معاشي استحڪام جي ٿيندڙ آخري ڪوشش؟

تحرير: انور ساجدي

موجوده حڪمران جيڪو هٿ پير ھڻي رهيا آهن، ان کي آخري ڪوشش جو نالو ڏئي سگهجي ٿو، اقليتي حڪومت جو اڳواڻ جنھن جي زوري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت بڻائي وئي آھي.اندر کان دنل ،ھيسيل ۽ خوف ۾ ورتل آھي.ڇاڪاڻ جو کيس پنھنجي اصل طاقت جو پتو آھي. ڪيئن ماڻھون نئين انتظام کي  سافٽ ٽيڪ اوور جو نالو ڏين ٿا. جيڪو غلط آهي، ان جو بنياد تھ راحيل شريف رکيو ھو، جڏهن ته باجوا  2018ع جي اليڪشن  کي مينيج ڪري  عمران خان جي جبري اڪثريت بڻائي ھئي.

جيئن موجوده حڪومت جي ٺاهي وئي آهي. اصل سافٽ ٽيڪ اوور باجوا صاحب جو هو. سندس خيال هو ته عمران خان سندس احسانمند هوندو ۽ هو وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي تھ ويٺو  هوندو، پر حڪومت خود  باجوا صاحب هلائيندو، پر  ائين نه ٿي سگهيو. جئين جئين عمران خان کي تجربو حاصل ٿيندو ويو،اھو پنھنجا اختيار  استعمال ڪرڻ لڳو ۽ آخر اهو ڏينهن بھ اچي ويو. جڏهن عمران خان دل سنڀالي ۽ باجوا صاحب کي ”نه“ چئي ڏنو.

مسئلو  هو ، آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد جي بدلي جو،جڏھن فائل عمران خان تائين پهتو، تڏهن هن ان  کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين روڪي رکيو، گهڻي دير ٿي ته باجوا صاحب پاڻ ھن وٽ هليو آيو.ملاقات ۾ بھ عمران خان ھن کي ”نھ “ ڪري ڇڏي.جنھن تي لاڳاپا خراب ٿي ويا.جيتوڻيڪ عمران خان ڪو مھيني کن ۾ باجوا صاحب جي ڳالھه مڃي ورتي.پر لاڳاپن ۾ ڏار پئجي ويا.حالانڪھ ڪافي ڏينھن تائين صورتحال اھا ھئي تھ عالمي اخبارون ڪارٽون ڇاپينديون رھيون.ته باجوا عمران خان جي آڱر جھلي کيس ھڪ کان ٻئي ملڪ وٺي وڃي رهيو آهي، ايئن به ٿيو ته باجوا پنهنجي  واڌ جو  آرڊر پاڻ  ٽائيپ ڪرايو. پهريان ٻه ڀيرا غلط مسودو ٿي  ويو ھو  پر فروغ نسيم جھڙي آڙيڪاپ وزير کان اھا غلطي نٿي ٿي سگهي.

عمران خان جي حڪم تي ڄاڻي واڻي اھو مونجهارو پيدا ڪيو ويو ھو، آخرڪار باجوا قانون واري وزير جي آفيس ۾ ويهي پنهنجو آرڊر پاڻ ٽائيپ ڪرايو، باجوا به عمران خان کي فرمان جي تابع ۽ ناتجربيڪار سمجهي پاڻ ئي معاملا طئي ڪرڻ شروع ڪيا، پر جڏهن اختلاف گھڻا وڌي ويا تھ  باجوا پنهنجي ئي پوکيل ٻوٽي کي ڪٽڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان مقصد لاءِ ھن  آصف علي زرداري جي خدمتن مان فائدي کڻڻ جو فيصلو ورتو.

جڏهن بي اعتمادي جا معاملا گهڻو اڳتي وڌيا ته نواز شريف کي اعتماد ۾ ورتو ويو ھو.ايئن  عمران خان کي اقتدار تان موڪل ڪرائي وئي. جيڪو سافٽ ٽيڪ اوور  آھي اھو موجوده حڪومت کي ورثي ۾ مليو آهي،البتھ جھڙي ريت سمورين جماعتن کي يڪجا ڪري اڪيلي تحريڪ انصاف جي مقابلي ۾ لاٿو ويو.اهو تمام ڏکيو ڪم هو، پر ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سمورين غلطين ۽ خامين جي باوجود عمران خان پنهنجو پيغام ۽ شخصيت کي عوام جي دلين ۾ پڪو ڪري ڇڏيو ھو. 8 فيبروري جون چونڊون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سموريون پارٽيون گڏجي ڪري تحريڪ انصاف کي شڪست نه ڏئي سگهيون. ان لاءِ حڪمرانن کي وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پيون ۽ اتحادي پارٽين جي فتح کي يقيني بڻائڻو پيو، پر مولانا کي ان مصنوعي فتح جي ثمر کان محروم ڪرڻ جو سبب سمجهھ کان ٻاهر آهي، ھاڻي جڏهن حڪومت ٺهڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.ڪابينا جڙي وئي آھي تڏھن  شهباز شريف ڪافي گھٻرايل آهي، شهباز حڪومت  جي پهرين ڪاميابي آءِ ايم ايف سان ڪامياب ڳالهيون هيون. تڏهن ان وقت آمريڪا راضي ھو سندس  پسند جي ماڻهو کي ناڻي وارو وزير به بڻايو ويو هو، ان ڪري آءِ ايم ايف  نه، نھ ڪري سگھيو.جيڪڏھن آمريڪا ناراض ھجي ھا تھ اسٽاف ليول جي معاھدي جي ضرورت ئي نھ ھجي ھا.ھي معاھدو ڇا آھي.عام ماڻھو جي قتل برابر آھي. حڪومت بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جاري رکندي،پيٽرول تي  18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي ويندي. جنھن جي نتيجي ۾ 29 سيڪڙو مھانگائي ٽپ ڏئي 39 سيڪڙو ٿي ويندي.عام ماڻهو بجلي ۽ گيس استعمال  ڪرڻ جوڳا نھ رھندا ۽ نه ئي پنهنجن ٻارن کي ٻن ويلن  جي ماني کارائي سگھندا.

