ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، ڏينهن ڏٺي جو رڪشا ڊرائيور اغوا

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ نوجوان سبزي منڊي مان مبينا اغوا ۽ بازياب خبر موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان سبزي منڊي وٽ نامعلوم هٿياربندن پورھيت رڪشو هلائيندڙ شاه محمد چاڇڙ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.نوجوان جي اغوا ٿي وڃڻ بعد شهر ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو ۽ نوجوان جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا.جڏهن ته شهر جي مصروف سبزي منڊي وٽ پوليس پڪٽ ھجڻ باوجود اھلڪارن ڪا به مزاحمت نه ڪئي سري عام ڌاڙيلن پورھيت کي اغوا ڪري ويا.شهرين جو چوڻ هو ته اهڙي وارداتن کي روڪڻ م پوليس ڏوھارين آڏو بيوس بڻيل آھي.هوڏانهن مغوي جي بازيابي لاءِ چاچڙ برادري جي ماڻهن پاڻ ڪوششون ورتيون.ڪنڌڪوٽ . مبينا اغوا ٿيل پورھيت کي 5 ڪلاڪن بعد چاچڙ برادري جي چڱي مڙس اصغرخان چاچڙ جي پٽ لال خان چاچڙ ڪوشش وٺي ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو.بازياب ڪرايل جي گھر ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.