اعليٰ عھدا ۽ ڌانڌلي جا لڳاتار انڪشاف

تحرير: رفيق پٽيل

پاڪستان جي اشرافيا خاص ڪري حڪمران خاندانن وٽ اصل ۾ دولت ۽ عھدو ئي سڀ ڪجھه آھي.انھن کي ملڪ سان دلچسپيءَ صرف انھيءَ قسم جي  گھڻين رعايتن ۽ دولت جي سبب آھي.ڪنھن بھ نامناسب حالت جي لاءِ انھن اڳواٽ ٻاھرين ملڪن ۾ جائيدادن جي ذريعي محفوظ پناھ گاھون بڻائي ورتيون آھن.انھن کي خوب اندازو آھي تھ ھي ڪڪڙ ڪنھن بھ وقت ھنن لاءِ سونا بيضا ڏيڻ بند ڪري سگھي ٿي.حڪمران طبقن پنھنجي دولت جي باري ۾ جيڪو ڪجھ ظاھر ڪيو آھي.ان کي عام طور تي ڪوڙ تصور ڪيو وڃي ٿو.ظاھري طور انھن جا ڪاغذ درست ٿي سگھن ٿا.پر سندن ملڪي ۽ غيرملڪي ملڪيت ۽ ڪاروبار کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري سگھي.دولت ۽ عھدي جي اھميت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.پر ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چور دورازي جو سھارو و ٺڻ، جائز ۽ ناجائز جي پرواھ نھ ڪرڻ، اھڙا لاڙا آھن جيڪي  ڪينسر يا تباھي جي باھ جي صورت ۾ سماج ۾ پکڙجڻ لڳن ٿا. جنھن جي نتيجي ۾ خود اعليءِ عھدي تي فائز فرد بھ ان کان محفوظ نٿا رھن.

8 فيبروري جي چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام شديد مناسب حالتن،ڏکيائن ۽ رنڊڪن باوجود ان باھ کي پکڙڻ ۾ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي،تھ جئين معاشرو قانون جي حڪمراني،انساني حقن جي بحالي ۽ مھانگائي جي خاتمي جو پرپيچ  سفر شروع ڪري سگھي.پر 8 فيبروري جي رات نتيجا روڪي، 9 فيبروري بعد کان تاحال ڌانڌلي سان مڙھيل غيرنمائندا حڪومت قائم ڪئي وئي آھي.پاڪستان جي سڀني کان وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف،جماعت اسلامي ،جي ڊي اي،بلوچستان نيشنل پارٽي ۽ پشتون خواھ ملي عوامي پارٽي ھاڻي بھ چونڊن جي اصل نتيجن کي سامھون آڻڻ يا نئين چونڊن جي لاءِ عوامي تحريڪ ھلائي رھيون آھن.چونڊن ۾ عوام ڀرپور ڪوشش ڪئي تھ پاڪستان بھ ھڪ بھتر جمھوري ملڪ جي صورت ۾ سامھون اچي.جنھن ۾ انھن جا بنيادي حق محفوظ ھجن.عوام جي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اشرافيا جو ھڪ وڏو طبقو ۽ موروثي حڪمراني جي فلسفي تي عمل ڪندڙ جماعتون ھڪ جعلي ۽ مصنوعي نظام کي ملڪ مٿان مڙھي اعليٰ عھدن تي قابض ٿيو ويون آھن.

ھاڻي اھي پاڪستان ۾ ھاڻوڪي ڌانڌلي جي ڀيٽ اڳوڻي چونڊن سان ملائي ڪن پيون،جنھن جو مطلب ان مٿان پردي وجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ آھي. جنھن ۾ ھر قدم تي انھن کي ناڪامي نصيب ٿي رھي آھي.ڇاڪاڻ جو خود انھن جا ماڻھون ئي شاھدي ڏين پيا تھ ھتي وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي آھي.جڏھن تھ اليڪشن ڪمشن جي فارم 45 ۽ ھارائيندڙ اميدوارن جي فارم 45 جو تجزيو سامھون اچڻ لڳو آھي.جنھن سان ٽي وي تي بحث جاري آھي،جنھن ۾ حڪمران جماعت ۽ ان جي اتحادين کي وڌيڪ رسوائي کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.

