مرد ميسينجر تي گنديون تصويرون موڪليندا ۽ اڻ وڻندڙ مطالبا ڪندا آهن: هما قريشي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي چيو آهي ته هٿ چراند ۽ آن لائن هراسگي جي سزا هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، ڇو ته ٻنهي ۾ ڪو فرق ناهي.
هما قريشي دي ميل فيمينسٽ جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته مردن کي عورتن جي لباس، حسن ۽ وزن تي تبصرا نه ڪرڻ گهرجن، ڪيترائي ماڻهو مطالبو ڪندا آهن ته تيراڪي واري سوٽ ۾ تصوير رکو، مان سوچيندي آهيان ته ماڻهو اهو ڇا ڪري رهيا آهن؟ اهو افسوسناڪ آهي، منهنجي خيال ۾ جيئن روڊ تي ڇوڪريءَ سان هٿ چراند جي سزا آهي، آن لائن هراسگي تي به اهڙي ئي سزا هجڻ گهرجي، ڇو ته ٻنهي ۾ ڪو فرق ناهي.
هن چيو ته توهان منهنجي ذاتي ميسينجر ۾ گهڙي گنديون تصويرون موڪلي رهيا هجو يا منهجي پوسٽ تي اڻ وڻندڙ تبصرا ڪري رهيا هجو ته توهان کي به اهڙي ئي سزا ملڻ گهرجي، جهڙي روڊ تي بدتميزي تي ملندي آهي.
سندس چوڻ هو ته مان رڳو اهو چوڻ چاهينديس ته عورتن جي لباس، ميڪ اپ، اهي ڪهڙي زندگي گذارين ٿيون، ڪهڙو ڪم ڪن ٿيون، انهن جو وزن ڪيترو آهي، انهن سڀني ڳالهين تي تبصرا ڪرڻ بند ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.