شرڌا ڪپور حادثي جو شڪار، فلم جي شوٽنگ روڪي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور جي پير جي آڱر ۾ فريڪچر ٿي پيو، جنهن کانپوءِ فلم جي شوٽنگ عارضي طور تي روڪي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ ڊگهو ڊانس سيڪوينس فلمائيندي شرڌا ڪپور جي پير جي آڱر ۾ فريڪچر ٿي پيو، ڊانس نمبر لاءِ هن ساڙهي ۽ زيور پاتا هئا.
ڊانس جي هڪ مرحلي ۾ هن غلطي سان سڄو وزن هڪ پير تي وجهي ڇڏيو ۽ توازن بگڙڻ سبب زخمي ٿي پئي.
هدايتڪار لڪشمن اوٽيڪر فوري طور فلم جي شوٽنگ روڪي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.