1991ع تائين امام حسين ڊويزن جي ڪمانڊ ڪئي.

القدس فورس کي ايران جي پرڏيھي پاليسي جو اھم جز سمجھيو وڃي ٿو.اها قوت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڳجهي طرح ڪم ڪندي آهي، لبنان ۾ حزب الله، عراق ۽ افغانستان ۾ مختلف شيعه ويڙهاڪ گروپن سان ڳنڍيل آهي. قدس فورس تي 1983ع ۾ لبنان ۾ ٿيل هڪ خطرناڪ حملي جو به الزام آهي جنهن ۾ 241 آمريڪي فوجي، 58 فرانسيسي فوجي ۽ ڇهه لبناني شهري مارجي ويا هئا.

آمريڪا ۽ يورپي يونين پاران قدس فورس تي شام جي صدر بشار الاسد کي باغين خلاف ويڙهه ۾ هٿيارن جي فراهمي جو الزام لڳايو آهي. آمريڪا ان قوت تي طالبان کي تربيت ڏيڻ ۽ هٿيارن جي فراهمي جو به الزام ھنيو آهي. چيو ويندو آهي ته قدس فورس ڪنهن به سڌي فوجي حملن ۾ حصو نه وٺندي آهي، پر صرف مشورو ۽ مدد فراهم ڪري ٿي ته جيئن ايران ڪنهن به فوجي ڪارروائي ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪري ۽ آمريڪا سان سڌي ويڙهه کان پاسو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته قدس فورس انتهائي ڳجھي انداز ۾ ڪم ڪري ٿي. اهو ڄاڻڻ ڏکيو آهي ته ان جا ڪيترا ميمبر آهن. جڏهن ته مختلف تجزين جي مطابق قدس فورس ۾ پنج هزار کان ڏهه هزار ميمبر شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.