پاڪستان زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پهچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پهچي ويو.
ٽي ملڪي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ راولپنڊي ۾ پاڪستان ۽ زمبابوي آمهون سامهون ٿيا، جنهن ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسون ٺاهيون، بابر اعظم 74، فاحبزاده فرحان 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته فخر زمان 27 رنسون ٺاهيون.
زمبابوي طرفان سڪندر رضا 2، ايوانس ۽ نگاراوا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 19 اوورن ۾ 126 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ريان برل 67 ۽ سڪندر رضا 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان عثمان طارق 4، محمد نواز 2، نسيم شاهه، وسيم جونيئر ۽ فهيم اشرف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ٽئي ميچون کٽي سيريز جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جڏهن ته زمبابوي ۽ سريلنڪا مان هڪ ٽيم فائنل ۾ پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.