من ۾ الله سو تن ۾ الله "سچل سائين” 

تحرير: فياض حسين راڄپر

تاريخ جي ورقن کي اٿلائينداسين ته سُڌ پوندي ته معاشرتي  زندگيءَ  کي گذاريندي ڌرتيءَ جي مٿاڇري مٿان جڏهن  به جتي به ڪو روز ظلم ظاهر ٿيندو آهي تڏهن اُتي ڪو جوڌو جوان بهادر انسان سرويچ صوفي سَنت جنم وٺندو آهي جيڪو پنهنجي همٿ حوصلي ۽ هنر وسيلي زور ظلم جي زمين مٿان رھواسين لاءِ سندس دردن جي دوا بڻبي آهي. اهڙا تمام گهڻا مثال موجود آهن مروند جي شهر مان حضرت لعل شهباز قلندر جو سونهاري سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ اچڻ، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ حضرت سچل سرمست رح جو جنم وٺڻ، سچل سائين ننڍپڻ کان وٺي تخليق ڪائنات ۽ سندس رنگن تي غور و فڪر ڪندي حقيقت تائين پهچڻ چاهيندو هو.

سندس زندگيءَ جي انهيءَ عمل پوءِ واري ڪندي جسماني روحاني ۽ فڪري طرح ڌيان گيان وسيلي وڌندي رهي. هو هميشه چاهيندو هيو ته کيس هر شيءِ جي شناسائي ملي ته اُها ڇا آهي ڇو آهي؟ ۽ انجي هن سنسار منجھه سندس ڪهڙي اهميت ۽ حيثيت ۽ فاديت آهي هو چاهيندو هيو ته کيس انساني زندگيءَ جي مختلف پاسن جي به سُڌ ملي عبادت رياضت وسيلي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي عام ڪيو. جيئن اٻوجهھ ڀليل انسان شعوري طرح سجاڳ ٿي حق ۽ حقيقت کي سمجهي وک وڌائين. سندس شاعري ۾ رندي رنگ، مستي وڪيف، انتظاري ۽ بي قراري سونهن ۽ سندس ساراھ، محبت ۽ سڪ، پاڻ سڃائڻ واري عمل سان گڏ ڪيترن ئي ڳجهين ڳالهين تان پردو پري ڪندي بيباڪي ۽ بلند آواز سان بيان ٿيل آهن..

ڪلهوڙن جي جي دور ۾ ڀرڀاسي وهنوار واپار ۾ پوکي لُڻي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ وسيلي اٻوجھه عوام ۾ سجاڳي ۽ بيداري پيدا ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي سندس اهڙي عمل تي وقت جا حاڪم ڏمرجي سچل سائين کي تڪليفون به پهچايو پر هن ماڻهن جي شعوري سگهھ کي جاڳائڻ وارو عمل جاري رکيو. سچل سائين جي شاعري ۾ جن ڳجهين ڳالهين کي پڌرو ڪيو آهي اهي مختصر هجن ته انهن کي گڻپ ڪجي پر سندس سموري شاعري اهڙي ڳالهين لفظن،  نقتن، گفتين سان ڀريل ملي ٿي اهڙن ڳجهين ڳالهيون جڏهن پردي مان پڌريون ٿيون ته ٻڌندڙ انسان حيرت جو اهڃاڻ بڻجي ويو. سچل سائين جي اوٺن واري شاعري يا سنيئن سنڌي ، الهامي يا مجازي جو محور مرڪز هڪ "جڳ جوڙيندڙ ۽ سنسار جي هر ننڍي وڏي شيءِ ۾ سندس جلوا ” مالڪ جي مهر حاصل ڪرڻ لاءِ اٻوجهھ انسان کي راھ رستو  به ڏس گس ٻڌايل آهي ته ڪئين ۽ ڪهڙي طرح مالڪ جي مهر حاصل ڪري سگهجي ٿي..

جهڙي طرح سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي جهڙ ۾ سمائجي آسمان تائين پهچندو آهي ۽ اُتان وري مينهن جي صورت ۾ زمين تي وسندو آهي زمين کي سيراب ڪندي منجهس لڪل گلن ٻوٽن وڻن، ٽڻن جي آبياري ڪندي ڪجهه پاڻي جر بڻجي ۽ ڪجهه ندين نالين وسيلي سرندي ٻيهر سمنڊ وڃي سمائجي ويندو آهي يعني سمنڊ جي پاڻيءَ جي صورت هڪ ميهن واري صورت، وڻ ٽڻ جي آباديءَ آبياري جي صورت يا جر واري ۽ ندين نالن واري صورتن ۾ سمنڊ تائين پهچڻ يعني مالڪ هڪ سندس جلوا جدا جدا

سچل سائين ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته "سڀاڻ لسي، ڏهي مکڻ اهي صورتون جدا جدا آهن پر سندن محور ۽ مرڪز هڪ ئي آهي.” کير "مطلب سائين ساڳيون درشن ڌارون ڌار، ڀلاري ڀٽ ڌڻي رح چواڻي” جاڏي ڪيا پرک ، تاڏي سڄڻ سامهون "ويچارڻ واري ڳالھ اها آهي ته انھي سڄڻ تائين پهچجي ڪئين.؟انهيءَ حوالي سان ڀڳت ڪبير پنهنجي گيان جي گهرائي مان ٻڌائي ٿو ته سچ چوڻ ٻڌڻ جهڙي رياضت ٻئي ڪونهي ڪوڙ ڪُپت جهڙو گناھ ڪونهي جنهن جي من اڇائي سچائي ان جي من ۾ خود خدا هوندو آهي.حضرت سچل سرمست رح فرمائي ٿو ته "محبوب ڳولي ڏس من الله، من الله سو تن ۾ الله” سڄڻ جو ديرو ته تنهنجي من اندر آهي پوءِ تون پريشاني جي عالم ۾ آباديءَ ڇڏي ويراني ۽ پڪ ڇڏي پريشاني ۾ ٻين پاسن ڏانهن ڇو ٿو ڍوڙين پيو تون رڳو غور ۽ فڪر ڪندي پنهجي اندر  جهاتي پائي ته سڄڻ سامهون آهي

سچل سائين مالڪ جي حقيقي هيڪڙائي سمجهائيندي انسان جي به رهنمائي ڪندي چيو ته تون پاڻ کي حقير ڇو پيو سمجهين توکي ته اعليٰ  مقام مليل آهي کيس پنهجي عظمت ۽ اعليٰ حيثيت کان به روشناس ڪرائيندي چيو ته ٻين جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندڙن کي پيار پريت ۽ پنهنجائپ سان سمجهيو ٻين جي واکاڻ ڪرڻ ۽ انهن کي سڀ ڪجهه سمجهڻ بجاء تون پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهه چيو ويندو آهي جنهن پاڻ سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو جنهن رب کي سڃاتو تنهن سڀ کي سڃاتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.