اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ يورپي يونين هڪ گڏيل بيان ۾ افغانستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين تان ڪم ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائين.
اها اڳڀرائي پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ستين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي موقعي تي سامهون آئي، جيڪو برسلز ۾ ٿيو، اجلاس جي گڏيل صدارت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعليٰ سفاتڪار ڪايا ڪالاس ڪئي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسحاق ڊار ۽ ڪايا ڪالاس گذريل مهيني سرحدي ڇڪتاڻ کي ڏسندي اسلام آباد ۽ ڪابل وچ ۾ لاڳاپن تي گفتگو ڪئي، ٻنهي علائقائي امن، استحڪام، خوشحالي ۽ پاڙيسري ملڪن سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
بيان موجب ٻنهي ڌرين افغان اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اهي افغان سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪن.
بيان موجب يورپي يونين پاڪستان طرفان گذريل چئن ڏهاڪن کان لکين افغانين جي ميزباني ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندن واپسي محفوظ، باوقار ۽ عالمي معيار موجب ٿيڻ گهرجي.
بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين افغان اختيارين کان انساني حقن، خاص طور عورتن، ٻارن ۽ حساس طبقن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.
پاڪستان ۽ يورپي يونين جو افغانستان کان دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
You might also like