سنڌ جو نامور ڪلاسيڪل گائڪ عبدالغفور سومري ڳوٺ ميرواھ سومرو لڳ پير بخش جي وانڍ ضلعي شڪارپور محمد ساجن سومرو جي گهر ۾ 2 اپريل 1964 تي جنم ورتو.
هن کي راڳ ۽ موسيقيءَ سان ننڍپڻ کان لڳاءُ هيو. موسيقيءَ جي سکيا ۽ شروعات پهريان ته جيڪب آباد مان صوفي راڳي ڪمال فقير ٽالاڻي کان ورتي جڏهن ته ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي شروعات ۾ سکيا تمام وڏي نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد ارباب خان کوسي کان 1972 ۾. ورتي ان کان پوءِ جڏهن هن سنڌ جي نامور ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان کي سامهون ٻڌو ته سندس سرن ۽ گائڪي جو عاشق ٿي پيو 75..1974 ڌاري هن استاد گلزارعلي خان دايو کان لاڙڪاڻو ۾ موسيقي جي باقائدي سکيا حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سندس 1983 کان 87 تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ھارمونيم ماسٽر طور ڪم ڪيو،
1988 کان 93 تائين ڪراچي ۾ رھيو ڳائڻ سان گڏوگڏ مختلف پروگرامن ۾ ميوزڪ ڪمپوزر طور خدمتون انجام ڏنيون. هن پاڪستان جي ڪيترن ريڊيو ٽي وي چينلز تي به ڳايو. هن سنڌي اردو پنجابي ۾ ڳايو آھي.
هن سنڌ، پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر هندستان ۔دبئي ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آھي
1992 ۾ چند ھم خيال دوستن سان گڏجي سنڌ ميوزيڪل پروگريسو گروپ جوڙيو
1 آگسٽ 1993 ۾ ماڊل اسڪول شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ميوزڪ ٽيچر ٿيو. گڏوگڏ هن پنهنجي پرائيويٽ تعليم کي به جاري رکيو ۽ ايم اي سنڌي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪئي. 1994 ۾ سنڌ ميوزيڪل پروگريسو گروپ کي آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن آسا ۾ زم ڪري سموري سنڌ ۾ تنظيمي شڪل ڏني.
عبدالغفور سومري 10 سيپٽمبر 2016 ۾ گواليار گهراڻي جي تمام وڏي ڪلاسيڪل گائڪ استاد فتح علي خان کان به شاگرديءَ جو ڳانو ٻڌرايو.
عبدالغفور سومرو صاحب جا فرزند ماسٽر حسيب ۽ ماسٽر سارنگ به موسيقيءَ سان سلهاڙيل آھن . عبدالغفور سومري سنڌ ۾ ڪيترائي ناليوارا راڳي شاگرد پيدا ڪيا جن ۾ رحمت علي ميرالي، احمد مغل، جنسار سمون، شريف عباسي، عمران علي لاڙڪ، عمران صادق سومرو ، زاهد علي، ٻالڪ سنڌي، شبير سخيراڻي، حبدار سخيراڻي، محرم ناز ، فيضان سخيراڻي، حبدارعلي سومرو، ذوالفقار علي سمون، ظفرعلي شينو ، آصف رضا سومرو، ڊاڪٽر عاشق راڄپر ، عابد علي چارڻ ، طارق علي سمون، زبير لاڙڪ، ارشد علي پلهھ ، رضوان صاحب کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن جن ۾ لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ، بيدل ايوارڊ، عطا محمد حامي ايوارڊ، شيخ اياز ايوارڊ، استاد گلزار علي خان ايوارڊ قابل ذڪر آھن 2019 ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس لاءِ نامينيٽ ڪاميٽيءَ ۾ پڻ به سندس جو نالو آيل آھي سندس لڳ ڀڳ 10 کن آڊيو وڊيو البم آيل آھن.