1940 وارو ٺهراءُ ۽ مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ واري قرارداد

تحرير: اسحاق سومرو

23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ جنھن کي ” قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان وڏي جوش، جذبي سان ملھايو ويندو آھي انھي ڏينھن کي باقائدھ ملھائڻ جي شروعات  1956 کان ڪئي وئي.

قرارداد لاهور جو تت ڪجھه  ھن ريت آھي، آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس مطالبو ڪري ٿو1935جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾ شامل وفاق جي تجويز، ھن ملڪ جي مخصوص حالتن ۾ مڪمل طور تي نامناسب ۽ غير عملي۽ ناقابل عمل آھي.

.2. هن ملڪ ۾ مسلمانن لاءِ ڪوبه آئيني منصوبو قابل عمل يا قابل قبول نه هوندو جيستائين جاگرافيائي لحاظ کان ملندڙ يونٽن جي حد بندي نه ٿي ڪئي وڃي. جن علائقن ۾ مسلمان عددي اڪثريت ۾ آهن، جهڙوڪ هندستان جا اتر-اولهه ۽ اڀرندي وارا علائقا، انهن کي ”آزاد رياستن“ ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي سڀئي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن.

  1. آئين ۾ مسلم يونٽن ۽ علائقن ۾ غير مسلم اقليتن ۽ ٻين علائقن جي مسلم اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، اقتصادي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ گڏيل مشوري سان مناسب ۽ موثر قدمن جي ضمانت ڏني وڃي.
  2. آئين ۾ اها گنجائش رکي وڃي ته مسلمان خطي جي طاقتن، دفاع، خارجي معاملن، جي رسد وسيلن ٻين امورن جي اختيارن تي مالڪي ھجي.

جڏھن ته صوبائي سنڌ مسلم ليگ مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي گهر 1938 ۾ ئي هڪ قرارداد پاس ڪرڻ سان ڪري ڇڏي ھئي.

ان وقت الوحيد اخبار سنڌي مسلمانن ۽ مسلم ليگ جي ترجمان هئي. ان ۾ مسلم ليگ جون ڪار گذاريون. تحريڪ پاڪستان لاءِ مضمون ۽ ٻيو مواد ڇپجندو هو. هيءَ اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾ تمام گهڻو مشهور هئي. هن اخبار سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان جو مثال پاڪستان جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ 13 مئي 1941ع تي جي ايم سيد هڪ مضمون “ پاڪستان منهنجي نظر ۾” جي عنوان سان لکيو. جنهن ۾ لکيائين ته، ”پاڪستان بابت گهڻائي رايا ظاهر ٿي چڪا آهن، آءُ ان بابت هڪ جدا رايو رکان ٿو. تنهن ڪري مناسب ٿو سمجهان ته عوام اڳيان ان کي پيش ڪيان. اهو رايو آءُ گهڻي وقت کان سوچيندو پيو اچان اميد آهي ته منهنجو محڪم ارادو ڪڏهن نه ڪڏهن هڻي وڃي هنڌ ڪندو. آءُ سمجهان ٿو ته آءُ ڪو ڏوهه ڪندس، جيڪڏهن آءُ مسلمانن کي پنهنجو هم خيال بنائڻ جي ڪوشش نه ڪيان. تفاوت صرف اهو آهي ته آءُ هيءَ هلچل سنڌ جي ڳوٺن کان شروع ڪرڻ ٿو گهران جيڪي ان تحريڪ کي ڪامياب ڪري سگهندا اهو ممڪن آهي ته ڪڏهن پوري مسلم ليگ جماعت ان خيال جي ٿي وڃي ته“پاڪستان منهنجي نظر ۾ نه گهڻو وقت هندستان جي سياسي اثر ۾ رهيو آهي نه ان جو حصو هو بلڪه وچ ايشيا جو ٽڪرو هو. تنهنڪري آئنده ان کي هندستان سان شامل ڪرڻ جي بدران برما وانگر جدا ڪري برٽش ڪامن ويلٿ سان لاڳاپا قائم ڪجن. پاڪستان ۾ رهندڙ پاڪستاني سڏبا.پاڪستان ۾ ٻئي ملڪ جي رهندڙ ماڻهونءَ کي جان ۽ مال جو بچاءُ حاصل هوندو ليڪن کين سياسي حق حاصل نه هوندا.حڪمرانيءَ جو حق فوج جي حوالي هوندو، سڀني قوميتن کي سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي حاصل هوندي. قائدا ۽ قانون فوج جي تسليم شده اصولن اندر هوندا. زنا، جوا، شراب ۽ وياج خوريءَ جي اجازت نه هوندي. عدل ۽ انصاف پئسن تي نه وڪامندو. عزت پئسن وارن جي بدران چڱن اخلاقن وارن کي ملندي. بک، ڏک، بيماري، بي علمي، ظلم ۽ رشوت خوري ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي. ان تجويز کان سواءِ ٻئي تجويز مسلمانن لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ان تجويز کي ڪامياب بنائڻ لاءِ انشاءَالله آءُ جلدي ڳوٺن جو دورو ڪندس. (روزنامه الوحيد ڪراچي نومبر 23، 1941ع)

سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ سيشن دوران 3 مارچ 1943ع ۾ جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي.هيءَ اسيمبلي سرڪار کي سفارش ٿي ڪري ته ھو پنھنجي شھنشاھي حڪومت کي عزت ماب وائسراءَ جي معرفت بادشاھ سلامت جي حڪومت کي صوبي سنڌ جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهشن کان واقف ٿي ڪري ته جنهن صورت ۾ هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو مذهب فلسفه حيات، سماجي رسمون، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي عقيدا هندن کان جداگانه آهن. تنهنڪري هو هڪ جداگانه قوم جي حيثيت ۾ ان خطي زمين ۾ جتي هو اڪثريت ۾ آهن پنهنجي آزاد، خودمختيار ۽ قومي حڪومت قائم ڪرڻ جا حقدار آهن. تنهنڪري هو پرزور طريقي سان اظهار راءِ ڪن ٿا ته کين اهڙو ڪو به آئين قبول ڪو نه ٿيندو جو کين هڪ مرڪزي حڪومت ۾ ٻئي اڪثريت رکندڙ قوم جي ماتحت ڪري. ايندڙ حالتن ۾ زندگيءَ کي آزاديءَ سان گذارڻ لاءِ ضروري آهي ته کين پنهنجون قومي ملڪيتون هجن. تنهنڪري اهڙي ڪابه ڪوشش جا هندستان جي مسلمانن کي سندن مرضيءَ خلاف هڪ مرڪز جي ماتحت ڪندي جيڪو خانه جنگي ۽ خطرناڪ نتيجن جو مظهر هوندي. هي ٺهراءُ 1943 تي پيش ڪيم ۽ پاس ٿي ويو. جنهن جي جملي مسلمان ميمبرن حمايت ڪئي جڏهن ته صرف ٻن هندو وزيرن ۽ سندن هڪ پارليماني سيڪريٽري ان جي مخالفت ڪئي. آزاد هندو گروپ جا ميمبر احتجاج طور اسيمبلي ڇڏي هليا ويا.هن تاريخي قرارداد جيڪا 3 مارچ 1943ع تي موجود 38 ميمبرن مان 24 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ۽ صرف 3 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي ٽئي هندو هئا. جڏهن ته ڪجهه هندو ميمبرن اسيمبليءَ جو واڪ آئوٽ ڪيو،.جملي 35 مسلمان ميمبرن مان هن وقت 29 ميمبر ليگ ۾ داخل ٿي ويا آهن. ان اسيمبلي سيشن ۾ خانبهادر الله بخش سومرو پڻ ڪراچي ۾ ڪو نه هو ڪجھه  مسلمان ميمبرن جي جيل ۾ وڃڻ جي ڪري  سندن غير حاضريءَ جو فائدو وٺي مون سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو.

جي ايم سيد ( نئين سنڌ لاءَ جدوجهد صه 121 )

جي ايم سيد جو جو سنڌ اسيمبليءَ جو اهو ٺهراءُ آل انڊيا مسلم ليگ لاءِ تمام گهڻو اهميت رکندڙ هو، ڇو ته ٻه سال پهرين 11 مارچ 1941ع تي پنجاب جي وزيراعلي سر سڪندر حيات خان مسلم ليگ جي 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ کان ڦري ويو هو. ۽ هن پنهنجي جولاءِ 1939ع جي اسڪيم مطابق هندستان پنجن زونل فيڊريشنن تي مشتمل ڪنفيڊريشن جي قيام جي مطالبي کي ورجايو هو. وري 12 اپريل 1942ع تي ڪرپس پلان تحت هندستان کي (Dominion Status)  جي آڇ ڪئي وئي هئي. ۽ اهو واعدو ڪيو ويو هو ته جيڪي صوبا ان ڊومينين ۾ شامل ٿيڻ نه چاهيندا تن کي پنهنجو الڳ ڊومينين قائم ڪرڻ جو حق حاصل هوندو

جي ايم سيد جي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کان پوء پاڪستان کي ڌار ملڪ بنائڻ ، ھندستان جي ٻين رياستن جي ماڻھن کي ھتي اچي رھڻ جي باقائدھ دعوت ڏني وئي ته ھو ھتي اچي رھن  ۽ ھتان جي مسلمانن جي مدد ڪن ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو 31 هون ساليانو اجلاس 24 ڊسمبر1943ع تي ٿيو. هن اجلاس جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي هئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. اسٽيج تي ساڻس گڏ استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين جي ايم سيد ۽ نوابزاده لياقت علي خان، يوسف هارون، پنجاب جو وزير اعلي خضرحيات، سرحد صوبي مان نواب بهادر يار جنگ، محترمه فاطمه جناح، ليڊي هارون، بيگم طاهره اعجاز آغا شامل هئا. جي ايم سيد پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ سنڌ ۽ مختلف دريائن جي ڪنارن تي پاڪستان قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اوهان سڀني جو سنڌ جي ڌرتيءَ تي اچڻ جو ٿورائتو آهيان. سنڌوءَ مان منهنجو مطلب ايشيا جو اهو ڀاڱو آهي جيڪو درياءِ سنڌ ۽ ان سان لاڳو ملڪ آهي. قديم زماني ۾ جدا جدا ملڪ سڏبا هئا. سنڌوءَ ۾ سرحد، ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ صوبو شمار ڪيا ويندا هئا. ليڪن جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن ان نالي وارا ملڪ ايراضيءَ ۾ گهٽبا ويا تان جو هاڻي درياءِ سنڌ فقط آخري حصي واري ايراضيءَ تائين آهي. اڄ ان حقيقت کان واقف رهي اسين انهيءَ منزل ڏانهن ٻيهر وکون  وڌائي رهيا آهيون.  جنهن ۾ سنڌ جا اهي حصا وري ملي هڪ ٿي ويندا جنهن جو راز پاڪستان جي پياري نالي ۾ لڪيل آهي.