ان وچ ۾ ھي ڳالھھ سامھون اچي وئي  آھي تھ  ملڪ جا معاشي ۽ مالياتي معاملا SIFC هلائيندي.اثاثن کي وڪڻڻ ھجي،پرائيوٽائيز ڪرڻو ھجي يا ٻيون پاليسيون ٺاهڻ، اهو ڪم ڪابينا جو نه ھوندو، پر SIFC جو هوندو، بظاهر وزيراعظم ان جي اجلاسن جي صدارت ڪندي نظر ايندو.اصل ۾ ان جو  ڪم حڪمن تي عمل ڪرڻ هوندو، هڪ اهم ٽارگيٽ اين ايف سي ايوارڊ آهي ۾ صوبن جو حصو گهٽ ڪرڻ آهي، ان حوالي سان تمام جلد عملي قدم کنيا ويندا، ان مقصد لاءِ  صدر آصف علي زرداري سان سنجيده ڳالهيون جاري آهن.ڇاڪاڻ جو ھو ان فارمولي کي شروعاتي طور تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

وزيراعظم چئني صوبائي وزيرن جو اجلاس طلب ڪري انھن کي واضح طور چيو آهي ته صوبا مرڪز جي مدد ڪندا. خبر ناهي ته ان ڪم لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت پوندي يا اھو ڪم مٿان مٿان ئي ڪا ترڪيب ڪڍي ويندي.

ظاھري طور تھ  اين ايف سي ايوارڊ  جي فارمولي کي تبديل ڪرڻ لاءِ تھ آئيني ترميم جي گھرج آھي.جيتري قدر صدر آصف زرداري جو تعلق آھي تھ هن کي به موجوده نظام ۾ رهڻو آهي، سنڌ جي حڪومت کي  سيني سان لڳائي رکڻو آهي ۽ زندگيءَ جا آخري ڪجهھ سال حڪومت جا مزا ماڻڻا آهن. ان ڪري امڪاني طور کيس سمجهوتو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته شهباز شريف جيڪي جملا چيا آھن، ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي ھڪ ٻئي پروگرام ۾ وڃڻ کان سواءِ  نٿو بچي سگهي، ظاهر ۾ ته اهي ڏاڍا سخت لفظ آهن، خبر ناهي هن جملي مان سندس ڇا مطلب آهي؟

آءِ ايم ايف جي پروگرام کانسواءِ پاڪستان ڊفالٽ ٿي ويندو يا رياست جي حيثيت ۾ پنھنجي ھئيت وڃائي ويهندو، ان تي وڌيڪ وضاحت  جي ضرورت آهي.باقي  جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي ڪري صوبن جو حصو گهٽايو بھ وڃي صوبن جي عوام تي ان جو ڪو به اثر نه پوندو. ڇو ته وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ جي باوجود صوبائي حڪومتون پنهنجي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيون، بلڪھ پئسو ضايع ٿي ويو، گهٽ ۾ گهٽ بلوچستان، خيبرپختون خواهه ۽ سنڌ جي حد تائين تھ اهو ئي حال آهي، جڏهن ته بلوچستان تھ ڪافي وقت  کان مهر ڳڙهه جي کنڊرات ۽ پنھون جي قلعي جو منظر پيش ڪري رھيو آھي.جيتوڻيڪ ثبوت نه آهي، پر نشانيون ٻڌائي رهيون آهن تھ 2008ع کان وٺي تاحال  بلوچستان ۾کربين رپيا ھڙپ ڪيا ويا آھن.ان جو فائدو ڪجهه وزيرن ۽ بيوروڪريسي کنيو آھي.ڇاڪاڻ جو سالن کان جعلي منصوبا ھن صوبي ۾ جوڙيا ويا آھن.جن جي تڪميل رڳو ڪاغذن ۾ موجود رھي.

