1940ع وارو ٺهراءُ عملي طور ڇو نظر نٿو اچي

ڪي سوال ۽ مسئلا بظاهر جيڏا ڏکيا سمجهيا ويندا آهن ته انهن جا جواب وري اوڏا ئي سهنجا هوندا آهن. اهڙو ئي هڪ سوال ۽ مسئلو اڌ صدي کان جوابيل هوندي به سواليه نشان بڻيل آهي. اهو سوال ۽ مسئلو اهو آهي ته 77 ورهيه گذرڻ باوجود پنهنجو ملڪ پنهنجي پيرن تي ڇو بيهي ناهي سگهيو ۽ هر دور ۾ اهو نازڪ دور مان ڇو پيو گذري.؟ انهيءَ سوال ۽ مسئلي تي ايئن به ناهي ته ڪا ٽيپا ٽپڻي ناهي ٿي، ڪو بحث مباحثو يا مڪالمو ناهي ٿيو، يا ان جو ڪو حل ڳولهجي ناهي سگهيو پر اصل مسئلو اهو آهي ته ملڪ جي هڪڙين مخصوص اقتداري طاقتن کي پنهنجن خسيس مفادن ڪري ان حل ڏانهن وڃڻو ئي ناهي. انهن مخصوص اقتداري طاقتن کي بس پنهنجا ئي مفاد پيارا آهن ۽ پنهنجن ئي مفادن جي دائري ۾ رهڻو آهي. نه ته ملڪ کي سنئين دڳ لائڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. ملڪ کي سنئين دڳ لائڻ يا پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو سولو حل آهي ته ملڪ کي اِنَ ٺهراءُ تحت هلايو وڃي جنهن ٺهراءُ تحت ان جنم ورتو هو يعني 1940ع وارو ٺهراءُ ئي سڀني مسئلن جو حل آهي پر هڪڙين مخصوص اقتداري طاقتن جا مفاد 1940ع جي ٺهراءُ سان حاصل نه پيا ٿين 1940ع واري ٺهراءُ کي پٺي ڏئي ڪري ملڪ کي سڄي ڄمار نظريه ضرورت تحت هلايو ويو. ان نظريه ضرورت تحت جنهن ۾ سندن مفادن کي هٿي ملندي هجي. ايئن ڪرڻ سان انهن مخصوص اقتداري طاقتن جو ته ڀلو ٿيو، انهن جي مفادن کي ته ترقي ۽ خوشحالي ملندي رهي پر ملڪ ۽ عوام جو مقدر تباهي بڻجي وئي.

اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه اهي ته اسان هر 23 مارچ جو قومي ڏينهن ته ملهائيندا آهيون پر پنهنجي ضمير کان اهو سوال ناهيون پڇندا ته جنهن 1940ع وارو ٺهراءُ واري ڏينهن کي قومي درجو ڏيون ٿا سو 1940ع وارو ٺهراءُ هاڻي ڪٿي آهي، جنهن 1940ع واري ٺهراءُ تحت هي ملڪ وجود ۾ آيو آهي تنهن جي روح پٽاندڙ هي ملڪ آخر ڇو نٿو هلي، اهو ٺهراءُ آخر تاريخ جي ڪهڙي ڪٻاڙخاني ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي ۽ ڇو؟

سو 1940ع واري ٺهراءُ کي جنهن ڏينهن کان پُٺي ڏني وئي آهي تڏهن کان هي ملڪ پنهنجي اصل رستي تان ٿڙي ويو آهي ۽ بربادي جي ڌٻڻ ۾ مڪمل طور تي گپجي چڪو آهي. ايئن به ناهي ته ڪو ان تاريخي مسئلي يا ان جي حل جي نشاندهي ناهي ڪئي وئي پر اصل ڳالهه اها آهي ته ملڪ کي 1940ع جي ٺهراءُ تحت هلائڻو ئي ناهي ته پوءِ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ان کي قومي ڏينهن جو درجو پوءِ ڇو ڏنو ويو آهي جنهن ٺهراءُ جي عزت ئي ناهي ۽ جيڪو استعمال هيٺ ئي ناهي. پر جيڪڏهن ان ٺهراءُ تحت ملڪ کي هلايو وڃي ته جيڪر سڀ مسئلا حل ٿي وڃن. ان ٺهراءُ تحت هلڻ سان ملڪ  جي قومن ۽ صوبن جي قومي خودمختياري جو مسئلو به حل ٿي ويندو ته علحيدگي جو تحريڪون به  پوءِ نه رهنديون.