ھن هندن جي ڪردار تي نڪته چيني ڪندي چيو ته  ” مسلمانن کان خريد ڪريو“ جي تحريڪ جڏهن اسان شروع ڪئي ته هنن ( هندن) هاءِ گهوڙا مچائي ڏني. هنن ظاهر ثبوت ڏنو ته اسان جي انهن دوستن ۾ قوميت جو احساس بلڪل ڪونه آهي. اسان جا مسلمان دولت خواھ هنر ۾ پوئتي پيل آهن.

جي ايم سيد هندستان جي ٻين مسلمانن کي دعوت ڏني ته هو سنڌ ۾ اچي آزاديءَ جي تحريڪ کي زور وٺائين ۽ سنڌ ۾ اچي تجارتي ۽ هنري سرگرميون وڌائين. هتي اچي پيسو سيڙائين، ڪاروبار ڪن ۽ هنري ڪارخانا قائم ڪن. جيڪي هتان جي غير مسلم جي قبضي ۾ آهن. انهيءَ لاءِ اچي اسان جي مدد ڪن. هن تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته، ”پاڪستان جي صورت ۾ جيڪي هند جي مسلمانن نيڪ ڪوششون ڪيون آهن تن جو مون کي پورو پورو اعتراف آهي. هن زمين جا باشندا  قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن  حالتون پڻ سازگار آهن مگر اسان کي ضرورت مخلص ڪارڪنن ۽ سرمائي جي آهي. مخلص ڪارڪن مان مراد اهي مرد ۽ عورتون آهن جيڪي ملت ۽ مذهب خاطر اچي هن ملڪ ۾ خدمت ڪن. سرمائي مان منهنجي مراد آهي ته هند جا مسلمان سرمائيدار آئنده پنهنجي تجارتي ۽ هنري سرگرميون هن سر زمين ڏانهن منتقل ڪن جيئن آئنده لاءِ هي ملڪ پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجي ضرورت جي پوري ڪرڻ ۾ پاڻ خود ڪفيل ٿي سگهي. اهي خاميون دور ڪرڻ ۾ هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهن ٿا. جي ايم سيد ٻين صوبن جي اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي گذارش ڪئي ته، ” اهي پنهنجي صوبن مان هجرت ڪري هتي اچن جيڪي اقليتي مسلمان صوبن ۾ رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته اتي هنن  کي ترقي ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملندا هتي اچي اسان جي مدد ڪن.جيئن مسلمان گڏجي پنهنجي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيون. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ هن چيو ته، “ قوم کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ هيٺيون ٽي ڳالهيون درڪار آهن،

ٻي ضرورت پوڻ جي ڪري اوهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. هن ملڪ جا رهواسي گهڻو ڪري زراعت پيشه آهن ۽ واپار ، ڪارخانيداريءَ کان اڻواقف آهن. اوهان جو پيشو ۽ تجربو اسان جي اها خامي دور ڪري سگهي ٿو. اسان توهان کي هر قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. توهان جي ان ڪم کي توهان جي لاءِ آسان ڪري ڏيڻ لاءِ ”مسلمانن کان خريد ڪريو“ جي تحريڪ اڳي ئي شروع ڪري چڪا آهيون. خدا تعالى جي فضل سان انهي تحريڪ چڱو اثر پيدا ڪيو آهي. انهي تحريڪ کي منزل تي پهچائڻ لاءِ ضرورت صرف سرمائي ۽ تجربي جي آهي. جنهنڪري اسان کي اميد آهي ته هن باري ۾ توهان اسان جي دستگيري ڪندا. جنهن ۾ اسان جي مخلص ڪارڪنن، مسڪين هارين ۽ غريب مزدورن کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ منظم ٿي ان اقتصادي ۽ سياسي بهتري واسطي سڀ ممڪن ڪوشش ڪن ته جئين مخالفن جي فتني ۽ شرارت کي هميشه لاءِ روڪي رد ڪري ڇڏجي.( جي ايم سيد جي آجياڻي جي تقرير، روزنامه الوحيد ڪراچي ڊسمبر 25، 1943 )

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.