مسئلو ھي آھي تھ عوام ۾ رڳو اھڙن بيانن کي پذيرائي ملي رھي آھي.جنھن ۾ ڌانڌلي جو ذڪر ۽ ھاڻوڪي حڪمران جماعت جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي.ڌانڌلي خلاف جاري عوامي تحريڪ ۾ عوام جي شموليت جو دائرو وڌندو ويندو ۽ سياستدان جيڪي ان ڌانڌلي وارن  حڪمرانن جو سڌو يا اڻ سڌو ساٿ ڏيندا.اھي پڻ عوام ۾ پنھنجي ساک وڃائي ڇڏيندا.عوام جي وڌندڙ ڪاوڙ ظاھر ڪري رھي آھي تھ اھي سمورا سياستدان جيڪي ھن وقت پنھنجي ٻاھرين ملڪ ۾ ملڪيت ۽ دولت جي ڪري عوام ۾ غيرمقبول ٿي چڪا آھن.انھن جا عھدا پڻ مشڪوڪ ٿي رھيا آھن.

زميني حقيقتن ۽ ميديا رپورٽن  مان جنھن عوامي رجحانن جي عڪاسي ٿئي ٿي. ان مان چٽو ٿي رھيو آھي تھ جلد يا دير سان اٽڪل بازي سان اقتدار ۾ آيل اڻ چونڊيل ارڪان ۽ وزيرن کي عوامي خواھشن ۽ چونڊ نتيجن جي سچائي کي تسليم ڪرڻو پوندو.جيترو عرصو اھي عھدن سان چھٽيل رھندا،انھن تي لڳل مينڊيٽ جي چوري ۽ فراڊ جي الزامن ۾ شدت ايندي ويندي.ھر گھٽي ۽ محلي ۾ انھن جي خلاف نعرا لڳي سگھن ٿا.جنھن کي طاقت سان دٻائڻ جي نتيجي ۾  انھن  خلاف نفرت ۾ وڌندي ۽ ملڪ ۾ اھڙو طوفان اچي ويندو.جنھن سان ملڪ جي اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جي اھم اڳواڻن کي ھر جڳهھ تي عوامي نفرت کي منھن ڏيڻو پوندو.

