ڪيجريوال جيل ۾ رھي ڪري حڪومت ھلائيندو

اروند ڪيجريوال سپريم ڪورٽ ۾ پنھنجي گرفتاري خلاف ڏنل درخواست واپس وٺي ڇڏي.کيس خميس ڏانھن تحويل ۾ورتو ويو هو. هن خلاف ڊگهي وقت کان ڪرپشن جاچ  ھلندڙ آھي. عام آدمي پارٽي پنهنجي اڳواڻ جي گرفتاري کي بي جي پي، پاران ”سياسي سازش“ قرار ڏنو آهي.ڪيجريوال ھندستان ۾ رياست دهلي جو وڏو وزير ۽ مخالف پارٽين جي چونڊ اتحاد جو اڳواڻ آھي،اروند ڪيجريوال جي گرفتاري  رياست ۾ 2022 شراب جي پاليسي ۾ مبينا بي ضابطگين جي سلسلي ۾ڪئي وئي آھي.

عام آدم پارٽي ڪيجريوال جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ھو. ھندستاني سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڪيجريوال جي وڪيل اڀيشڪ منو سنگھوي، عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل پنهنجي درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جاچ لاءِ رمانڊ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.ڪيجريوال جي حامين جو چوڻ آهي ته سندس گرفتاري جو مقصد ايندڙ مهيني جي عام چونڊن کان اڳ وزيراعظم نريندر مودي کي چيلنج ڪندڙن کي رستي تان ھٽائڻ آھي.اروند ڪيجريوال  ملڪي اپوزيشن بلاڪ جي ڪئين اڳواڻن ۾ شامل آھي.جيڪي جاچ ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھن.

جمعي واري ڏينھن 22 مارچ تي پوليس ڪيجريوال جي گرفتاري  خلاف عام آدمي پارٽي جي امڪاني ڪال جي موقعي تي دهلي هيڊ ڪوارٽر جي سامهون رڪاوٽون کڙيون ڪيون ھيون.ڪيجريوال جي حڪومت تي 2021 ۾ شراب جي آزاد وڪري  جي پاليسي تيار ڪرڻ ۽ ان ڪاروبار تان حڪومت ھڪ ھٽي ختم ڪرڻ  تي عمل ڪيو ھو.بعد ۾ جنھن کي ٻئي سال ئي ختم ڪيو ويو ھو.ان ڏس ۾ مٿس بدعنواني جو الزام آھي.اھو ڪيس ٽي سال پراڻو آھي.ان سلسلي ۾ڪيجريوال جي ٻن اهم اتحادين کي ڪرپشن جي الزام جي نتيجي ۾ جيل موڪليو ويو آھي. 55 ورھين جو ڪيجريوال اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان نئين دهلي رياست جو وزير اعلي آهي.هو پهريون ڀيرو ڪرپشن خلاف سخت ترين موقف رکندڙ شخص طور وڏو وزير بڻيو هو.ڪيجريوال پڻ انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري ڪيل پڇاڻي وارن ڪيترن ئي سمن خلاف مزاحمت ڪئي هئي.

دهلي جي تعليم واري وزير آتيشي مارلينا سنگهه چيو آهي ته ڪيجريوال پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏني آهي. ھن چيو تھ اسان اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيو ھو تھ اروند ڪيجريوال  جيل مان حڪومت هلائيندو.تامل ناڊو جي وڏي وزير ۽ ملڪ جي اپوزيشن اتحاد جي ميمبر،ايم ڪي اسٽالن چيو ته ڪيجريوال جي گرفتاري هڪ مايوس ڪندڙ سياسي انتقام جو ڪارنامو آھي.ھن چيو تھ ،بي جي پي، جي ڪنھن بھ اڳواڻ کي جاچ يا گرفتاري کي منھن نٿو ڏيڻو پوي. جنھن مان طاقت جي غلط استعمال ۽ جمهوريت جي زوال جي خبر پئي ٿي.

جمهوريت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪا جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ”فريڊم ھائوس“ ھن سال جي شروع ۾ چيو ھو تھ سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.مودي جي حامي ميمبر جي چوڻ تي  هندستان جي اپوزيشن ڪانگريس پارٽي جي سڀ کان اهم اڳواڻ راهول گانڌي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ھو.جنھن کي،عدالت جي ٻڌايل سزا سبب پارليامينٽ جي ميمبر طور نااهل قرار ڏنو ويو ھو.عدالت پاران ڪيس کي معطل ڪرڻ جي  فيصلي بعد ھو وري ميمبر طور بحال ٿيو.اھڙي واقعي هندستان ۾ جمهوري اصولن تي عمل ڪندڙ دنيا جي وڏي جمھوري ملڪ ۾ جمھوريت جي نظام تي ڳڻتي پئدا ڪئي.ڪيجريوال ۽ راهول گانڌي ٻئي اڳواڻ ٻن درجن کان وڌيڪ اپوزيشن پارٽين جي قومي اتحاد جي قيادت ڪندڙ اڳواڻ آهن.گڏيل اتحاد اپريل کان جون تائين هندستان جي قومي چونڊون  ۾ حصو وٺندو.بھرحال ڄاڻايل اتحاد جي مودي کان کٽڻ جي گھٽ ئي اميد آھي.

ڪيترائي تجزيه نگار نريندر مودي کي ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصي  تائين اقتدار ۾ رھڻ  بعد ايندڙ چونڊن ۾ سندس ڪاميابي سان ڀيٽي رھيا آھن.ان جو هڪ سبب اهو آهي ته سندس پارٽيءَ  هندو اڪثريتي آباديءَ ۾ مقبوليت ۽ هندو قومپرستي کي ھوا ڏيڻ واري سياست اختيار ڪئي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.