اها به حقيقت آهي ته هتي جيڪي ڌريون 1940ع واري ٺهراءُ جون حامي رهيون آهن تن کي ملڪ دشمن ۽ جيڪي ملڪ کي نظريه ضرورت تحت هلائيندا رهيا آهن تن کي وري ملڪ جو سڄڻ سمجهيو ويندو رهيو آهي. جڏهن ته نظريه ضرورت رڳو مخصوص طاقتن جي مفادن جو نگهبان آهي پر ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ وري 1940ع وارو ٺهراءُ آهي جنهن تي عمل نه ڪري ملڪ ۽ عوام سان ناقابل معافي زيادتي ڪئي پئي وڃي.

  • افسوس! حڪومت ڦرن جو ڪو نوٽيس ئي نه ٿي وٺي

هونئن ته ملڪ اندر ٻارهوئي لاقانونيت، بدامني ۽ ڦرن جا واقعا چوٽ چڙهيل آهن پر عيدن جي موقعن تي انهن ڦرن جي واقعن ۾ تمام تيزي اچي ويندي آهي. اخبارون پڙهجن ٿيون ته اهي ڪرائيم رپورٽون بڻجي ويون آهن، بدامني جي خبرن سان ڀرجي ويون آهن. پر مجال آهي جو حڪومت ڪو نوٽيس وٺي!

اسان هن سال چونڊيل حڪومتن کي تڏهن کان ئي گذارش ڪرڻ شروع ڪئي هئي. جڏهن ڪابينا ئي نه جڙي هئي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ ڦورن خلاف هنگامي بنياد تي آپريشن شروع ڪرڻ گهرجي پر افسوس ته حڪومت ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي روز وڌندڙ وارداتن جو نوٽيس وٺڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ٿي ڏيکاري.

اها صورتحال جتي حڪومت جي بي حسي ٿي ڏيکاري ساڳي وقت پنهنجي ناڪامي جو اعتراف به ڪري رهي آهي پر ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي اصلاح لاءِ پوءِ به تيار ناهي.  ان مسئلي جو حل يا ته اهو آهي ته عدالتون پاڻمرادو ان جو نوٽيس وٺن ۽ ذميوارن کي عدالت ۾ گهرائي کانئن پڇاڻو ڪن. اسان جي اليڪٽرانڪ ٽي وي چينلن کي به گهرجي ته اهي نج عوامي مسئلن تي ٽاڪ شوز ڪن ۽ ڦرن کي نه روڪي سگهڻ تي ذميوارن کي روز گهرائي کانئن پڇاڻو ڪن پر اسان جو ان حوالي سان به قبلو مٽجي ويو آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا عوام جا مسئلا اقتداري ايوانن کي ٻڌائڻ بدران حڪمرانن جا مسئلا عوام کي ٻڌائي رهيون آهن جنهن نتيجي ۾ حڪمرانن جا ته مسئلا حل ٿي رهيا آهن پر عوام جا مسئلا وڌندا ئي رهن ٿا.

اسان هن ايديٽوريل ذريعي حڪومتن کان سوال پڇنداسين ته آخر ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي وڌندڙ وارداتن جو ڇو نوٽيس نٿا وٺو، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي خلاف ڇو فيصلائتو آپريشن نه ٿو ٿئي؟ ڇا اوهان اهڙو آپريشن ڪرڻ نٿا چاهيو يا ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي آڏو اوهان ناڪام ٿي ويا آهيو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.