هولي رنگن جو تهوار ۽ تاريخي پسمنظر

هولي جي تاريخ: ڪنهن دور ۾ هرنيانا ڪشپ نالي هڪ ظالم بادشاهه جي حڪومت هئي. هو هميشه پنهنجي مڃرائڻ جي ڪندو هو ائين کڻي چئجي ته پنهنجي پاڻ تي غرور هوندو هو. تنهن ڪري پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ رهندڙ ماڻهن کي حڪم ڏنو ته صرف منهنجي ئي عبادت ڪريو. پر افسوس هن جي وڏي ڪمزوري هن جو پٽ هو ، جيڪو چاهيندو هو ته ائين نه ٿئي. ڇو ته هن ڪائنات کي ايشور پيدا ڪيو آهي اسان کي صرف ان جي ئي عبادت ڪرڻ گهرجي نه ئي وري ٻئي ڪنهن جي. پهلاج وشنو ڀڳوان جو عابد هو تنهنڪري سندس پيءَ جي عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هرنيانا ڪشپ ڪيترائي ڀيرا سندس پٽ پهلاج کي مارائڻ جي ڪوششش ڪئي پر هر ڀيري وشنو ڀڳوان هن کي بچايو. آخرڪار هن پنهنجي ڀيڻ هولڪا کي چيو ته تون پهلاج سان گڏ سخت تپندڙ باهه ۾ داخل ٿي وڃ. ڇو ته هرنيانا ڪشپ کي خبر هئي ته هولڪا کي بون پاتل آهي تنهن ڪري هن کي ڪجهه به ڪو نه ٿيندو ۽ اها صحيح سلامت باهه ۾ داخل ٿي سگهي ٿي.

هولڪا دوکي سان پهلاج کي پرچايو ۽ پهلاج کي وٺي باهه ۾ داخل ٿي وئي جتي سندس هنج ۾ پهلاج هو. نتيجتن هولڪا پنهنجي بد نيت خواهش ڪري پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو ۽ هولڪا انهيءَ باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي وئي. هوڪا کي اها خبر نه هئي ته بون صرف تڏهن ئي ڪم ڪيو جڏهن هوءَ اڪيلي باهه ۾ داخل ٿي هئي.پهلاج لڳاتار وشنو ڀڳوان کي ياد ڪري رهيو هو ۽ صحيح سلامت باهه مان واپس اچي ويو. نارائڻ ڀڳوان هن کي هڪ نئين زندگي ڏئي ڇڏي.

اهڙي طرح هولي لفظ هولڪا مان ڪڍيو ويو آهي جنهن ۾ سچائي بديءَ کي شڪست ڏني. انهيءَ ڪري اهو تهوار ملهايو ويندو آهي. هولي هڪ سچي پوڄاريءَ جي ڪاميابي جي ڪري پڻ ملهائي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ان مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڪير ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي پر هڪ سچي پوئلڳ کي نقصان نٿو رسائي سگهي ۽ اهي جيڪي هڪ سچي پوئلڳ تي تشدد ڪن ٿا اهي جلد ئي تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ٿا.

هوليءَ ۾ رنگ جو تصور: ڀڳوان ڪرشنا جي اوتار ۾ اهو ئي چيو ويندو آهي ته ان وقت انهيءَ خوشيءَ ۾ رنگ استعمال ڪيو ويو هو تنهنڪري هوليءَ ۾ رنگ جو تصور آيو. ڀڳوان ڪرشنا پنهنجن دوستن سان گڏ ورندان ۽ گوکل ۾ هولي ملهائي هئي. هولي هڪ بهار جو تهوار آهي. جيڪو سياري کي الوداع چوي ٿو. هولي هڪ ڏينهن جو تهوار نه آهي پر اهو ٽي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

پهريون ڏينهن: مڪمل چنڊ (Full moon) تي رنگا رنگي رنگ ۽ پاڻي پتل جي ننڍي ٿانون ۽ ٿالي ۾ وجهبو آهي. خوشيءَ جو آغاز تڏهن ڪبو آهي جڏهن گهر جو وڏو گهر جي ٻين ڀاتين تي رنگ اڇلائيندو آهي.

ٻيون ڏينهن: ٻئي ڏينهن کي “پنو“جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن تي هولڪا جون تصويرون ساڙيندا آهن ۽ ايتري قدر جو ماڻهو هولڪا ۽ پهلاج جي قصي تي جشن ملهائيندا آهن. مائون پنهنجن ٻارن سان گڏ باهه جي چوڌاري پنج چڪر لڳائينديون آهن ته جيئن ايشور انهن کي باهه جي عذاب کان بچائي.

ٽيون ڏينهن: ٽيون ڏينهن ”پرواهه“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ۽ اهو تهوار جو آخري ڏينهن هوندو آهي. هوليءَ جي انهيءَ ڏينهن تي هڪ ٻئي جي مٿان رنگ هاريندي هوليءَ جي خوشين ۾ اضافو ڪندا آهن.

 

هولي

ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا

اچو ته اڄ هولي ملهايون، هڪ ٻئي کي رنگ لڳايون

ساري دنيا رنگين بڻايون، اچو ته اڄ هولي ملهايو،

 

اڄ ٻار ۽ ٻڍڙا سارا گڏجي، هاري ۽ مزدور سارا رلجي.

ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي رنگ لڳايون، اچو ته اڄ هولي ملهايون

 

اڄ بهار اسان کي سڏي رهي آ، اهو ئي اسان کي چئي رهي آ

هڪ ٻئي ۾ پيار ورهايون، اچو ته اڄ هولي ملهايون.

 

هولي اهو پيغام ڏئي ٿي، سچ جي آخر جيت ٿئي ٿي.

هر ناڪش ماري پر هلاد بچايون، اچو ته اڄ هولي ملهايون

 

اڄ ساري دنيا جا ماڻهو مذهبن جا فرق مٽائي

هڪ ٻئي کي رنگ لڳايون، اچو ته اڄ هولي ملهايون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.