الوداع راشد ڪريون ٿا ، ساٿ کان …..!!

اڄ 24 هين مارچ جو ڏينهن آهي.اڄوڪي ڏينهن 2014 تي سنڌ ڌرتي کان هڪ ارڏو مزاحمتي ،باغي شاعرسائين راشد مورائي جسماني طور تي 70 سالن جي ڄمار ۾ وڇوڙو ڪري ويو هو.

پراڄ به سڄي سنڌ ۾ هزارين راشد مورائي سان پيار ڪندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا ٿا اچن جيڪو ماڻهو هن ڌرتي تي پيدا ٿيو آهي.ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن موت جو مزو وٺڻو آهي۽ ان جي ڪري به شايد سائين راشد پنهنجي سٽن ۾ چيو آهي

الوا ع راشد ڪريون ٿا ،ساٿ کان زندگي ان موڙ تي پهچي وئي

شاعري ڏات آهي.پرهيءَ ڏات به هرشاعر کي پنهنجي ڏاءُ ۽ ٿانو جيتري ملي ٿي ڪٿي اڏ جيتري اوت ڪٿي واهڙ وارا وهڪرا ته ڪٿي بنهه مهراڻ جون موجون

جئين راشد مورائي جون هيٺيون سٽون آهن

اسين گهڙي پل جا ونجهارا راشد

رڳي ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين

تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين

ڀور آهيون وٺي سرهان هليا وينداسين

هن  سنڌ جي مزاحمتي باغي شاعر مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ 5 مارچ 1944ع سائين سيد خادم علي شاهه “خادم” جي گهر ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي ڀڪن ۽ آنڀن پچندڙ  وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:-

آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي،

هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾!

سائين راشد 1974ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪر سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجيندو رهيو. سندس گونجندڙ آواز جي گونج صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، ڪڏهن به هن آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو. هن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو تمام گهڻو فڪر هوندو هو.

سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا.

راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ رکندڙن لاءِ درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته:

پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو،

لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو.

قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو روح سندس جسم ۾ سڄي عمر اهوئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد خادم علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا هن رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا.

سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (1) سنڌڙيءَ جو سوداءُ، شاعري (2) مينديءَ سندا گيت شاعري ٻه ڇاپا (3) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (4) ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (5) درد ۾ دلجوئي شاعري (6) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (7) ڪافيون گيت غزل شاعري (8) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (9) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا (10) خط خوشيءَ مان کول، خط (11) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات ۽ (12) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) شامل آهن. لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن.

 

سائين راشد 1974ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪر سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجيندو رهيو. سندس گونجندڙ آواز جي گونج صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، ڪڏهن به هن آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو. هن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو تمام گهڻو فڪر هوندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.