ماسڪو تي ڇرڪائيندڙ حملو روس لاءِ نائن اليون قرار

ماسڪو ۾ ٿيل خوفناڪ حملي کي روس جو نائين  اليون قرار ڏنو پيو وڃي.ڪجهھ ھٿياربندن وڏي رٿابندي سان روس جي راڄڌاني ۾ ھڪ ميوزڪ ڪنسرٽ ھال ۾ داخل ٿي ماڻھن تي سڌي فائرنگ ڪئي ۽ انھن وٽ دستي بم بھ ھئا. روس  ۾ آچر  واري ڏينھن دکدائڪ واقعي تي سوڳ ملهايو ويو. مارجي ويلن جو انگ 130 کان وڌي ويو آهي جنھن جي انگ اڃان بھ وڌڻ جو خطرو آھي.ڇاڪاڻ گھڻا ئي ماڻھون زخمي آھن.چيو ٿو وڃي تھ روس جي اندر ٻن ڏھاڪن ۾ اھڙي نوعيت جو پھريون واقعو آھي.دهشت گرد گروپ آءِ ايس يعني داعش ان فائرنگ جي ذميواري قبولي آھي.عام خيال ھي آھي تھ عالمي طاقتن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي ڪري اھو واقعو ٿيو آھي.روس جي يوڪرين تي حملي سان ان تڪرار ۾ اڃان پڻ اضافو ٿيو آھي.

روسي صدر ولاديمير پوتن "وحشي دهشتگرد حملي” جي پويان موجود ڏوھارين کي سزا ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو آھي. ڇنڇر تي چئن هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي يوڪرين ڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.سمجھيو پيو وڃي تھ روس يوڪرين جي پس منظر ۾ ڏسي رھيو آھي جڏھن تھ آمريڪا جو خيال آھي تھ ان ۾ خراساني داعش جو ھٿ آھي.اھا جدا ڳالھھ آھي تھ داعش کي پئدا ڪرڻ ۾ بھ عالمي قوتن جو ھٿ ھو ھاڻي وري ان کي ختم ڪرڻ جي بھاني اھي ھڪ ٻئي سان پنھنجا پلاند بھ پاڙي رھيا آھن.  يوڪرين حملي سان ڪنهن به تعلق جي سختي سان ترديد ڪئي آهي.جڏهن ته يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي پيوٽن تي الزام لڳايو آهي ته هو يوڪرين کي ان واقعي ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

تجزئي نگارن موجب روس يوڪرين تي حملو پڻ اتي اولھھ جي اثر وڌڻ واري خطري کي ڏسندي ڪيو ھو.ٻئي پاسي آمريڪا جي اڳواڻي ۾ اولھھ جا ملڪ يوڪرين جي مدد ڪري رھيا آھن.روسي صدر پيوٽن خطاب وقت  داعش پاران ذميواري قبول ڪرڻ واري بيان جو ڪو به ذڪر نھ ڪيو.دنيا جي وڏن واقعن جيان ھن جي بھ جاچ ھلي رھي آھي ۽ ان جون ڪڙيون جوڙيون پيون وڃن تھ وري ساڳئي وقت روس جھڙي ملڪ ۾ اھڙي نوعيت جي ڪارروائي پڻ دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آھن،جنھن ڪري فوتين جو تعداد وڌي سگھي ٿو.ڪنسرٽ ھال جي سڙيل عمارت مان لاش ڪڍڻ جو عمل جاري آھي.روسي سيڪيورٽي چئن ڄڻن کي يوڪرين ۽ بيلاروس  جي سرحدن سان لڳ پڪڙيو آھي،جيڪي خاص لھجي ۾  روسي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا.روسي صدر چيو ته جيڪو ٿيو اهو واضح آهي ۽ ڪي ڌريون ان جو الزام ڪنهن ٻئي تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. روس حملي جي سلسلي ۾ 11 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. ايجنسي موجب حملي آورن جا يوڪرين سان ”رابطا“ هئا.

آمريڪي  انٽيليجنس اداري روس کي اڳواٽ اھڙي حملي کان خبردار ڪيو ھو پر ان جو روس خاص اثر نھ ورتو ھو.آمريڪي ڳجھي اداري تصديق ڪئي آھي تھ داعش  جي افغانستان ۾ موجود شاخ خراساني ان ۾ ملوث آھي. آخر ان حملي جو مقصد ڇا هو ؟

داعش خراسان جو نالو علائقي تان ورتو ويو آهي، جيڪا ايران، ترڪمانستان ۽ افغانستان سان ڳنڍيل آهي. داعش خراسان جو وجود 2014 جي آخر ۾ عمل ۾ آيو ۽ جلد ئي خطرناڪ حملن سبب شهرت حاصل ڪئي.داعش خراسان جي تعداد ۾ 2018 کان گهٽتائي ٿي آهي. جڏهن ته طالبان ۽ آمريڪي فوجن جنگين ۾ ان کي وڏو نقصان ٿيو آهي.

داعش خراسان افغانستان اندر ۽ افغانستان کان ٻاهر مسجدن تي حملن جي بھ تاريخ  رکي ٿي.ھن کان اڳ سيپٽمبر 2022 ۾ داعش خراسان جي ويڙهاڪن افغان راڄڌاني ڪابل ۾ روسي سفارتخاني تي حملي جي ذميواري قبولي  ھئي. ماسڪو جي ٿيٽر تي داعش جو  ڊرامائي حملو دنيا جي ڇڪائي رھيو آھي. ماهرن موجب داعش گذريل ڪجهه سالن ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي نشانو بڻايو آهي.

داعش خراسان ٻن سالن کان روس تي ڌيان رکيو آھي ۽ روس خلاف پروپئگينڊا بھ ڪري رھي آھي. اها ڳالهه نيويارڪ جي هڪ ريسرچ سينٽر سوفان سينٽر جي ڪولن ڪلارڪ ڄاڻائي آهي.

روس واقعي جي ھر پھلو جي جاچ ڪري رھيو آھي پر ھي واقعو دنيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو ،جنھن ۾ روس ۽ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ اولھھ جا مالڪ ھڪ ٻئي خلاف وڌيڪ شدت پسندي جو مظاھرو ڪندا،جنھن جو اثر انھن جي حامي ملڪن ۽ دنيا کي ھر صورت ۾ پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.