انڌير نگري  ايتري آھي جو ڪنھن ھڪ معاملي جي جاچ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي. کربين رپيا ماءُ جي ٿڃ جيان ھڪ مافيا کي بخشيا ويا.  سنڌ جي بجيٽ پنجاب کان پوءِ ٻي وڏي بجيٽ آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن کي ڇڏيو ان جي شهرن جي حالت خراب آهي ڪراچي کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آھي. ايس آءِ ايف سي جي قدمن مان لڳي ٿو ته حقيقي حڪمرانن کي سياستدانن تي ڀروسو ناهي رھيو، ان ڪري اهي سمورا معاشي معاملا پاڻ سنڀاليندا، پر پاڪستان کي وڏن بحرانن مان ڪڍڻ  ڪو سولو ڪم ناهي، هڪ طرف دهشتگرديءَ جي جن کي منهن ڏيڻو آهي ته ٻئي طرف معاشي بدحالي، خراب حڪمراني ۽ نااهلي جا مسئلا سامھون آھن، انهن جي پاڙ مختلف غلط  حڪومتي پاليسيون آهن.

انھن پاليسين جنهن ھڪ چڱي ڀلي  رياست ناڪام رياست ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، سوال اهو آهي ته 25 يا 30 ڪروڙ آبادي واري ملڪ کي پنهنجي پيرن تي ڪيئن بيهاريو ويندو، هڪ وڏو مسئلو غير پيداواري خرچن جو آهي، جنھن جو بار رياست جي طاقت کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا خراب آهن، ان ڪري سيڪيورٽي رياست جون گھرجون پوريون ڪرڻيون  پونديون. جنهن ڪري خرچ ناقابل برداشت  ٿي ويا آھن.  صوبن جي صورتحال اها آهي ته ايندڙ پھرين تاريخ تي خيبر پختونخوا حڪومت  ملازمن جون پگھارون ادا ڪرڻ جي قابل ناهي.

بلوچستان کي فوري طور تي وڌيڪ وسيلا نھ مليا تھ اھا پڻ ھڪ اڌ مهيني کان پوءِ پگهارون  نھ ڏئي سگھندي. بھرحال سنڌ ۽ پنجاب ۾ حالت بهتر آهي، سڀ کان وڏو مسئلو هن سال 25 ارب ڊالرن جي ادائيگي آهي. ايتري وڏي رقم ڪٿان ايندي؟سعودي عرب سان ريڪوڊڪ، جي شيئرز خريد ڪرڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي،اھو اڳ ۾ راضي ٿي ويو ھو ، خبر ناهي، هاڻي ڇو گرمجوشي نھ رھي آھي.

هڪ اهم مسئلو ٻن ٻيڙين جي سواري آهي، حڪمران هڪ ئي وقت چين ۽ آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، چين ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جا سخت مخالف ۽ حريف آھن،ان ٻن ٻيڙين ۾ سواري کي ڇڏڻو پوندو. جيتريقدر سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو تعلق آهي ته اهو به پنجاب ۾ ٺاهيو ويندو، سڀ صنعتي زون پنجاب ۾ هوندا، بلوچستان ساڳيو رهندو. ڇو ته چين چيو آهي ته سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن، لڳي ٿو ته بلوچستان ۾ آپريشن تيز ڪيو ويندو، ممڪن آھي تھ ھڪ ڪو ٻيو آپريشن شروع ڪيو وڃي.

حڪمرانن لاءِ سوچڻ جي ڳالهه  آهي ته  هندو ڪش جبل کان وٺي جبل بتل تائين بارود جي بوءِ پکڙجي وڃي، هر طرف بدامني ھجي۽ عوام غيرمطمئين ھجي ته پوءِ وڌيڪ خونريزي مان ڇا حاصل ٿيندو، ترقي ۽ استحڪام لاءِ امن جي ضرورت آهي. پهريون امن قائم ڪيو وڃي ان لاءِ تدبيرون تلاش ڪرڻيون پونديون. نه ته ترقي ناممڪن ٿي ويندي ۽ سياسي ۽ معاشي استحڪام رڳو خواب ئي رهجي ويندو.

 

حڪمرانن لاءِ سوچڻ جي ڳالهه  آهي ته  هندو ڪش جبل کان وٺي جبل بتل تائين بارود جي بوءِ پکڙجي وڃي، هر طرف بدامني ھجي۽ عوام غيرمطمئين ھجي ته پوءِ وڌيڪ خونريزي مان ڇا حاصل ٿيندو، ترقي ۽ استحڪام لاءِ امن جي ضرورت آهي. پهريون امن قائم ڪيو وڃي ان لاءِ تدبيرون تلاش ڪرڻيون پونديون. نه ته ترقي ناممڪن ٿي ويندي ۽ سياسي ۽ معاشي استحڪام رڳو خواب ئي رهجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.