مشتاق باگاڻيءَ کي پنهنجي ادب تي ملڪ جو اعليٰ اعزاز ”تمغئِه امتياز“ ڏنو ويو آهي. سندس ادبي خدمتن تي زور ڏيئي اهو ٻڌايو ويو ته سندس لکڻ جو اسلوب نرالو آهي ۽ هن پنهنجي/سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن لفظن جو استعمال ڪيو آهي جيڪي گهڻي ڀاڱي استعمال هيٺ اچڻ کان رهجي ويا آهن يا انهن جو استعمال گهٽجي رهيو آهي.
هڪ ڳالهه ته پڪي آهي سندس حوالي ۾ اهو جوڙڻ ته سندس لکڻ جو (نظم توڻي نثر ۾) اسلوب نرالو آهي ۽ اها نرالائپ هر لکندڙ جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. ڪالهه جڏهن مشتاق باگاڻي مليو هئو ته هڪ دوست جي حوالي ۾ ۽ اڄ جڏهن مان ساڻس مليو آهيان ته ان ليکڪ جي حوالي ۾ جنهن کي ملڪ جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو آهي. کيس مليل اهو اعزاز سنڌي ادب لاءِ اعزاز آهي، جنهن تي سنڌي ادب کي ته خوش ٿيڻ ئي گهرجي پر اهو اعزاز ساهتي پرڳڻي لاءِ ۽ ان جي هڪ ننڍي شهر موري لاءِ ايڏو وڏو اعزاز آهي، جنهن تي موري کي ۽ اتان جي سرجيل ادب کي فخر ڪرڻ گهرجي.
هيءُ اعزاز ڪنهن به طرح مشتاق باگاڻيءَ لاءِ هڪ مڃتا آهي، جيڪا کيس آٿت ڏيندي ته سندس پورهيو سجايو ٿيو آهي، ٻيءَ طرح ڪو به ايوارڊ ليکڪ کان وڏو نه هوندو آهي ڪو به ايوارڊ يا اعزاز ليکڪ جي پويان هلندڙ هوندو آهي اهم ڪنهن به طرح ليکڪ هوندو آهي. سڀاڻ جڏهن هو موري پهچندو ته ملڪ جو هڪ وڏو اعزاز ساڻس گڏ هوندو ۽ اهو اعزاز موري لاءِ هوندو، موري جي اديبن لاءِ هوندو جنهن تي مورو فخر ڪندو.
مشتاق باگاڻي اٺن ڪتابن جو ليکڪ آهي، جيڪي ڇپجي چڪا آهن ۽ انهن کان ٻيڻا ڪتاب اهي آهن جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن يقين جاڳيو آهي ته مشتاق جهڙي پنهنجي اسلوب جي خالق ليکڪ جا رهيل ڪتاب پڻ ستت شايع ٿي ويندا ۽ سندس زندگيءَ ۾ ئي انهن کي روشني نصيب ٿيندي ۽ هو اڃا تيزيءَ سان ايستائين لکندو رهندو جيستائين سندس سون ورنيون آڱريون رت جو دٻاءُ رسڻ تائين ڪم ڪنديون رهنديون.
هونئن مشتاق باگاڻي سموري زندگي صبح جو ان وقت لکندو آهي، جيڪو مڙني مذهبن جي عبادت جو وقت هوندو آهي ان ڪري مون کي اهو چوڻ ۾ خوشي ٿيندي جو چوان ته مشتاق باگاڻي لاءِ لکڻ عبادت آهي، اهڙي عبادت جيڪا ڪنهن به اعليٰ ليکڪ لاءِ هوندي آهي.
ملڪ جي اعليٰ اعزاز کان اول اهو اعزاز پڻ سنڌ مان اڪيلي مشتاق باگاڻيءَ کي مليل آهي ته مها ڪوي شيخ اياز ڪنهن سنڌي شاعر جي ڀيٽ ۾ مشتاق جي شعر جو حوالي طور پنهنجي ڪنهن ڪورٽ ڪيس ۾ استعمال ڪيو هُئو شايد اهو اعزاز به سنڌي شاعرن مان مشتاق کي حاصل آهي ته جڏهن مها ڪويءَ کان ڪجهه سٽون لکرائڻ لاءِ به سنڌ جا شاعر آتا هوندا هئا تڏهن مها ڪوي پاڻ مشتاق باگاڻيءَ سان سندس ڪنهن ڪتاب تي مهاڳ لکڻ جي خواهش اظهاري هئي، جيڪڏهن اهڙي ڪنهن شاهدي جي گهرج پوندي ته منهنجي ننڍڙي شاهديءَ کان سواءِ به ڪيتريون ئي شاهديون ملڻ اوکيون نه آهن.
مشتاق باگاڻيءَ جي نه شاعري (خاص طور وائي) جو ڪو مثال سنڌي شاعريءَ ۾ آهي ۽ نه سندس نثر جو ڪو مثال آهي جيڪو ڏئي سگهجي. هو پنهنجي لکڻ جو مثال پاڻ آهي، گمان ٿيندو آهي ته مشتاق باگاڻيءَ جي نثر جو رستو جتي ختم ٿئي ٿو، اتان اڳتي سندس نثر جي پنڌ جي پڄاڻي آهي، جيئن اڳ به ڪن ليکڪن جا مثال اسان وٽ موجود آهن، پر مشتاق باگاڻيءَ کان پوءِ اهڙو ڪو به مثال سنڌي نثر ۾ ڪو نه لڀندو منهنجو اهو خيال آهي.
مشتاق باگاڻي موري جو اهڙو شخص آهي جنهن جي سادگي ڏسي ڪو به موري واسي جيڪو کيس خانداني طور نه سڃاڻندو هوندو اهو نه چئي سگهندو ته هيءُ مشتاق باگاڻي آهي. شايد سموري دنيا جا نج ليکڪ پنهنجي شخص ۾ ايئن معصوم/سادا ٿيندا آهن ۽ پنهنجي لکڻ ۾ اهي پنهنجا اثر دنيا جي ماڻهن تي ڇڏي ويندا آهن، مشتاق باگاڻي سان ملي مون کي هر ڀيري ايئن محسوس ٿيندو آهي.
هن سنڌ ۾ پنهنجي لکڻ سان جيڪي اثر مرتب ڪيا آهن اڄوڪي نسل کان اڳيون نسل اهڙي ساک ڀري سگهي ٿو جن به مشتاق کي پڙهيو آهي اهي کيس هڪ لکندڙ طور وساري سگهن اهو قبولڻ مون لاءِ ڏکيو آهي هڪ پڙهندڙ طور!
سنڌ، سنڌي ادب (نظماڻو توڻي نثراڻو) ساهتي پرڳڻو ۽ ان جو هڪ ننڍو شهر مورو جيڪو مشتاق باگاڻيءَ جو جنم شهر آهي، مشتاق ان تي پنهنجي پيشروئن جي پيرن تي هلڻ واري عمل تي ڪيترو فخر ڪري ٿو. ان جو پوتا ميل کانئُس طلبڻ جي بجاءِ مون کي اهو پڪ سان چوڻو آهي ته مشتاق باگاڻيءَ تي مورو فخر ڪندو جنهن جو جائز سبب اها مڃتا آهي جيڪا ملڪي سطح تي کيس ملي آهي. کيس ان اعزاز ملڻ تي اڻ ڳڻيون مبارڪون ان ڪري به جو ان اعزاز پويان ڪا به مهم جوئي يا گروپنگ ۽ خوشامدپڻو نه آهي. ان ڪري کيس اهڙي نج اعزاز تي ٻٽيون مبارڪون ۽ بس…