هڪ ڀيرو ٻيهر گم ٿيل ماڻهن جي ڊرامي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. گوادر ۾ مارجي ويل 8 دهشتگردن مان ٻن جي سڃاڻپ ڪريم جان ولد فضل بلوچ ۽ امتياز احمد ولد رضا محمد طور ٿي آهي. اهي ٻئي دهشتگرد به گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل هئا. هي ڪو پهريون واقعو ناهي جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهو ملوث مليا آهن، پر ماضي ۾ به اهڙا ئي لاپتا ماڻهو مڇ جي حملي ۾ ملوث هئا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جون ڪجهه نام نهاد اهم شخصيتون ٻاهرين ايجنسين کان پئسا وٺي فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ رياست تي الزام لڳائڻ ۾ مصروف آهن. ڪجهه نام نهاد فلاحي تنظيمون به گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي پنهنجي دڪان چمڪائي رهيون آهن. حڪومت پاران ڪيترائي ڀيرا يقين ڏياريو ويو پر پوءِ به ڪوڙ ڳالهائڻ کان باز نه ٿا اچن، ائين ناهي ته سندن ٻڌي نه ٿي، ھن معاملي تي غير جانبدارانه انڪوائري به قائم ڪيو ويو هو. ڪميشن کي فراهم ڪيل انگن موجب گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ 10078 ماڻهو شامل هئا، جن مان 7 هزار 781 (7781) بازياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 477 (1477) اغوا ڪيا ويا آهن. باقي اٺ سئو ويهه (820) گم ٿيل ماڻهن مان 99 سيڪڙو اهي آهن جيڪي بي آر اي، بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي ۾ شامل ٿيا آهن. جيڪو شخص انهن دهشتگرد تنظيمن جو حصو بڻجي وڃي ٿو ان جو نالو به گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ۽ رياست ۽ رياستي ادارن کي بدنام ڪيو وڃي ٿو. انهن گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندڙ نام نهاد دانشور ۽ فلاحي تنظيمون آمريڪا ۾ 500,000، برطانيه ۾ 150,000 ۽ هندستان ۾ 300,000 گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز ڇو نه اٿارين؟ جڏهن ته هو پاڻ کي عالمي سطح تي انساني حقن جو علمبردار سمجهن ٿا. هاڻي اچو ته گم ٿيل ماڻهن جو لبادو اوڍي دهشتگردن جي حقيقت تي ڪجهه روشني وجهون. انهن انتهاپسند تنظيمن جا ڪارڪن معصوم ۽ غريب بلوچ نوجوانن ۽ ٻارن کي گمراهه ڪري پاڪستان جي رياست خلاف استعمال ڪن ٿا. انهن علحدگي پسند هندستان نواز بلوچ تنظيمن جو عمل جو طريقو تمام مختلف آهي. اهي انتهاپسند تنظيمون هندستان جي فنڊن کي مظلوميت جو ڏيک ڏيڻ، ظلم جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ ۽ جعلي خبرون پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون.
اهي تنظيمون بلوچ گهرن مان ٻارن کي اغوا ڪن ٿيون يا انهن جي معصوميت ۽ غربت جو فائدو وٺي انهن جي ٻارن کي خريد ڪري عوام جي منظر تان غائب ڪري ڇڏين ٿيون. جڏهن گم ٿيل ماڻهن جي لسٽن کي انهن جي نالن سان اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي ته انهن ماڻهن کي دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن جو ثبوت انهن نام نهاد گم ٿيل ماڻهن جو مڇ جيل سانحو، ايران ۾ دهشتگردن جي مارجڻ ۽ تازو گوادر حملي جهڙن واقعن ۾ ملوث هجڻ آهي. هنن جي موڊس آپرينڊيءَ جو هڪ حصو اهو به آهي ته هو ماہ رنگ بلوچ جهڙي عورتن کي ڍال طور استعمال ڪن ٿا جيڪڏهن هن عورتن ۽ ٻارن جي ان ڍال کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وٺجي ٿي ته هو شور مچائين ٿا ته هن سان نا انصافي ٿي آهي. سوال اهو آهي ته ماه رنگ بلوچ دهشتگرد ڪاررواين جي نتيجي ۾ مارجي ويل گم ٿيل ماڻهن کي تسليم ڇو نٿو ڪري؟ بهرحال گم ٿيل ماڻهن جي تعداد ۾ گهٽ وڌ ڪري هي ماڻهو عارضي طور تي عالمي ادارن جو ڌيان ڇڪائي سگهن ٿا، پر اهو طريقو گهڻي وقت تائين اثرائتو ثابت نه ٿيندو.