اڳوڻين چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي جي ڀيٽ ۾ ھن ڀيري ان تي عوامي ڪاوڙ ۽ ان جي شدت ان ڪري وڌيڪ آھي جو ھن ڀيري 10 جي انگ کي ڪيترن ئي ھنڌن تي 100 ۽ 100 جي انگ کي وري 1000 بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.اھڙي ڪاريگري وري سڀني جي سامھون پڌري ٿي ڪري  اچي وئي آھي.اھا ميڊيا ۽ عوام جي آڏو پڻ اچي وئي آھي.ھي ھڪ مرحلي وار ڌانڌلي ھئي،جيڪا چونڊن کان اڳ گرفتارين،چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ ۽ چونڊن مھم تي پابندي جي ذريعي پي ٽي آءِ کي چونڊ عمل کان ٻاھر رکڻ جي ڪوشش سان ڪئي وئي.بعد ۾ چونڊ وارن ڏينھن گذرڻ کانپوءِ نتيجا روڪي ڪري ريٽرينگ آفيسرن جي ذريعي نتيجن ۾ ھيرا ڦيري ڪئي وئي.ان دوران انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪئي وئي ۽ انھن قدمن جي ذريعي ٻاھرين ملڪ ۾ پاڪستان جو تشخص وڌيڪ مجروح تي ويو آھي.ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ پاڪستانين خاص ڪري آمريڪا ۽ اولھ جي ملڪن ۾ رھندڙ پاڪستان اتي جي ملڪن ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن،انصاف،عقيدن جي آزادي ۽ مذھبي رواداري کان متاثر آھن، اھي سمجھن ٿا تھ معاشي ترقي ۾ پڻ اھي عوامل ڪارفرما ھوندا آھن.ان ڪري اھي ملڪ ۾ اقتدار ۾ آيل حڪومت کان ناراض ٿي ڪري عمران خان جو ساٿ ڏين ٿا.چونڊن بعد انھن جماعتن جي بچيل سچيل ساک پڻ ختم ٿي وئي آھي.جنھن ڪري اھي جنھن مصنوعي پردي جي پٺيان  لڪي رھيا ھئا، اھو ھاڻي ڪري پيو آھي .حڪمران جماعتن اقتدار حاصل ڪري پنھنجو مذاق بڻائي ڇڏيو آھي.چونڊن جي اصل نتيجن کي قبول ڪري ڌانڌلي سان سيٽون حاصل ڪري اھي پنھنجي حامين جي نظرن ۾ پنھنجي مقام کان محروم ٿي ويا آھن.جيڪڏھن اھي نتيجن ۾ مداخلت نھ ڪن ھا تھ ۽ ڪجهھ سيٽون حاصل ڪري اپوزيشن ۾ ويھي رھن ھا تھ پنھنجي ساک کي بھتر ڪري پئي سگھيا.

چونڊن بعد جماعت اسلامي ۽ جميعت علماءِ اسلام ڌانڌلي جي خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ھو.ھن وقت ان سلسلي ۾ خاموشي آھي.جماعت اسلامي ۽ جميعت علماءِ اسلام شايد بي يقيني جي ڪيفيت جو  شڪار آھن يا ڪنھن دٻاءِ جي ڪري في الحال ڌنڌلي جي مسئلي تي ايترو زور نھ پيون ڏين.پر عوامي دٻاءِ جي ڪري مستقبل ۾ انھن کي عوامي خواھشن موجب فيصلو ڪرڻو پوندو.مھانگائي جو وڌندڙ طوفان ھن عوامي بي چيني ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رھيو آھي.

حڪومت جي  ميمبرن پاران پگھار نھ و ٺڻ جو مطلب اھو آھي تھ اھي آمدني جي ڪنھن ٻئي ذريعي مان ڪم ھلائيندا يا ممڪن طور تي ان سان بدعنواني کي ھٿي ملندي، اھڙي طرح جي اعلانن جي، ڊرامي بازي کانسواءِ ڪا حيثيت نھ آھي.اصل معاملو تھ رعايتن جو آھي،جنھن تي پگھار کان وڌيڪ خرچ اچي ٿو.جيستائين ڪارڪردگيءَ بھتر نٿي ٿئي،مھانگائي ختم نھ ٿيندي،امن امان نھ ٿيندو،عوام جي خواھشن جو احترام نھ ڪيو ويندو.ماڻھون مطمين نھ ٿيندا،مينڊيٽ چوري ڪري سيٽن تي قبضو واري الزام تي ماڻھون يقين ڪن پيا.اھڙي ڪيفيت ۾ حڪمران جماعتن جي اڳواڻن وٽ ان ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کانسواءِ ڪا صورت نھ آھي.حڪمران جماعتن کي سھارو ڏيندڙن کي بھ پڇتاءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهھ بھ حاصل نھ ٿيندو.مولانا فضل الرحمان پاران ڌانڌلي خلاف گفتگو ڪرڻ مان ظاھر ٿئي ٿو تھ اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جي سان ويجھڙائي جي سبب، جي يو آءِ ،کي نقصان رسيو آھي.شايد ڪجھ ماڻھون اھو سمجھي رھيا آھن تھ ڌانڌلي واري ڪارانٺ کي ھٿ لڳائڻ سان خود انھن جا ھٿ ڪارا ٿي سگھن ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.