پاڪستان ۾ صحافين جي قتل جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي: سي پي جي

اسلام آباد(م ڊ) ڊي ڊبليو مطابق پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪندڙ صحافين خلاف حملا، کين ڌمڪيون ڏيڻ ۽ انهن سان آن لائن بدسلوڪي جون شڪايتون عام ٿي چڪيون آهن، گذريل مهيني 40  کان وڌيڪ صحافين ۽ يوٽيوبرز  کي اختيارين پاران طلب ڪري کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، آمريڪي ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس(سي پي جي) جي ڊيٽا مطابق هن ملڪ ۾ 1992ع کان هيل تائين 64 صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي، سي پي جي پاڪستاني اختيارين تي زور ڀريو آهي ته هلندڙ مهيني قتل ٿيل صحافي ڄام صغير احمد لاڙ جي قتل جي جاچ تيز ۽ شفاف طريقي سان ڪرائي وڃي ،پاڪستان ۾ صحافين جي بي رحماڻي قتل ۽ پوءِ سزا کان بچي نڪرڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.