گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا جي مٿوسامي ۽ جينسن ڪيريئر بيسٽ اننگز کيڏي ڀارت کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو.
ڏکڻ آفريقا ٻئي ڏينهن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسن کان پنهنجي رهيل اننگز شروع ڪئي ته 334 جي مجموعي اسڪور تي ڪائل ويرين 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مٿوسامي ۽ جينسن ڀارتي بالرن آڏو ڀت بڻجي ويا.
مٿوسامي 109 ۽ جينسن 93 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيا، سائمن هارمر 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 489 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڀارت ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 9 رنسون ٺاهيون.
گوهاٽي ٽيسٽ: مٿوسامي جي شاندار سينچري، ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 489 رنسون ٺاهي آئوٽ
You might also like