زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”يارم پيارم“ جو فڪري پسمنظر

تحرير: زرار پيرزادو

مان ذاتي طور تي ڪنهن به اديب يا شاعر جي لکڻين ۽ شاعري پٺيان ان جي سوچ، ذهن يا اسڪول آف ٿاٽ کي ڳوليندو آهيان. ان معيار تحت ئي مون زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جي هن ڪتاب کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آهي. عام تاثر اهو هوندو آهي ته ليکڪ يا ليکڪا پاڻ ڪهاڻي يا ڪردار ۾ نظر نه اچي پر اهو ممڪن ناهي ۽ ايئن هئڻ به نه گهرجي.

شيخ اياز صاحب پاڻ پنهنجي ان ڳالهه تي ته الائي آخر تائين قائم هو يا نه پر مان سندس ان موقف سان متفق آهيان ته ”ادب برابر سماج جو عڪاس ٿئي ٿو پر سماج ڪيئن هئڻ گهرجي سو ٻڌائڻ به ادب جو ڪم آهي.“ جڏهن اهو نقطو اچي ٿو ته ان ۾ پوءِ  اديب جو پنهنجو نقطئه نظر به شامل ٿي وڃي ٿو يعني اديب غير جانبدار نٿو رهي سگهي.

زبيده ميتلو هڪ ئي وقت عورت به آهي، ليکڪا به آهي، وطن دوست به آهي، نقاد به آهي ته دانشور به آهي، ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽڊ به آهي. تنهن ڪري سندس ڪهاڻيون رڳو سماج جون عڪاس ناهن پر سماج کي تبديل ڪرڻ جو رول ماڊل به آهن. جيڪا ڪا عام نه پر  زبيده ميتلو جي غير معمولي ذهن جو مظهر آهن.

زبيده ميتلو سنڌي مئگزينن وانگر هڪ دور ۾ ڇپجي وري غائب ٿي وئي هئي. ۽ وري هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ظاهر ٿي ته سڀني نه رڳو سرهائي ڏيکاري پر کيس ڀليڪار به ڪيو.

زبيده ميتلو، ان غائب رهڻ واري دور ۾ ڄڻ ته شعوري طور تي جيئري مري ڏٺو آهي ۽ مري وري زنده ٿي آئي آهي. سندس سوچ جا ٻه جنم ٿيا آهن. هڪ روايتي سنڌي عورت واري سوچ جو جنم  جنهن کي هر پل گهٽ ۽ ٻوسٽ ملي ٿي ۽ بقول سندس ته ساهه کڻڻ به نٿو ڏنو وڃيپيرن ۾ زنجير پيل آهي، جتي اظهار جي آزادي تي پابندي آهي، آمريت آهي، سندس سوچ جو ٻيو جنم وري جلاوطني وارو آهي، سنڌ کان ٻاهر يورپ جي دنيا ۾ رهڻ وارو آزادي ۽ خودمختياري وارو ذهن ماڻڻ جو.

زبيده ميتلو هڪ جلاوطن ليکڪا طور جيڪو ڀوڳيو تنهن کي مان شعوري طور جيئري مرڻ ۽ مري جيئڻ وارو سندس انوکو تجربو ٿو سمجهان. جلاوطنيءَ ڪري هوءَ ڌرتي ۽ عوام سان جذباتي انداز سان ڳنڍيل نظر اچي ٿي. هن پنهنجي ڌرتي ۽ عوام کان پري رهي جيڪو ڀوڳيو آهي سو درد سندس ڪهاڻين ۾ پڻ نمايان نظر اچي ٿو.

انهن ٻن جنم وارين سوچن مان ڦٽي نڪتل، زبيده ميتلو جي فڪر ئي اصل ۾ سندس ڪهاڻي جي هن ڪتاب کي منفرد بڻائي ڇڏيو آهي جيڪڏهن سندس ڪهاڻين مان اهو فڪري پسمنظر ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ اهي ڪهاڻيون رڳو ڪهاڻيون ئي رهنديون جن مان ڪجهه به پلئه نه پوندو.

زبيده ميتلو جي لکڻين جو پسمظر اصل ۾ هڪ سماج، ان جي مدي خارج پٺتي پيل روين، ريتين رسمن سان شعوري مڪالمو آهي چئلينج آهي، تبديلي جي للڪار آهي، قومن جي حقن، اظهار جي آزادي جو ڪيس آهي، عورت کي انسان سمجهڻ واري جدوجهد جي پرچار آهي، مردن جي ڪوڙي فئمنزم جو اڇو چٺو آهي ته سنڌي قوم کي اگهور ننڊ مان اٿاري اهو ٻڌائڻ جو سبق آهي ته ”ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا“.

اهو فڪري پسمظر آهي زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جو جيڪو هن شعوري طور اوتيو آهي. سندس مقصد خالي لکڻ ناهي پر سندس لکڻ جو بنيادي ڪارڻ جمود جي شڪار سماج جي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائڻ آهي. اک الٽي ڌار جي پرچار ڪرڻ آهي، ستل مزاحمت کي جاڳائڻ آهي.

زبيده ميتلو جون ڪهاڻيون برابر ڊگهيون آهن. طوالت تي تنقيد ڪرڻ وارا مٿس تنقيد به ڪري سگهن ٿا پر هن شايد ڪهاڻي ۽ ڪردار جو ڪو پاسو رهائڻ نه پئي چاهيو ٻيو ته جيئن هن کلي طور سماج سان مڪالمو ڪيو آهي تنهن ڪري به سندس ڪهاڻيون وڏيون ٿي ويون آهن پر جيئن ته هيءُ نثر هڪ شاعره جو نثر آهي تنهن ڪري اهو لفظن ۽ جملن جي سحر ۾ وٺي وڃڻ ۾ به ڪامياب ٿي وڃي ٿو.

زبيده ميتلو صاحبه کي هڪ خاص مبارڪ ان ڪري به ڏيڻ چاهيندس ته هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي اهڙا لفظ لکي وري زنده ڪيا آهن جيڪي ناپيد ٿي ويا آهن يا ٿيڻ لڳا آهن. ان ٺيٺ سنڌي لکڻ تي کيس جس ڏجي ٿو.

ڪتاب اندر ليکڪا پاران واري ليک ۾ زبيده ميتلو لکي ٿي ته ” منهنجيون لکڻيون ٻين ايگزائل رائيٽرس سان گڏ ”لائبريري آف ايگزائيل“ برٽش ميوزم جي شيلفن تي ڀل رکيون وڃن، ڀل منهنجيون لکڻيون ترجمو ٿي ڪا ترجماني به ڪن پر سنڌ جا پڙهندڙ منهنجي لکڻين کي جي وقت ۽ دل ۾ جاءِ ٿا ڏين ته اهو منهنجي لاءِ بستين گهڻي اوليت ۽ اهمت رکندو“.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جو اهو ئي فڪري پسمنظر آهي، ان سنڌي سماج ۽ سنڌين لاءِ لکيو آهي تنهن ڪري  سندس ڪهاڻين جي هڪ هڪ لفظ ۾ ڪمٽمينٽ آهي ۽ سندس ڪو لفظ ڪمٽمينٽ بنا ناهي لکيل

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.